ديھ ريڇل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ريڇل
Deh Reechhal

ديھ ريڇل جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا سيکاٽ ٿاڻو
تپو سيکاٽ
سروي نمبر 1 کان 261
مشهور ڳوٺ ڪوبہ نہ
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1960ع
لاڳاپيل ديهون ديھ چارج 19 سي، ديھ کيبراڻي، ديھ ابڙيجاڻي
مشهور شخصيتون ڪابہ نہ


ديھ ريڇل:Reechhal: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي سيکاٽ جي ھڪ ديھ جو نالو آھي.جيڪا 1960 ۾ قائم ڪئي وئي. 1980 تائين ان جي روينيو سروي نمبرن جو تعداد 1 کان 261 تائين ھيو.[1] ھن ديھ جا دنگ ديھ چارج 19 سي, ديھ ابڙيجاڻي، ديھ کيبراڻي ۽ درياءَ سنڌ سان لڳندڙ ٻيلي سان ملن ٿا. ھن ديھ ۾ ڪو بہ سرڪاري منظور ٿيل ڳوٺ ڪانہ آھي.اھا ڪچي جي ديھ درياءَ سنڌ جي ڪپ تي واقع آھي ۽ گھڻي ڀاڱي ٻيلي کاتي جي ملڪيت آھي.ھن ديھ ۾ بورڊ آف روينيو جي 1980 جي رڪارڊ مطابق ريڇل ڍنڍ سروي نمبر 214 لڳ موجود ھئي جتي 1927 ۾ درياءَ وھندڙ ھو. ديھ کيبراڻي کان ھڪ رستو مٽياري طرف ھن ديھ مان گذري ديھ ابڙيجاڻي ۾ داخل ٿئي ٿو.. ھن ديھ ۾ گھلو واھ پڻ گزري ٿو . ان کان علاوه نصير واھ نئون ۽ نصير واھ پراڻو بہ ھتان وھندا ھئا. درياءَ جي ڀرسان وارا سروي نمبر گھڻي ڀاڱي درياءَ ھيٺ اچي ويا آهن ان ڪري انھن سروي نمبرن کي درياءَ خوردي زمين قرار ڏنو ويو آهي.[2]انتظامي طور تي ھيء ديھ سيکاٽ ٿاڻي جي حدن ۾ شامل آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)