مواد ڏانھن هلو

اسلامي سھڪار تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(او آءِ سي کان چوريل)
اسلامي سھڪار جي تنظيم
منظمة التعاون الإسلامي(عربي)

Organisation of Islamic Cooperation (انگريزي)
Organisation de la Coopération Islamique (فرينچ)
Flag of OIC
جھنڊو
  ميمبر رياستون   مبصر رياستون   بلاڪ ٿيل رياستون   رياستون جنهن جي ميمبرشپ معطل آهي
  ميمبر رياستون
  مبصر رياستون
  بلاڪ ٿيل رياستون
  رياستون جنهن جي ميمبرشپ معطل آهي
انتظامی مرڪز سعودي عرب جدہ، سعودي عرب
آفیشیل بولیون عربيانگريزيفرانسيسي
قسم بين الحڪومتي تنظيم
رڪنيت ميمبر رياستون: 57

مبصر رياستون: 5

مبصر تنظيمون: 7
حڪومت
• سیڪريٽری جنرل
حسين ابراهيم طحه
قیام
• چارٽر تي دستخط ٿيا
25 سيپٽمبر، 1969ع
پکيڙ
• جملي
36٬610٬000 km2 (14٬140٬000 sq mi)
آبادي
• 2019ع اندازو
ميمبر رياستن جي آبادي : هڪ ارب 81 ڪروڙ (1.81 بلين)
دنيا جي ڪل مسلم آبادي: 2 ارب 10 ڪروڙ (2.1 بلين)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019ع لڳ ڀڳ
• ڪل
279 کرب 49 ارب آمريڪي ڊالر
(27.949 ٽريلين آمريڪي ڊالر)
• في سيڪڙو
19,451 آمريڪي ڊالر
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
99 کرب 4 ارب آمريڪي ڊالر
(9.904 ٽريلين آمريڪي ڊالر)
سعودي عرب جي شھر، جده ۾ او آئي سي جو هيڊ ڪوارٽر

اسلامي سهڪار جي تنظيم (عربي : منظمة التعاون الإسلامي، OIC انگريزي: Organization of Islamic Cooperation)، هڪ بين الاقوامي تنظيم آهي، اڳوڻي اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم، [1] سال 1969ع ۾ سعودي عرب جي شهر، جده ۾ قائم ڪئي وئي. ان ۾ 57 ميمبر رياستون ۽ 10 مبصر رياستون ۽ تنظيمون شامل آهن. تنظيم جي دستور جي مطابق، "هي تنظيم مسلم دنيا جي اجتماعي آواز آهي ۽ مسلم دنيا جي مفادن جي حفاظت ۽ تحفظ لاءِ، بين الاقوامي امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي جذبي سان ڪم ڪري ٿي". تنظيم گڏيل قومن کانپوء دنيا جي سڀ کان وڏي بين الاقوامي تنظيم آهي.[2] تنظيم جي سرڪاري ٻوليون؛ عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي آهن. اهو او آءِ سي چارٽر جي فريم ورڪ ۾ الحاق ٿيل، خاص ۽ ماتحت ادارن کي هلائي ٿو.

تنظيم ۾ 57 ميمبر رياستون شامل آهن، جنهن مان 48 مسلم اڪثريت واري آهن. سال 2019ع تائين ميمبر رياستن جي مجموعي آبادي ٻه ارب ڏهه ڪروڙ (2.1 بلين) کان وڌيڪ هئي (دنيا جي آبادي جو هڪ چوٿائي). اجتماعي علائقو ٽي ڪروڙ، سورهن لک ۽ سٺ هزار چورس ڪلوميٽر (31.66 ملين چورس ڪلوميٽر) آهي. گڏيل قومن جي تنظيم ۾ هن جو مستقل وفد تنظيم جي نمائندگي ڪندو آهي، جڏهن ته تنظيم جو مستقل عملو يورپين يونين ۾ پڻ موجود آهي.

تاريخ

[سنواريو]

اها سال 1969ع ۾ ٺهرائي وئي هئي، شروعات ۾ هن جا 25 ميمبر هئا ۽ نالو "اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم" (Organisation of Islamic Conference) هيو، پوء 28 جون، 2011ع تي هن جو نالو "اسلامي سهڪار جي تنظيم" (Organisation of Islamic Cooperation) رکيو ويو. [3]

ان ۾ 57` کان وڌيڪ ميمبر رياستون آهن، جڏهن تہ مجموعي آبادی 2 ارب 10 ڪروڙ بلين آھي (2019ع اندازو). تنظيم مسلم دنيا جو آواز بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اهي مسلمانن جي مفادن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. تنظيم جي بيان مطابق “هي مسلمانن جو گڏيل آواز آهي“ جيڪا مسلمانن جي حقن انهن جي خواهشن جو تحفظ ڪندي. بين الاقوامي امن ۽ روادي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. او آءِ سي جو گڏيل قومن ۾ مستقل وفد آهي. اها اقوام متحده کان ٻاهر سڀ کان وڏي بين الاقوامي تنظيم آهي.[4] جڏهن تہ تنظيم جو مستقل عملو اقوام متحده ۽ يورپين يونين ۾ پڻ موجود آهي. او آءِ سي جون سرڪاري ٻوليون عربي، انگريزي، فرينچ، فارسي ۽ ترڪي آهن.

