مواد ڏانھن هلو

ديھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديھ (انگريزي ٻولي: Deh / Mozeh)، جنهن کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ هندوستان توڙي بنگلاديش ۾ موزه چيو ويندو آهي،[1] اهو ايراضي جي ورهاست جي ننڍي ايڪائي آهي.[2] ديھ آبادگارن لاءِ زمين جي ورهاست، زمين جي مالڪي ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي حدن جي تعين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هر ديھ جو نالو ۽ نمبر مختلف هوندو آهي.[3]

بنگلاديش، پاڪستان ۽ هندستان جي ڪجهه حصن ۾، ”موضع" (Mauza) انتظامي علائقي جو هڪ قسم آهي جيڪو زمين جي هڪ مخصوص حصي تي مشتمل هوندو آهي؛ ان جي حدن اندر هڪ يا وڌيڪ وستيون ٿي سگهن ٿيون. 20هين صديءَ کان اڳ، هي اصطلاح محصول (revenue) گڏ ڪرڻ واري ان انتظامي ايڪائي لاءِ استعمال ٿيندو هو جيڪو "پرڳڻي" يا محصول جي ضلعي (ريوينيو ڊسٽرڪٽ) کان هيٺئين درجي تي هوندو هو.

ننڍي کنڊ ۾ "موضع" وارو نظام يورپ جي "مينوريل سسٽم" (Manoral System؛ جاگيرداري نظام جو هڪ قسم) جهڙو آهي. موضع جي سربراهه کي مستاجر يا پرڌان سڏيو ويندو آهي، جيڪو مينوريل سسٽم ۾ ”لارڊ آف دي مينور“ (جاگير جي مالڪ) جي برابر حيثيت رکندو هو.

جيئن جيئن آبادي وڌي ۽ ڳوٺ عام ۽ ترقي يافته ٿيندا ويا، تيئن "موضع" جي تصور جي اهميت گهٽجي وئي. اڄڪلهه اهو گهڻو ڪري "ڳوٺ" جو متبادل يا هم معنيٰ بڻجي چڪو آهي. مثال طور، ووٽرن جي اڪثر فهرستن ۾ هاڻي موضع جي بدران ڳوٺن جا نالا استعمال ڪيا وڃن ٿا.

جديد پاڪستان ۾، موضع جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي: "هڪ علائقائي ايڪائي جنهن جو الڳ نالو، مقرر حدون ۽ درست ماپيل رقبو هجي ۽ جيڪو مختلف پلاٽن/خسرن/سروي نمبرن ۾ ورهايل هجي." هر موضع جو هڪ زمين جي حدن جو نقشو هوندو آهي جيڪو زمين جي محصول جي رڪارڊ ۾ محفوظ رکيو ويندو آهي ۽ هر موضع جو هڪ "حدبست نمبر" به هوندو آهي (سنڌ کان سواءِ). موضع هڪ گڏيل يا ڇڙوڇڙ (پکڙيل) يونٽ ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي علائقي ۾ هڪ يا وڌيڪ آباديون (جن کي آبادي، وستي، ڍوڪ، ڳوٺ وغيره چيو ويندو آهي) موجود ٿي سگهن ٿيون. موضع غير آباد به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾، موضعن کي "ديھ" (Deh) چيو ويندو آهي.

پاڪستان

[سنواريو]

سنڌ جي ڪُل ديهن جو تعداد 6093 آهي.[4] سنڌ ۾ ديهن جي حدبندين جو تعين آپباشي جو بورڊ ڪندو آهي.[2]

ڀارت ۽ بنگلاديش

[سنواريو]

مغل دور ۾ پرڳڻن کي مختلف ديهن ۾ ورهايو ويو هو، پر آبادي جي گھڻائي سبب ديھ جي نالن جو استعمال گھٽجي ويو آهي ۽ ان جي جڳھ ڳوٺ توڙي شهرن جي نالن ورتو آهي.[1] آسام ۾ ديھ کي موزه چيو ويندو آهي ۽ ديھ جي اڳواڻ کي موزهدار چيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Islam, Sirajul (2012). Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A. (مرتب). Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ڇاپو). Asiatic Society of Bangladesh.
  2. 1 2 "Deh Maps". sindhzameen.gos.pk. حڪومت سنڌ. 1 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. "Pakistan Mouza Census 2008". pbs.gov.pk. Pakistan Bureau of Statistics. 1 July 2018 تي حاصل ڪيل.
  4. "List of Dehs in Sindh" (PDF). sindhzameen.gos.pk. حڪومت سنڌ. 1 July 2018 تي حاصل ڪيل.