جده
جدہ
جِدَّة | ||
|---|---|---|
Traditional architecture in Historic Jeddah Historic Jeddah City Center | ||
| ||
| Nickname: The Bride of the Red Sea | ||
| Motto: Jeddah Is Different | ||
| Country | ||
| Region | Mecca | |
| Established | 6th century BC | |
| Government | ||
| • Governorate Mayor | Saleh Al-Turki[1] | |
| Area | ||
| 1,600 km2 (620 sq mi) | ||
| • Urban | 1,793 km2 (692 sq mi) | |
| • Metro | 2,485 km2 (959 sq mi) | |
| Elevation | 12 m (39 ft) | |
| Population (2022)[2] | ||
| 3,751,722 | ||
| • Density | 2,300/km2 (6,100/sq mi) | |
| -JIDDAH | ||
| GDP (PPP) | ||
| Time zone | Arabia Standard Time | |
| Postal Code | 5 digit codes beginning with 21 (e.g. 21577) | |
| Area code | +966 12 | |
| Website | jeddah | |
| يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | ||
| سرڪاري نالو | Historic Jeddah, the Gate to Makkah | |
| يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | Cultural: ii, iv, vi | |
| حوالو | 1361 | |
| داخلا | 2014 (38th سيشن) | |
| ايراضي | 17.92 ha | |
| بفر زون | 113.58 ha | |
جده (انگریزی: Jeddah، عربي: جِدَّة) سعودي عرب جي صوبي مڪي جو هڪ بندرگاهه شهر آهي، جيڪو حجاز جي علائقي ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي ساحل تي واقع آهي. جده ملڪ جو تجارتي مرڪز آهي. اهو معلوم ناهي ته جده ڪڏهن ٺهرايو ويو، پر جده جي شهرت سال 647ع ۾ وڌي وئي جڏهن خليفي عثمان ان کي هڪ سفري مرڪز بنايو جيڪو مسلمان سياحن جي خدمت لاءِ مقدس شهر مڪي ڏانهن اسلامي زيارت لاءِ ويندا هئا. ان وقت کان وٺي، جده لکين حاجين لاءِ گيٽ وي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي جيڪا روايتي طور تي سمنڊ ذريعي ۽ تازو هوائي ذريعي کنگ عبدالعزیز انٹرنیشنل ایئرپورٹ، سعودي عرب پهتن تا.[3][4]
سال 2022ع جي اندازی مطابق 37,51,722 ماڻهن جي آبادي سان، جده صوبي مڪي جو سڀ کان وڏو شهر آهي،[5] حجاز جو سڀ کان وڏو شهر، سعودي عرب جو ٻيو نمبر وڏو شهر (راڄڌاني رياض کان پوءِ)، ۽ وچ اوڀر م نائين نمبر وڏو شهر آهي. اهو پڻ اسلامي سھڪار تنظيم جي انتظامي مرڪز طور ڪم ڪري ٿو. جده اسلامي بندرگاهه، ڳاڙهي سمنڊ تي، دنيا جي ڇهين نمبر وڏي بندرگاهه آهي،[6] ۽ وچ اوڀر ۾ (دبئي جي جبل علي جي بندرگاهه کان پوءِ) ٻيو نمبر وڏو ۽ مصروف ترين بندرگاهه آهي.
جده مڪي شريف جو پرنسپل گيٽ وي آهي، اسلام جو مقدس ترين شهر، 65 ڪلوميٽر (40 میل) اوڀر طرف، جڏهن ته مديني، ٻيو مقدس شهر، 360 ڪلوميٽر (220 میل) اتر ڏانهن آهي. اقتصادي طور تي، جده سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي اندر سائنسي ۽ انجنيئرنگ قيادت ۾ سرمائيداري سيڙپڪاري کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.[7] جده سال 2009ع ۾ انوويشن سٽيز انڊيڪس ۾ آفريڪا، مڊل ايسٽ ۽ "استان" ملڪن جي علائقي ۾ چوٿين نمبر تي هئو.[8]
جده سعودي عرب جي بنيادي تفريحي شهرن مان هڪ آهي ۽ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز اسٽڊي گروپ ۽ نيٽورڪ (GaWC) پاران بيٽا ورلڊ شهر جو درجو دنو ويو آهي. ڳاڙهي سمنڊ جي ويجهو شهر، مڇي مارڻ ۽ سامونڊي کاڌا ملڪ جي ٻين حصن جي برعڪس کاڌي جي ثقافت تي غالب آهن. عربي ۾، شهر جو نعرو "جده غيير" آهي، جنهن جو ترجمو "جده مختلف آهي".
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Saleh Al-Turki, mayor of Jeddah". arabnews.com. Saudi Research & Publishing Company. 27 March 2019. 7 January 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Population". Statistical Yearbook 50 (2014). Central Department Of Statistics & Information. اصل نسخو مان 21 February 2016 تي محفوظ ڪيل. 21 February 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "Historic Jeddah, the Gate to Makkah Sharif". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). 2022-09-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Jeddah Hooked on Fishing". Arab News (انگريزي ۾). 2006-03-04. 2022-09-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mecca Region (Saudi Arabia): Places in Governorates - Population Statistics, Charts and Map". www.citypopulation.de. 2024-02-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Top 50 World Container Ports | World Shipping Council". www.worldshipping.org. اصل نسخو مان 2020-11-19 تي محفوظ ڪيل. 2020-11-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "'Jeddah has the potential to become a Knowledge City'Saudi Arabia - Zawya". 2010-07-28 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو) - ↑ "2thinknow Innovation Cities™ Emerging 11 Index 2009 - Middle East, Africa and Former USSR States | 2009". Innovation-cities.com. 2009-11-12. 2011-04-17 تي حاصل ڪيل.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing عربي-language text
- Pages using multiple image with auto scaled images
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 maint: deprecated archival service
- سعودي عرب
- وڏا شهر
- بندرگاهه وارا شهر
- سعودي عرب ۾ شهر
- سعودي عرب ۾ آباد ساحلي هنڌ
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا