مواد ڏانھن هلو

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 1955ع ۾ اُن وقت جي وفاقي وزيراطلاعت ۽ نشريات پير علي محمد شاهه راشديءَ ذاتي توجهه۽ تحريڪ سان وجود ۾ آيو. ريڊيو حيدرآباد هڪ ڪلوواٽ جي ٽرانسميٽر سان، هومسٽيڊهال جهڙي عام ۽ ننڍري عمارت ۾ قائم ٿيو.مختصر عمارت، مختصر سامان. ۽ مختصر ماڻهو! پر انهن مختصر ماڻهو منڊل لڳائي ڇڏيا. ذوق سليم وارا ماڻهون ڇڪجي آيا. نوجوانن جا ميڙ لڳي ويا. آڊيش پيا ٿين، راڳي پيا راڳ ڳائين، مشاعرن جا منڊل پيا ٿين، ناٽڪ نويس ۽ پنهنجي ناٽڪن ۽ ڪردارن سان گڏ سڄي سنڌ کي سنوارڻ جو عزم ڪيو پيا اچن مقرر پنهنجي تقريرن وسيلي پنهنجي ڏاهپ جا نقطا پيا بيان ڪن، ٻارڙا پيا گيت ڳائن، ٻارڙن ۽ عورتن جا الڳ پروگرام پيا ٿين. پر انهيءَ سڄي سلسلي کي سنوارڻ ۽ ڳنڍڻ لاءِ ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن، پروگرام پروڊيوسرن، ڊيوٽي آفيسرن ۽ انجنئرن ڏينهن رات محنت ڪئي. 1962 ع ۾ نئين عمارت ۾ منتقلي ٿي.1971ع ۾. 120 ڪلو واٽ جو هاءِ پاور ٽرانسميٽر لڳو ۽ ٻه چينل ٿيا. شروع کان وٺي ريڊيو جا ڊائريڪٽر سجاد حيدر، حميد نسيم، ايم، بي، انصاري، اي ايم، چاڳلا، الياس عشقي، عنايت بلوچ ، بدرعالم، آغا سليم، شڪيل فاروقي ۽ ٻيا انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل رهيا ته مڻيادار ماڻهو مڙن ۽ ميلومچي، ڪيترا نوجوان پروڊيوسرن جي صورت ۾ ايندا ويا؛پيراسحاق سرهندي، الله بخش، مصطفيٰ قريشي، سڪندر بلوچ، انور بلوچ]]، ممتاز مرزا، سرور بلوچ، عبدالڪريم بلوچ ، نور اظهر جعفري ۽ ٻيا ڪيترا. سنڌي ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان هن اداري، هوا جي لهرن تي جيڪي ڪجهه ڏنو اُهو سمورو مواد جي گڏ ڪجي ته هزارين ڪتاب ٺهي سگهن ٿا.حيدرآباد تان جن پروڊيوسرن ڊرامن جي سرپرستي ڪئي ۽ محنت ڪري سٺا ڊراما پيش ڪيا. سي هيا؛ آغاسليم، زيب عاقلي. ايم، بي، انصاري، الياس عشقي، الله بخش شاهه بخاري، منظورنقوي، مصطفيٰ قريشي، عبدالڪريم بلوچ، پيراسحاق سرهندي، سڪندر بلوچ، سرور بلوچ، انور بلوچ، مراد علي مرزا، ممتازمرزا، ابراهيم شيخ، زاهد قلباڻي، گل حسن قريشي، جهانگير قريشي ۽ ٻيا.حيدرآباد ريڊيو جا اُهي پروگرام ڪيئن وسرندا، جيڪي ادبي ۽ لوڪ پسند حيثيت رکندا هئا : ”جهڙا گل گلاب جا “، ”گلدستو“، ”نئون سج“، وغيره. صالح محمد شاهه ( فتح خان) جي ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ ڏاهپ جا نقطا وسارڻ جهڙا نه آهن سندس بزرگيءَ وارا انداز ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها اڄ به اُن وانگر ڳالهائيندا آهن. ان طرح سندس ساٿي ”گنهور خان “ (عبدالڪريم بلوچ)جو ڪردار به وسارڻ جيهڙو ڪونه آهي. لطيف سرڪار جي ڪلام کي تحت اللفظ پڙهڻ جو انداز سندس شاه سائينءَ سان عقيدت منديءَ جو وڏو اظهار هو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ؛حميد سنڌي -- يادگيرين جو سفر--ريڊيو حيدرآباد ۽ ادب رسالو:مهراڻ 1999 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