ديھ سالارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ سالارو
Deh Salaro
فائل:سالارو.jpg
ديھ سالارو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو ھالا
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا سالارو ٿاڻو
تپو گھوٽاڻا
سروي نمبر 1 کان 272
مشهور ڳوٺ وڏو سالارو، ڳوٺ سھتا ۽ ڳوٺ پرھياڙ
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1962ع کان
لاڳاپيل ديهون ديھ ڇر ، ديھ راڄاڻي ، ديھ گھوٽاڻا ، ديھ کنڊو


ديھ سالارو : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي تپي گھوٽاڻا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ وڏو سالارو، ڳوٺ پليو پرھياڙ، ڳو پرھياڙ، ڳوٺ ساري جو، گروڏنو جي وسي، ڳوٺ سھتا واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آھي . ھن جون حدون ديھ گھوٽاڻا ۽ ديھ کنڊو، ديھ راڄاڻي ۽ ديھ ڇر سان ملن ٿيون.ھن ديھ جو قيام 1962 کان اول ٿيو بورڊ آف روينيو جي 1979 واري رڪارڊ مطابق ھن ديھ جي روينيو سروي نمبرن جو تعداد 1 کان 272 تائين ھيو[1]. ھي ديھ انتظامي طور تي سالارو ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ٿي.ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 59 ۾ اچي ٿي.ھن ديھ ۾ ھڪ وڏو بچاءُ بند آھي جيڪو ديھ کنڊو کان ديھ راڄاڻي تائين آهي پوري ديھ ۾ گذري ٿو جنھن جو نالو نظر کنڊو بند آھي. بند جي ٻئي پار ھن ديھ جو حصو ڪچي جي زمين ۽ ٻيلي تي مشتمل آهي جيڪي درياءَ سنڌ سان لڳن ٿا.درياھ جي لڳ ھجڻ ڪري ھن ديھ جي زمين جا ڪجهه حصا دريا خوردي آهن يعني درياءَ جي ھيٺان اچي ويا آهن.ھن ديھ مان ڪنھن دور ۾ سانگرہ واھ ۽ گھارو واھ وھندڙ ھئا جيڪي بعد ۾ ڦٽي ويا پر انھن جا ڪڙيا موجود آهن.سانگرہ واھ ديھ ڇر۽ راڄاڻي واري دنگن تي وھندو ھو.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)

حوالا[سنواريو]