مواد ڏانھن هلو

وار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھن صفحي کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي.

سائنسدانن جي جديد تحقيق مطابق وار هڪ مهيني ۾ لڳ ڀڳ 12 ملي ميٽر وڌندا آهن، رات جو وار گهٽ رفتار سان وڌندا آهن، ڏينهن شروع ٿيڻ سان ئي انهن جي وڌڻ جي رفتار وڌي وڃي ٿي.

جيڪڏهن اسان جي جسم تي ڦٽڻ وارا وار الڳ الڳ ۽ اڪيلي ڦٽڻ بدرآن هڪ ئي ڊگهي تار جي شڪل ۾ ڦٽن ها ته شايد اسين اهو اندازو لڳائڻ جي قابل هجون ها ته اسان جي جسم تي ڪيتري ڊيگهه سان وار ڦٽن ٿا، انهيءَ صورت ۾ وارن جي انهيءَ تار جي وڌڻ جي رفتار ٽي سينٽي ميٽر في منٽ هجي ها ۽ سال جي پڇاڙيءَ تائين انهن جي ڊيگهه 37 ميل يا 59 ڪلوميٽرن تائين پهچي وڃي ها. مختلف ماڻهن جي جسم تي مختلف قسم جا وار ڦٽن ٿا. ڪارن ماڻهن جي مقابلي ۾ اڇي رنگ جي قومن جا وار ڪجهه قدر وڌيڪ نرم ۽ ملائم هوندا آهن. وار اسان جي بناوت، سهڻائپ ڏين ٿا، ان کانسواءِ مٿي جا وار مٿي کي سيءَ، گرميءَ ۽ لُڪَ جي اثرن کان بچائين ٿا. ڀروون ۽ پنبڻين جا وار اک کي دونهين ۽ مٽيءَ کان محفوظ رکن ٿا ۽ نڪ جا وار ساهه جي نالين ۾ مٽيءَ جي وڃڻ کي روڪين ٿا.

مٿي جي وارن جي ڪِرڻَ کي گنجي پڻو چئبو آهي، گنجي پڻي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا ۽ انهن جا مختلف ڪارڻ ٿين ٿا، هڪ عام گنجائپ صحتمند نوجوان مردن ۾ اڪثر ٿي ويندي آهي. 95 سيڪڙو اهڙن ماڻهن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو به آخري سبب معلوم ٿي ناهي سگهيو، هڪ ئي خاندان جا گهڻائي ماڻهو اڪثر ان جو شڪار هوندا آهن، جنهن مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته هيءَ هڪ موروثي ڪيفيت آهي، جيڪا جينس (Genes) وسيلي اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته، اهڙي نموني جي گنجائپ مردن ۾ ئي ٿيندي آهي، تنهن ڪري ان جو تعلق جنسي هارمون جي اثرن جي ڪري به ٿي سگهي ٿو.

عام طرح اهڙو گنجي پڻو ٻن طريقن سان ظاهر ٿئي ٿو. هڪ ”چوٽيءَ جي گنجائپ“ جنهن ۾ سڀ کان پهرين وار مٿي جي چوٽي (تارون) کان ڪرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي گنج واري حصي جي گولائي وڌندي ويندي آهي، ٻئي طريقي ۾ پهرين مٿي جا وار گهٽجڻ شروع ٿيندا آهن، جنهن سان گنجائپ مٿي جي مٿئين حصي تائين ڦهلجي ويندي آهي.

گنجائپ علامتي به ٿي سگهي ٿي، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جيئن : مٿي جي کل جو انفيڪشن (Scalp infection) يعني سوڄ ۾ کل جي خراب ٿي وڃڻ سان وار ڪري پوندا آهن ۽ نوان وار ڦٽڻ بيهجي ويندا آهن. کل جو اهو انفيڪشن بيڪٽيريا، وائرس يا فنگس مان ڪنهن به هڪ جي ڪري ٿي سگهي ٿو. اڪثر اهڙي گنجائپ ۾ گول گول دائرا ٿي پوندا آهن يعني (Oval Patches) جيڪي وارن جي هڪدم ڪرڻ سان ظاهر ٿيندا آهن.

کل جي مڪمل صحتيابي جي صورت ۾ وار ٻيهر نڪري ايندا آهن پر جيڪڏهن کل تي مستقل اثر رهجي وڃن ته اهي دائرا به رهجي ويندا آهن. ڪڏهن وري سخت يا ڊگهين بيمارين جهڙوڪ: ٽائفائيڊ، نمونيا، سرسام وغيره ۾ به ڪڏهن ڪڏهن وار ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن، پر صحت بحال ٿيڻ تي ٻيهر ڦٽي پوندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ٻارن ۾ خراب کاڌي پروٽين جي گهٽتائي، رت جي گهٽتائي يا عام ڪمزوريءَ جي ڪري وار ڪري پوندا آهن. اها حقيقي گنجائپ ناهي هوندي ۽ مناسب توجهه ۽ کاڌي ڏيڻ سان وارن جي صحت بحال ٿي ويندي آهي ۽ ٻيهر ڦٽڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيڻ واريون دوائون ۽ هارمون واريون دوائون ان جو مثال آهن. دوائن جو استعمال بند ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي وار نڪرڻ شروع ڪندا آهن.[1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا