ننڌيرو
ديھ ننڌيرو جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | اڏيرولال وليج ٿاڻو |
| تپو | اڏيرولال |
| سروي نمبر | 1 کان 126 |
| مشهور ڳوٺ | دريا خان ڏاھري |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| قيام | 1962ع |
| لاڳاپيل ديهون | ديھ ٺوڙھا، ديھ کورکاڻي، ديھ اڏيرولال، ديھ مري، ٽنڊي آدم تعلقي جي ديھ ٻيلاڙو |
___ديھ ننديرو جي سيٽلائيٽ تصوير
ديھ ننڌيرو يا ديھ ننديرو (انگريزي ٻولي: Nindero) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي اڏيرولال جي ھڪ ديھ جو نالو آھي، جنھن ۾ سروي نمبر 101 ۽ 102 جي وچ ۾ ڳوٺ دريا خان ڏاهري واقع آھن.
ھيء ديھ زرعي زمينن تي مشتمل آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ ٺوڙھا، ديھ کورکاڻي ، ديھ مري ،ديھ اڏيرولال ۽ سانگھڙ ضلعي جي ٽنڊوآدم تعلقي جي ديھ ٻيلاڙو سان ملن ٿيون. انتظامي طور تي ھي ديھ اڏيرولال وليج ٿاڻي جي حدن اندر آھي.
ھن ديھ جو قيام 1962 ۾ ٿيو ۽ 1981 تائين ھن ديھ ۾ 1 کان وٺي 126 روينيو سروي نمبر ھيا.[1] ھن ديھ مان سئي گئس جي پائيپ لائين ديھ ٻيلاڙو مان سروي نمبر 5 ۾ داخل ٿي سروي نمبر 112 مان گذري ديھ کورکاڻي ۾ داخل ٿئي ٿي. ديھ ٻيلاڙو وارو دنگ تي لاڳيتو علي بحر واھ وھي ٿو. اڏيرولال ۽ ٽنڊوآدم لنڪ روڊ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)