  • قسم: مذهبي تنظيم
  • ميمبر: 57 مسلم ملڪ
  • بنياد: 25 سيپٽمبر 1969ع
  • آبادي

• 2011 اندازي مطابق: 1.6 بلين

ميمبر رياستون

[سنواريو]

اسلامي سهڪار جي تنظيم جا 57 ميمبر آهن، جنهن ۾ فلسطين کان سواءِ، 56 ملڪ گڏيل قومن جي تنظيم جا پڻ ممبر آهن. ڪجهه ممبر؛ جئين ته ٽوگو، يوگنڊا، گيبون، آئيوري ڪوسٽ، موزمبيق، ڪيمرون ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ، سورينام ۽ گيانا، مسلم اڪثريت وارا ملڪ نه آهن. ٻيا ملڪ، تنظيمون ۽ گروپ مبصر طور حصو وٺندا آهن. شام جي او آءِ سي جي ميمبرشپ، حڪومت پاران عام ماڻهن خلاف ڳري هٿيارن جي استعمال ۽ پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار جي ڪري، 15 آگسٽ 2012ع تي معطل ڪئي وئي هئ. 7 مارچ 2025ع تي، بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ شام جي ميمبرشپ ٻيهر بحال ڪئي وئي.

هڪ ڪلڪ ڪرڻ لائق اولر ڊاگرام جيڪو اسلامي تعاون تنظيم اندر مختلف ملٽي نيشنل تنظيمن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ڏيکاري ٿو.

ايشيا

  1.  افغانستان
  2.  آذربائيجان
  3.  بحرين
  4.  بنگلا ديش
  5.  برونائي
  6.  انڊونيشيا
  7.  ايران
  8.  عراق
  9.  اردن
  10.  قازقستان
  11.  ڪويت
  12.  ڪرغزستان
  13.  لبنان
  14.  ملائيشيا
  15.  مالديپ
  16.  عمان
  17.  پاڪستان
  18.  فلسطين جي رياست
  19.  قطر
  20.  سعودي عرب
  21.  شام
  22.  تاجڪستان
  23.  ترڪي
  24.  ترڪمانستان
  25.  گڏيل عرب امارات
  26.  ازبڪستان
  27.  يمن

آفريقا

  1.  الجزائر
  2.  بینن
  3.  برڪينا فاسو
  4.  ڪيمرون
  5.  چاڊ
  6.  ڪوموروس
  7.  جبوتي
  8.  مصر
  9.  اريٽيريا
  10.  گيبون
  11.  گيمبيا
  12. گائينا گني
  13.  آئيوري ڪوسٽ
  14.  لبيا
  15.  مالي
  16.  موريتانيا
  17.  مراڪش
  18.  موزمبيق
  19.  نائيجر
  20.  نائجيريا
  21.  سينيگال
  22.  سيرا ليون
  23.  صوماليا
  24.  سوڊان
  25.  ٽوگو
  26.  تيونس
  27.  يوگينڊا


يورپ

  1.  البانيا

آمريڪا

  1.  سورينام
  2.  گيانا

مبصر رياستون

  1.  بوسينيا ۽ هرزيگووينا
  2. وسطي آفريقي جمهورياسينٽرل آفريڪن ريپبلڪ
  3.  ٿائي لينڊ
  4.  روس
  5. اتر قبرص

مبصر تنظيمون

  1. گڏيل قومن جو عالمي ادارو
  2. عرب ملڪن جي ليگ
  3. آفريڪن يونين
  4. اقتصادي سهڪار جي تنظيم (ECO)
  5. غير جانبدار تحريڪ
  6. مورو نيشنل لبريشن فرنٽ
  7. او آئي سي جي ميمبر ملڪن جي پارلياماني يونين
  8. مذاڪرات ۽ تعاون لاء او آئي سي جو يوٿ فورم

تعاون ڪندڙ تنظيمون

  1. صحراوي عرب جمهوري جمهوريه

اهم گڏجاڻيون

[سنواريو]

قابل ذڪر ڪانفرنسون: ساخت ۽ تنظيم: سربراهن جي فهرست: پڻ ڏسو: * باب : اسلام . ملڪ. * عرب ليگ * آفريقي يونين اسلام ۾ انساني حقن تي قاهره جو اعلان * ڊي-8 اقتصادي تعاون جي تنظيم * اسلامي ملڪن ۽ علائقن جي فهرست. * امن جي بحالي لاءِ اسلامي فورس. * اسلامي فوجي انسداد دهشتگردي اتحاد * بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد * او آءِ سي ميمبر ملڪن ۾ وڏن شهرن جي فهرست. * او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي آبادي. * پاڪستان ۽ او آءِ سي. * لاهور، پاڪستان ۾ او آءِ سي جو 1974 جو سربراهه اجلاس.

پوزيشن

[سنواريو]

ڍانچو ۽ تنظيم

[سنواريو]

سيڪريٽري جنرلز

[سنواريو]

اسلامڪ سمنٽس

[سنواريو]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. OIC changes name, emblem آرڪائيو ڪيا ويا 2014-10-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Pakistan Observer
  2. US Department of State, "Special Envoy to the Organisation of the Islamic Conference (OIC)", حاصل ڪيل 16 February 2012۔ 
  3. OIC changes name, emblem آرڪائيو ڪيا ويا 2014-10-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Pakistan Observer
  4. US Department of State, "Special Envoy to the Organisation of the Islamic Conference (OIC)", حاصل ڪيل 16 February 2012۔ 

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]


او آءِ سي
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو

گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان |ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان
پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب سينيگال | سيراليون| صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان ترڪي| تيونس | ٽوگو ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن