سج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Layers of the sun

سج هڪ تارو آهي، جنهن جي چوڌاري زمين ۽ ٻيا 8 گرھ گردش ڪري رهيا آهن. هن پوري نظام کي سج منڊل چيو ٿو. سج نظام شمسي يا سج منڊل جي مرڪز تي آهي. هي زمين تي زندگيءَ لاءِ توانائيءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هي پنهنجي بناوت ۾ پلازما ائٽمن، اليڪٽران،پروٽان ۽ آئنس جي گيس) جو هڪ گول بال آهي. سج جو قطر زمين کان 109 دفعا وڏو آهي، جڏهن ته مادي جي مقدار جي حوالي سان سج زمين کان 330,000 ڀيرا وڏو آهي. سج جي ڪل مادي جو 75 سيڪڙو هائيڊروجن آهي ۽ باقي لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو هيليم اٿس. ٿورڙي مقدار ۾ ٻيا عنصر جهڙوڪ آڪسيجن، ڪاربان ۽ لوھ وغيره به موجود اٿس. سج تقريبن 5 ارب سال اڳ ٺهيو.

سج ۾ توانائي نيوڪليئر فيوزن جي ري ايڪشن سان ٺهندي آهي. سج جي مرڪز ۾ هائڊروجن جا نيوڪليس پاڻ ۾ ملڻ سان ڊيوٽيريم ٺهندو آهي ۽ وڏي مقدار ۾ توانائي خارج ٿيندي آهي. سج جي سطح تي گرمي پد 5600 ڊگري سينٽيگريڊ ۽ ان جي مرڪز ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڊگري سينٽي گريڊ آهي.

اسان جو تارو، سج، دنيا ۾ هو ئي ڪونه. اهو ڦهلجندڙ ڪائنات جي ڪُل عمر جي پوئين ڇهين حصي ۾، اٽڪل 5 ارب سال اڳ پيدا ٿيو آهي. انهن پنج ارب سالن جي پهرين ٻن پتين ۾ يعني 2 ارب سالن تائين اسان جي ڌرتيءَ جو وجود ڪونه هو. اها اٽڪل 3 ارب سال يعني ٽي سئو ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آئي. [1]

سج ٻرندڙ تارو آھي جتي ھر گهڙي مادو جوھري رچاء Nuclear fusion ذريعي توانائي ۾ تبديل ٿي رھيو آھي. سج ۾ تقريبن اھو ڪيميائي عمل ٿئي ٿو جيڪو ھيڊوجن بم جي ڌماڪي ۾ ٿئي ٿو. ھن عمل ۾ ھيڊوجن گئس ھيليم ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪري توانائي روشني ۽ گرمي جي شڪل ۾ خارج ٿئي ٿي.

سج جو قطر زمين کان 109 دفعا وڏو آھي ھن ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم گئس پاتي وڃي ٿي. سج جي سطح جي گرمي پد ساڍا پنج ھزار سنٽيگريڊ آھي جڏھن تہ سج کان خارج ٿيندڙ  روشني ۽ گرمي انتھائي قليل مقدار ۾ گهٽ پھچي ٿي.

افق وقت صبح جو جڏھن سج اڀريل نظر اچي ٿو حقيقت ۾ اھو اٺ منٽ پھرين اڀري چڪو ھوندو آھي. سج جي روشني اسان تائين پھچڻ ۾ 15 ڪروڙ ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري ٿي ۽ زمين تي پھچڻ ۾ ساڍا اٺ منٽ لڳن ٿا. اھڙي ريت جڏھن سج کي لٿل ڏسون ٿا حقيقت ۾ اتي موجود ناھي ھوندو ۽ سوا اٺ منٽ پھرين لھي چڪو ھوندو آھي.

سج نظام شمسي جي مرڪز ۾ واقع آھي. زمين ۔ گرھ ۔ اپگرھ ۽ ٻيا جسم سج جي چوڦير گردش ڪن ٿا. سج جو مقدار نظام شمسي جي ڪل مقدار 99 سيڪڙو جيترو آھي. سج زمين کان تقريبن 14,95,98,000 ڪلوميٽر پري آھي. ھن جي روشني زمين تائين پھچڻ ۾ 8 منٽ 19 سيڪنڊ وٺي ٿي. ھي فاصلو سال ڀر يڪسان نٿو رھي. 3 جنوري تي ھي فاصلو سڀ کان گهٽ 14,71,00,000 ۽ 4 جولاء تي سڀ کان وڌيڪ 15,21,00,000 ٿئي ٿو. سج مان اچڻ واري روشني زمين تي تمام حيات کي کاڌ خوراڪ فراھم ڪري ٿي ۽ زمين تي موسمن جي تشڪيل جو سبب بنجي ٿي.

سج جي سطح بنيادي طور تي ھيڊوجن ۽ ھيليم جي ٺھيل آھي. ھن ۾ ھيڊروجن جو تناسب تقريبن 74 سيڪڙو مايو يا 92 سيڪڙو مقدار آھي ۽ ھيليم جو تناسب تقريبن 24 سيڪڙو مايو ۽ 7 سيڪڙو مقدار آھي. ان کان سوا ٻيا عنصر لوھ ۔ نڪل ۔ آڪسيجن ۔ سلفر ۔ ميگنيشم ۔ ڪاربان ۔ نيون ۔ ڪيلشم ۽ ڪروميم محدود مقدار ۾ موجود آھن.

فلڪي جماعت بندي ۾ سج جو درجو G2V آھي. ھن جو مطلب 5,780 ڪيلون (5,510 درجہ سيڪڙو) آھي. سج جو رنگ سفيد آھي جڏھن سج جي روشني فضا مان گذري ٿي تہ ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري زردانجهڙي نظر اچي ٿي. ھي روشني جون ڊيگھ لھرون ھيٺ لھن ٿيون، ايندي انهن جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ نتيجي طور نيرانجهڙي ۽ بنفشي روشني نڪري وڃي ٿي باقي ڊيگھ لھرون انساني اک کي پيليون نظر اچن ٿيون. آسمان جو نيرو رنگ ان جي الڳ ٿيڻ واري نيري روشني جي ڪري نظر اچي ٿو. سج نڪرڻ يا لھڻ وقت جڏھن سج آسمان جي ھيٺان ٿئي ٿو تہ روشني کي اسان تائين پھچڻ لاء اڃان وڌيڪ ھوا مان گذرڻو پوي ٿو جنھن جي ڪري ھي اثر اڃان وڌيڪ شديد ٿي وڃي ٿو ۽ سج جي روشني اسان کي نارنگي يا ڳاڙھي نظر اچي ٿي. سج جي ڌارائن ۾ ساديون ۽ وچٿريون ڌاتي ليڪون پاتيون وڃن ٿيون. ان کان سوا ھيڊوجن ۽ ھيليم جون ڪمزور ليڪون پاتيون وڃن ٿيون. ھن جي درجابندي ۾ V ان ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿي تہ ستارن جي اڪثريت وانگر سج بہ Main sequence تارو آھي. ھي تارو پنھنجي وڌيڪ توانائي ھيڊوجن جي رچاء مان پيدا ڪري ٿو جنھن مان ھيليم جا مرڪزا پيدا ٿين ٿا. اسان جي ڪھڪشان ۾ G2 جماعت جا تقريبن 10 ڪروڙ تارا آھن. سج کي پھرين غيراھم ۽ ننڍو تارو سمجهيو ويندو ھو پر ھاڻي معلوم ٿي چڪو آھي تہ سج اسان جي ڪھڪشان جي 85 سيڪڙو تارن کان جيڪي اڪثر ڳاڙھا ٿين ٿا انهن کان وڌيڪ روشن آھي  

سج کيرائين ڪھڪشان جي مرڪز جي چوڦير 24 يا 26 نوري سال جي اصلي تي گردش ڪري ٿو ۽ 25.0 - 22.5 ڪروڙ سالن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪري ٿو. ھن چڪر کي ڪھڪشائون سال چئبو آھي. ھن جي مداري رفتار Orbital speed لڳ ڀڳ 251 ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي. اھڙي طرح سج تقريبن ھر 1190 سالن ۾ ھڪ نوري سال يا ھر 7 ڏينھن ۾ Astronomical unit ھڪ فلڪياتي اڪائي جو فاصلو طئي ڪري ٿو.

اسان جي ڪھڪشان بہ Cosmic microwave background radiation یا (CMB) جي مقابلي ۾ سج 550 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سمتار Hydra جي جهرمٽ ڏي حرڪت ڪري رھيو آھي. ان کي ملائي CMB جي مقابل سج 370 ڪلوميٽر ڪل رفتار سان  Crater یا Leo طرف روان دوان آھي.

سج کيرائين جي جنھن حصي سان گذري رھيو آھي ان ۾ اسان جي ويجهوترين 50 تارن ۾ جيڪي زمين کان 1.6E+14 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھن. سج مايي جي لحاظ کان چوٿون نمبر آھي. سائنسدانن مطابق سج جي سطح تي غيرمعمولي سڪون يا ترساء جو سامڻو آھي يا آسان لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ سج اڃان سمهي رھيو آھي.

سج جي عمر تقريبن 10 ارب سال تائين آھي جنھن کان پوء ڳاڙھي گولي ۾ تبديل ٿي آھستي آھستي ٿڌو ٿيندو ويو. ھن ڪائنات ۾ لکاھا سج ۽ شمسي نظام موجود آھن.

اسان جي سج جي عمر تقريبن ساڍا چار ارب سال آھي ۽ پنھنجي نظام شمسي جي گرھن کي چار ارب کان پنج ارب سالن تائين روشني ۽ گرمي ڏيئي سگهي ٿو.

ھڪ ارب سال جي دوران سج جي گرمي پد ۾ تقريبن 10 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو جنھن جو اثر نظام شمسي جي گرھن تي پوي ٿو. سج ۾ گرمي پد جي تبديلين جي ڪري لڳ ڀڳ ھڪ ارب سال پھرين اسان جي زمين جو ماحول زندگي جي ھم آھنگ ٿيو ۽ لڳ ڀڳ چار کان پنج ارب سال تائين سج قائم رھي سگهي ٿو جنھن کان پوء اسان جي ڪائنات جو پاڻي گئسن ۾ تبديل ٿي خلا ۾ تحليل ٿي ويندو ۽ ھڪ بنجر ۽ غير آباد ستارو ٿي ويندو.

سج جو ٺھڻ :-

نظام شمسي جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ھي نيبولائي نظريي جي مطابق وجود ۾ آئي. ھي نظريو عماويل ڪينٽ 1755ع ۾ پيش ڪيو ھو. ھن جي نظريي مطابق 4 ارب 60 ڪروڙ سال پھرين ھڪ وڏي ماليڪيولي بادل  جي ثقلي ڌڙام Gravitational collapse جي ڪري نظام شمسي وجود ۾ آئي. ھي بادل شروع ۾ پنھنجي وسعت ۾ ڪيئي نوري سال تي محيط ھيو ۽ اھو خيال آھي تہ ان جي ڌڙام سان ڪيترن ستارن جنم ورتو ھوندو. قديم شھابن ۾ اھڙن عنصرن جا مقدار يا ذرا پاتا ويا آھن جيڪي صرف وڏن ڦاٽي ستارن Exploding stars ۾ تشڪيل پائن ٿا. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سج جي تشڪيل ستارن جي ڪنھن اھڙي ستاري جهرمٽ Star cluster ۾ ٿي جيڪو قريب پنھنجي ڪيئي سپرنووا جي ڌماڪن ۾ ھئي. انهن ڌماڪن سان پيدا ٿيندڙ ڌوڏيندڙ لھرن Shock waves پنھنجي پاڙي جي نيبولا جي گئسي مادي تي دٻاء وجهي وڌيڪ گئسي گهاٽائي جا خطا پيدا ڪري ڇڏيا جنھن سان سج جي ٺھڻ جي ابتدا ٿي. انهن گهاٽن خطن ۾ ثقلي قوت کي بھتر طور تي اندروني گئسي دٻاء تي قابو پائڻ جو موقعو مليو ۽ پوء ھي ڪشش ثقل پوري بادل جي ڌڙام Collapse جو سبب بڻي.

ھن گيسي بادل جو اھو حصو جيڪو بعد ۾ شمسي نظام بنيو پنھنجي قطر ۾ قريبن 7 ھزار کان 20 ھزار فلڪي اڪاين AU تي مبني ھيو ۽ ان جي مقدار ھاڻوڪي سج جي مقدار کان وڌيڪ ھئي. ھن کي فلڪي ماھر اڳوڻو شمسي نيبولا چون ٿا. جيئن جيئن نيبولا سڪڙيو، زاويائي معيار حرڪت Conservation of angular momentum وڌندي وئي. جيئن جيئن مادو ان بادل جي مرڪز ۾ ڪٺو ٿيندو ويو، ايٽمن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي تڪرار جي انتھائي توان Frequency وڌندي وئي ۽ ان جي ڪري مرڪز ۾ گرمي پد وڌڻ لڳو. مرڪز جتي تمام گهڻو مادو ڪٺو ٿي چڪو ھيو، اھو گرم کان گرم ٿيندو ويو ۽ ان جو گرمي پد باقي بچيل  بادل جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ ٿي ويو. گردش ۔ ڪشش ثقل ۔ گئسي دٻاء ۽ مقناطيسي قوتن جي اثر ھيٺ سڪڙيل نيبولا آھستي آھستي گردش ڪندو سيارن کان اڳ طشتري ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو جنھن جو قطر تقريبن 200 فلڪي اڪايون AU ھيو ۽ جنھن جي مرڪز ۾ ھڪ گرم ۽ گهاٽو جنم وٺندڙ ستارو ھيو.

تقريبن 10 ڪروڙ سال کان پوء سڪڙيل نيبولا جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي گهاٽائي ۽ دٻاء ايترو ھيو جو ھتي مرڪزي ڪٺاڻ جو عمل شروع ٿي ويو. مرڪزي ڪٺاڻ جي رفتار ان وقت تائين وڌندي وئي جيستائين آبسڪوني توازن Hydrostatic equilibrium پيدا نہ ٿيو. ھن موقعي تي مرڪز مان پيدا ٿيندڙ توانائي دٻاء جي قوت ڪشش ثقل جي برابر ٿي وئي ۽ وڌيڪ سڪڙ جو عمل رڪجي ويو. ھاڻي سج مڪمل ستارو بنجي چڪو ھو بادل جي باقي بچيل ڌوڙ ڌوڌڙ ۽ گئسن مان گرھن جي جوڙجڪ ٺھي.

سج نظام شمسي جو مرڪزي ستارو ۽ سڀ کان اھم حصو آھي. ھي مقدار ۾ زمين کان 332,946 ڀيرا وڏو آھي. ھن جي ڀاري مقدار ھن کي اندروني گهاٽائي فراھم ڪري ٿي جنھن سان ھن جي مرڪز ۾ جوھري رچاء رھي ٿو. جوھري رچاء جي ڪري تمام وڏي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿئي ٿي جنھن جو وڌيڪ حصو برقناطيسي لھرن Electromagnetic ۽ تابڪارن Radiations جي شڪل ۾ خلا ۾ وکري ٿو.

سج کي ستارو مڃيو وڃي ٿو. ستارن جي درجابندي ھرٽز پرنگ-رسل نقشي Hertzsprung-Russell diagram مطابق ڪئي وڃي ٿي. ھن گراف ۾ ستارن جي چمڪ کي ان جي سطحي گرمي پد جي مقابلي ۾ درج Plot ڪيو وڃي ٿو. عام طور تي وڌيڪ گرم ستارا وڌيڪ چمڪدار ٿين ٿا ان عمومي خاصيت وارن ستارن کي main sequance سڏيو وڃي ٿو ۽ سج بہ انهي زمري ۾ اچن ٿا پر سج کان وڌيڪ چمڪدار ۽ وڌيڪ گرم ستارا تمام گهٽ آھن جڏھن سج کان مدھم ۽ ٿڌا ستارا عام آھن.

اسان جو نظام شمسي خلا ۾ حرڪت ۽ سفر ڪندو رھي ٿو. نظام شمسي جي اندر انفرادي ستارا سج جي چوڌاري ڦرندا رھن ٿا سيارا مختلف رفتار سان سفر ڪندا رھن ٿا. ان کان سوا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. سج جي ڪشش ثقل ان پوري نظام کي يڪسو مدار ۾ رکي ٿي. جيڪو گرھ سج جي ويجهو ھوندو ان تي سج جي قوت وڌيڪ ھوندي جيڪو سيارو سج کان پري ھوندو ان تي سج جي قوت گهٽ ٿيندي سج گهمندڙ گئس جو گولو آھي. سج جي مرڪز ۾ واقع ٿيندڙ ايٽمي ردعمل فوٽان جي صورت ۾ خارج ڪندا رھن ٿا. سج جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي ھيليم ۾ تبديل ٿيندڙ شرح 60 ڪروڙ ٽن في سيڪنڊ آھي. ان جي نتيجي ۾ جيڪا توانائي پيدا ٿئي ٿي اھا خلا ۾ سفر ڪري ٿي

سج ان ڪيميائي رد عمل جي ڪري ھر ھڪ منٽ ۾ پنھنجي ڪل مقدار مان 40 لک ٽن مقدار وڃائي رھيو آھي.

سج جو خلا ۾ ڪافي وشال ايراضي تائين پکڙيل آھي. سج جي تھ مان جيڪي گئسون نڪرن ٿيون انهن جي ڪري شمسي طوفان اچن ٿا. ھي شمسي طوفان پاڻ سان گڏ سج مان ھڪ مقناطيسي ميدان کڻي اچي ٿي. سج جي گهمڻ جي ڪري ھي مقناطيسي ميدان ڦيريدار شڪل وارا ٿي وڃن ٿا. ھن شمسي طوفان جي غلبي ۾ اچڻ واري خلا کي سج گولو Heliospere سڏيو وڃي ٿو.

سائنسدانن مطابق ھن وقت سج پنھجي عروج تي آھي ۽ ان ۾ جلڻ لاء ڪافي ٻارڻ موجود آھي. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي چمڪ ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو.

سج ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم جي تناسب سان اندازو ٿئي ٿو تہ سج پنھنجي وچين عمر ۾ ھلي ٿو پيو. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي جسامت ۽ چمڪ ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ ڳاڙھسرو ٿيندو ويندو. تقريبن 5 ارب سالن ۾ سج ھڪ ڳاڙھو ديو Giant بنجي ويندو. ان وقت سج جي چمڪ ان جي موجودھ چمڪ کان ڪيئي ھزار ڀيرا وڌيڪ ھوندي.

سج اول آبادي Population I جو ستارو آھيھي ڪائناتي ارتقا کان گهڻو پوء جي مرحلي ۾ پيدا ٿيو ھو ان جي بيھڪ ۾ ٻي آبادي Population II جي ستارن جي نسبت ۾ ڀاري عنصرن جي مقدار وڌيڪ آھي. انهن ڀاري عنصرن کي فلڪياتي زبان ۾ ڌاتون چون ٿا پر علم ڪيميا ۾ ڌاتن جي وصف ان کان مختلف آھي ھيڊوجن ۽ ھيليم کان ڀاري عنصر قديم ڦاٽڻ وارن ستارن جي مرڪز ۾ بنيا ھئا. ان لاء ڪائنات ۾ انهن عنصرن جي موجودگي جي لاء ستارن جي پھرين نسل Generation جو مرڻ ضروري ھو. قديم ترين ستارن ۾ ڌات جي تمام گهٽ مقدار پاتي وڃي ٿي. فلڪياتي ماھرن جي خيال ۾ سج جي اوچي ڌاتيت ان جي چوڌاري گرھن جي جوڙ لاء انتھائي اھم ھئي. ڇوجو گرھ ڌاتن جي ارتڪام Accretion مان بنيا ھئا.

سج ۽ گرھن جي بيھڪ :-

سج جيڪو ھڪ جي 2 اھم سلسليوار  main sequence G2 ستارو آھي ۽ نظام شمسي جو مرڪز آھي. سج شمسي نظام جي مقدار جي حساب سان 99.86 سيڪڙو آھي ۽ ثقلي طور تي ٻين جسمن تي حاوي آھي. مشتري ۽ زحل جيڪي سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن مان وڏا گرھ آھن، باقي بچيل گرھ مقدار ۾ 90 سيڪڙي وارا آھن.

سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن سڀني گرھن جا مدار (پلوٽو سيارو ناھي) زمين جي مدار جي يا برابر آھن يا ان کان تمام گهٽ گول زاويو ٺاھن ٿا. ھن جي مقابلي ۾ پڇڙ سيارا ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جا مدار زمين جي مدار کان ڪافي زاويي تي آھن.

سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. جيڪڏھن سج جي قطب اتر جي عين مٿان معائنو ڪيو وڃي تہ سواء چند جسمن جي، جيئن ھيلي جو پڇڙ سيارو ۽ تمام سيارا پنھنجي محور جي چوڌاري مخالف گهڙي وار طرف ۾ گردش ڪندا رھن ٿا.

سج جي چوڌاري تمام جسم ڪيپلر جي قانون مطابق حرڪت ڪن ٿا. ھر جسم جو مدار بيضوي آھي ۽ بيدي جي ھڪ مرڪز Focus تي سج واقع آھي.

سج جي قريب وارا جسم پري وارن جسمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گردش ڪن ٿا. گرھن جو مدار تمام گهٽ بيضوي پر تقريبن گول آھن پر گهڻن بيضوي گرھن ۔ اپگرھن (سيارچن) ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جي مدار انتھائي بيضوي ٿئي ٿي.

گرھن جي مدار ھڪ ٻئي کان تمام گهڻي فاصلي تي ٿئي ٿي ۽ ٻن مدارن جي وچين فاصلي ۾ تغير بہ تمام وڌيڪ پاتو وڃي ٿو. ھي فاصلا نقشن ۾ ڏيکارڻ تمام ڏکيا آھن ان لاء عام طور تي شمسي نظام جي نقشن ۾ سياري کي ھڪ ٻئي کان يڪسان فاصلي تي ڏيکاريو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ڪجھ مثالن کان سوا ڪوبہ گرھ سج کان جيترو دور آھي اوترو ان جي مدار جو فاصلو پنھنجي کان اڳين سيارن جي مدار کان فاصلو ايترو ئي وڌيڪ آھي مثال طور زھرا جو مدار عطارد جي مدار کان 0.33 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي جڏھن تہ زحل مشتري کان 4.3 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي ۽ نيپچون يورينس کان 10.5 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي.

روشني جو سفر :-

سج جي روشني اسان جي حيات جو سرچشمو آھي جنھن کي اسان وٽ پھچڻ ۾ لک سال لڳا. سج اسان جي کيرائين واٽ Milky way galaxy جي عام ڪنڊ ۾ واقع آھي. ھن سج جي گولي جي ڪري اسان کي گرمي ۔ توانائي ۽ روشني ملي ٿي. سج ۾ ھڪ وقت جوھري ميل جاري رھي ٿو جنھن جي ذريعي روشني لڳ ڀڳ ھڪ لک ڇھاسي ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان جي ڌرتي تي پھچي ٿي. اسان جي ڌرتي کان سج نو ڪروڙ ٽيھ لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي روشني اٺ يا سوا اٺ منٽ جي مختصر مدت سان زمين کي ڇھي ٿي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ روشني کي سج مان نڪرڻ لاء ھڪ لک سال جو عرصو لڳو ۽ اسان جي زمين کي بنفشي شعاعن سان روشن ڪيو.

سج ھيڊوجن جي مختلف پرتن تي مشتمل ٿئي ٿو. روشني جي ذري جو سفر سج جي پيٽ اندران شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ لکاھا ميل ھيڊوجن ٿئي ٿي جيڪا جوھري رچاء Nuclear fusion پيدا ڪندي رھي ٿي. جوھري رچاء Nuclear fusion ئي سج کي توانائي مھيا ڪري ٿو. سج رچاء ۾ ھيڊوجن کي ھيليم ۾ تبديل ڪري ٿو ھن عمل دوران ھيڊوجن جا 2 ايٽم ملي ھيليم جو ھڪ ايٽم بنائن ٿا. رچاء جو ھي عمل ڏسڻ ۾ سادو لڳي ٿو پر ڪٺن ھوندو آھي. ضم ٿيڻ واري پروٽان تي ھڪ جھڙو واڌو بار ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي ھڪ ٻئي کي ڌڪيلن ٿا. پروٽان پاڻ ۾ ميل پسند نہ ڪندا آھن ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ ميلاپ لاء زبردست توانائي يا رفتار Velocity جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ملي سگهن ۽ ائين ٿي وڃي ٿو. رچاء ۾ ھيڊوجن جا جوھر ملي ھيليم جو ھڪ جوھر بنائن ٿا ۽ ھن عمل دوران توانائي بہ پيدا ڪن ٿا جيڪا گرمي ۽ روشني جي روپ ۾ اسان کي ملي ٿي.

پروٽانن کي پاڻ کي ويجهي ڪرڻ لاء زبردست گرمي ۽ دٻاء جي ضرورت پوي ٿي ھي ڪم ڪشش ثقل جي مخفي توانائي ئي ڪري سگهي ٿي. نظام شمسي ۾ موجود تمام مادي جي مايو نوانوي ڏھائي اٺ سيڪڙو سج ۾ موجود آھي جيڪو واقعي تمام گهڻو مايو آھي. ھي تمام مايو سج کي ثقلي طاقت سان ڇڪي ٿو. ثقلي قوت گئسن کي زبردست طاقت سان دٻائي ٿي ۽ ڇڪي ٿي جنھن سان ايٽم ھڪ ٻئي جي قريب اچي وڃن ٿا ۽ رچاء جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. سج جي قلب ۾ موجود انتھائي ڪسيل جوھري رچاء ۾ ھيڊوجن جا ڏھ ڪروڙ ھزار کرب ھزار کرب ايٽم ھڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿا اھو ايترو ٽڪراء سخت ٿئي ٿو جو ايٽم پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا. جڏھن پروٽان پاڻ ۾ جڙجڻ لاء اچن ٿا تہ انهن جي مايي ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي ۽ مايي جي ھي گهٽتائي توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ھر ڏينھن سج ھڪ سيڪنڊ ۾ سٺ ڪروڙ ھيڊوجن ٽن ڦوڪي ڇڏي ٿو. ھر ٽڪراء توانائي جي بوڇاڙ پيدا ڪري ٿو جو توانائي جو ھڪ تمام  ننڍو بنڊل ٿئي ٿو اھڙي طرح فوٽان زمين تي روشني پھچائي ٿو جنھن مان ڌرتي تي موجود حيات فائدو کڻي ٿي پر سج جي قلب ۾ ٺھندڙ فوٽان جا ذرا ائين نٿا ٿين جيئن نظر اچن ٿا. ان وقت انهن ۾ ڀريل توانائي تمام گهڻي موتمار ھوندي آھي. اسان جي تاري جي اھا روشني تمام گهڻو قديم ٿئي ٿي جنھن سج جي پيٽ مان نڪرڻ لاء 10 لک سال ورتا پر اسان جي زمين تي پھچڻ ۾ سوا اٺ منٽ وٺي رھي آھي. خلا جي مختصر سفر ۾ فوٽان روشني جي صورت ۾ تحليل ٿي بنفشي رنگ پٽي ۾ اسان جي ڌرتي تائين پھچي روشني ڏين ٿا ۽ ڌرتي مان گذري ختم ٿي وڃن ٿا. اھو سلسلو ھر سيڪنڊ ۾ ھلي ٿو.

شمسي طوفان :-

سج تي طوفانن جو جنم وٺڻ ھڪ معمول آھي. سج جو ھڪ طوفاني چڪر 11 سالن تي ٻڌل ٿئي ٿو ۽ 11 سالن کان پوء سج جي سطح تي وڏا طوفان جنم وٺن ٿا جن کي زمين مان موجود تجربيگاھن مان سج جي سطح کان اٿندڙ شعلن جي شڪل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. شمسي طوفان سج جي چوٿين حصي تي اڀرن ٿا ۽ ڪجھ عرصي کان پوء ھي سلسلو جاري رھڻ بعد سج جي اٿندڙ باھ معمول تي اچي وڃي ٿي.

سج تي پيدا ٿيندڙ طوفان تقريبن 9 ڪروڙ ميل جو سفر طئي ڪري زمين تي پھچڻ ۾ ھڪ کان 2 ڏينھن وٺن ٿا. ان جو مدار برقي شمسي لھرن ۽ تابڪار ذرن جي رفتار تي ٿئي ٿو. سج تي اڱاري ڏينھن جنم وٺندڙ طوفاني جهڪ زمين جي سطح سان خميس تي ٽڪرائي ھئي.   

فلڪياتي ماھرن مطابق شمسي طوفان قطبي علائقن جي قريب رھڻ وارن کي خوبصورت قطبي روشنين جا نادر موقعا فراھم ڪيا پر شمسي طوفان جي بنفشي شعائن کي جهڙ جي موسم بنا ڏسي نٿو سگهجي.

سائنسدانن مطابق سج جي سطح تي غيرمعمولي سڪون يا ترساء جو سامڻو آھي يا آسان لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ سج اڃان سمهي رھيو آھي.

سائنسدانن لاء ھي صورتحال نھايت حيرت انگيز آھي. اھي شمسي طوفانن جي گهٽ ٿيڻ جو جائزو وٺي رھيا آھن تہ شمسي طوفانن جي گهٽ ٿيڻ سان دنيا تي ڪھڙو اثر پئجي سگهي ٿو.

ماضي جي تجربن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ جيڪڏھن ڪڏھن بہ سج تي شمسي طوفان اچڻ بند ٿيا يا گهٽ ٿيا تہ سڄي دنيا ڳڱاٽ دور Ice age ۾ اچي ويندي.

ھن ڀيري سج جي سطح تي شمسي طوفانن جي گهٽتائي جو زمين جي سطح يا گلوبل وارمنگ تي ڪھڙو اثر پوندو ان جو بہ جائزو وٺي رھيا آھن.

سج جون شعائون يا شمسي ھوائون Solar winds زمين جي اردگرد ماحول سان ٽڪرائن ٿيون تہ شمالي روشنيون آرورا بوریالِس ٺھن ٿيون پر ھي خدشو آھي تہ جلد ئي ھي حيرت انگيز ۽ دلڪش منظر اچڻ بند ٿي ويندا. ھي سڀ ڪجھ سج جي سطح تي اچڻ وارن تغيرن جي ڪري ٿي رھيو آھي ان ڪري ان جي سطح تي شمسي طوفان تيزي سان گهٽجي رھيا آھن.

ردر فرڊ اپليٽن ليباريٽري جي پروفيسر رچرڊ پيرسن جو چوڻ آھي تہ توھان جوبہ ڪريو پر سولر پيڪس ۾ گهٽتائي واقع ٿي رھي آھي ۽ سج جي سطح تي بلند ٿيڻ وارن شعلن جي گهٽتائي مان ھي ڳالھ واضح آھي.

يونيورسٽي آف ڪاليج لنڊن جي ڊاڪٽر لوسي گرين مطابق شمسي ڦيرن ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري سج جي سطح تي لرزشن ۾ گهٽتائي ٿي رھي آھي.

سج تي ٿيڻ واري حرڪت يا ھڪ مستقل طوفان جي ڪيفيت جو مختلف نوعيتون ٿين ٿيون. سج تي پاتا ويندڙ داغ وڌيڪ مقناطيسيت وارا ٿين ٿا جن کي زمين تان ڏٺو وڃي تہ سياھ داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.

سج جون شعائون يا بنفشي شعائون زمين طرف عڪس ڏين ٿيون ۽ سج جي سطح کان اٿندڙ شعلن برقي ذرن Charge particles کي اربين ٽنن جي صورت ۾ خلا ۾ وکيرن ٿيون.

سج تي ٿيڻ واريون ھي لرزشون ھر يارھن سالن ۾ گهٽ وڌ ٿين ٿيون ھي سج جي لرزشن جي عروج يا انتھا جو زمانو آھي جنھن کي سائنسي اصطلاح ۾ سولر ميڪسيمم چيو وڃي ٿو پر ھن وقت سج تي غيرمعمولي ترساء آھي ۽ اھا سرگرمي ناھي جيڪا ھئڻ کپي. جيڪڏھن ماضي تي نظر وجهجي تہ سو سال پھرين اھڙي صورتحال نظر آئي ھئي. ان کان پھرين اھڙي صورتحال ٻن چئن نسلن نہ ڏٺي ھوندي. سج جي سطح تي داغن جو تعداد سائنسدانن جي اميدن کان تمام گهٽ آھن ۽ سج جي سطح تي اٿندڙ شعلن جي تعداد توقع کان گهٽ اڌ آھي. سترھين صدي ۾ ڪيئي ڏھاڪن تائين سج جي سطح تي پيدا ٿيندڙ داغ ختم ٿي ويا ھئا جنھن جي ڪري ڪرھ شمالي ۾ شديد سردي پئي ھئي ۽ درياھ ٽيمس ڄمي ويو ھو. ان دور جي پينٽنگن مان خبر پوي ٿي تہ ڄميل دريا ٽيمس تي سرمائي ميلا لڳندا ھئا. سن 1684ع جي وڏي ٿڌ ۾ درياھ ٻن مھينن تائين ڄميل رھيو ۽ ان مٿان برف جي ھڪ فٽ تھ ڄميل رھي. يورپ جي تاريخ جي ھن ٿڌي ترين دور کي سائنسدانن مونڊر منيميم جو نالو رکيو ويو ان سائنسدان جي نالي جنھن سج تي ٿيڻ واري سرگرمي ۾ گهٽتائي جو مشاھدو ڪيو ھو.

مونڊر منيميم دوران صرف دريا ٽيمس نہ رڳو ڄميو ھو پر بحيرہ بالٽڪ بہ ڄمي ويو ھو. شمالي يورپ جا فصل تباھ ٿي ويا ھئا ۽ ڏڪار شروع ٿي ويو ھو.

سج تي سرگرمي جي گهٽتائي جو مطلب اچڻ وارن ڪيترن ڏھاڪن تائين زمين تي انتھائي ٿڌ پئجي سگهي ٿي.

1609ع کان پوء سج جي داغن يا ان تي اٿندڙ شعلن جو مشاھدو ڪيو وڃي ٿو پيو ۽ ھن مھل تائين سائنسدانن وٽ 4 سو سال جا مشاھداتي ذخيرا موجود آھن تہ ڪيئن سج تي سرگرمي ڪيئن گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ اھو ادراڪ ناھي تہ اڳتي ھلي ماحول تي ڪھڙو اثر پوندو. ڪجھ سائنسدان تحقيق ۾ ھزارين سال پراڻي برفاني علائقن جي برف تي تحقيق ڪري رھيا آھن ۽ برف جي اھڙن ذرن جو مشاھدو ڪري رھيا آھن جيڪي ڪڏھن زمين جي فضا ۾ پاتا ويندا ھيا انهن ذرن ذريعي سج تي ٿيندڙ سرگرمين جي لاھ چاڙھ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.

ھڪ ٻئي سائنسدان مائيڪ لويڪورٿ جي مشاھدي مطابق ڏھ ھزار سالن ۾ پھريون دفعو سج تي تيزي سان سرگرمي ۾ گهٽتائي ٿي رھي آھي.

ھن مطابق برف جي تھ ۽ سج تي سرگرمي ۾ واقع ٿيندڙ گهٽتائي جو مشاھدو ڪيو وڃي تہ ويھ کان ٽيھ فيصد ان ڳالھ جو امڪان آھي تہ ايندڙ چاليھ سالن ۾ دنيا مونڊر مينيمم جو شڪار ٿي ويندي.

سورج تي سرگرمي ۾ گهٽتائي جو مطلب آھي تہ سج کان دنيا ۾ ايندڙ بنفشي شعائن جي گهٽتائي ۽ ان سبب ڪري جيٽ اسٽريم متاثر ٿي سگهي ٿي. مائيڪ لويرٿ جو چوڻ آھي تہ جيٽ اسٽريم ۾ تبديلي سان شمالي يورپ ڏي ايندڙ گرم ھوائون بند ٿي سگهن ٿيون. سج جي سطح تي گرمي ايسين ختم نہ ٿيندي جيسين سج بوني گرھ وانگر ننڍو نہ ٿي ويندو ۽ ان جي سڄي ھيڊوجن ختم ٿي نہ ويندي.

سج ۽ موسمي اثر :-

زمين تي موسمن جو ٺھڻ زمين جي گردش سان نٿو ٿئي پر سج جي جهڪاء جي ڪري ٿئي ٿو. زمين جو محور تقريبن 23.45 درجا جهڪيل ٿئي ٿو. زمين جي گردشي حرڪت جي ڪري موسم ٺھن نٿا پر تبديل ضرور ٿين ٿا.

جون جي مھيني ۾ اتر اڌ گولي ۾ گرمي ٿئي ٿي ان وقت زمين جو محور جيڪو 23.45 درجا جهڪيل ٿئي ٿو ان جو جهڪاء سج طرف ٿئي ٿو ۽ سج سرطاني خط Tropic of Cancer مڪينن لاء منجهند جو عين مٿي تي ٿئي ٿو ان کان سوا اتر اڌ گولي تي ڏينھن ڊگها ۽ راتيون ننڍيون ٿين ٿيون ان جي ابتڙ ڏکڻ اڌ گولي ۾ جون جي مھيني ۾ سردي ٿئي ٿي ڏينھن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين ٿيون. سرطاني راس Summer Solstice اڪثر ڪري 21 جون تي ٿئي ٿو ليڪن ڪڏھن ڪڏھن 20 يا 22 جون تي ٿئي ٿو.

سرطاني راس جي ابتڙ جدي راس Winter Solstice ڊسمبر جي مھيني ۾ ٿئي ٿو جڏھن سج جدي خط Tropic of Capricorn جي عين مٿان ٿئي ٿو ۽ اتر اڌ گولي ۾ سردي ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ گرمي پوي ٿي جدي راس اڪثر ڪري 21 ڊسمبر تي ٿئي ٿو يا ڪڏھن ڪڏھن 20 يا 22 ڊسمبر تي ٿي سگهي ٿو. ھن وقت ڌرتي جي محور جو رخ سج کان دور ٿئي ٿو. سرطاني راس وانگر جدي راس ۾ بہ اتر ۽ ڏکڻ نصف گولن ۾ ڏينھن ۽ رات جو مدو برابر نٿو ٿئي. اتر ۾ رات جڏھن تہ ڏکڻ ۾ ڏينھن وڏا ٿين ٿا. زمين جي محور جو جهڪاء نہ سج طرف ٿئي ٿو نڪي سج جي دوري طرف ٿئي ٿو. اعتدال ربيع ۽ اعتدال خريف مارچ ۽ سيپٽمبر مھيني ۾ ٿين ٿا اعتدال ربيع ۽ اعتدال خريف ۾ خط استوا تي ڏينھن ۽ رات جو مدو برابر ٿئي ٿو. اعتدال ربيع ۾ اتر اڌ گولي ۾ بھار ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ سرء جو موسم ٿئي ٿو ان جي ابتڙ اعتدال خريف ۾ اتر اڌ گولي ۾ سرء ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ بھار جو موسم عروج تي ٿئي ٿو.

حوالا[سنواريو]