يورپين ايڪانامڪ ايريا
يورپين ايڪانامڪ ايريا | |
---|---|
يورپين يونين جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن EFTA وارا ملڪ جيڪيEEA ۾ شامل آهن EU۽ EFTA کان ٻاھر ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن[1] EU جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن EFTA جا ملڪ جن معاھدي تي صحيح ڪئي پر اڃان شامل ناھن | |
|
|
رڪن ملڪ[2][3] | |
قیام | |
• EEA معاھدي تي دستخط |
2 مئي 1992 |
• نفاذ العمل |
1 جنوري 1994 |
پکيڙ | |
• جملي |
4٬944٬753 km2 (1٬909٬180 sq mi) |
آبادي | |
• 2017 اندازو |
515,000,000 |
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ |
• ڪل |
US$20 ٽرلين ڊالر[4][5] |
يورپين ايڪانامڪ ايريا يا يورپي معاشي علائقو (انگريزي: European Economic Area) ,, مختصرن (EEA) يورپي ملڪن جي ھڪ معاھدي سان پھرين جنوري 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي [6]. اھا يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۽ ايفٽا جي رڪن ملڪن (آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي) جي ملڪن کي ساڳي بنيادي قائدن تحت ھڪ داخلي مارڪيٽ سان ملائي ٿي.[1] اھي قاعدا يورپي يونين منجھ مزدورن، سامان، خدمتن ۽ سرمايي جي يورپين سنگل مارڪيٽ اندر آزاد منتقلي کي فروغ ڏين ٿا[7]. اھو ھڪ واپاري معاھدو آهي. ان جي آرٽيڪل 1 مطابق ان جو يورپين ايڪانامڪ ايريا جي ٺھڻ جو مقصد واپار ۽ معاشي ناتن جي لاڳيتي ۽ اعتدال واري مضبوطي کي فروغ ڏيڻ آهي. ايفٽا (EFTA) جا رڪن مشترڪ زرعي پاليسي يا مشترڪ ماھيگيري واري پاليسي ۾ شامل ناھن. يورپي معاشي علائقي جي رڪن ملڪن ۾ ماڻھن جي آزاد حرڪت ۽ منتقلي ۽ ان عمل جي تحفظ لاء اپاء ساڳيا ئي آھن جيڪي يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۾ لاڳو ٿيل آھن[8][9] [10] يورپين ايڪانامڪ ايريا جي فيصلي سازي جي مرحلن سان يورپين ايڪانامڪ ايريا ۽ ايفٽا جا رڪن ملڪ شروعات کان ئي نئين پاليسي ۾ حصو وجھڻ ۽ اثرانداز ٿيڻ لائق بڻجن ٿا[11] 1994 ۾ ھن فورم جي ٿھڻ وقت 17 ملڪن سان گڏوگڏ يورپين ايڪانامڪ ڪاميٽي ۽ يورپين ڪول اينڊ اسٽيل ڪاميٽي شامل ھيا. 2020ع ۾ رڪن ملڪن جو تعداد 30 تائين ٿي ويو جن ۾ 27 يورپي يونين وارا ملڪ ۽ 3 ايفٽا جي چئن مان آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي شامل ھئا.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Jump up to: 1.0 1.1 Under the Brexit withdrawal agreement, during a transition period the UK continues to be treated as a member of the EU and thus as a member of the EEA. It is planned that as soon as the transition period ends the UK will no longer be a member of the EEA.
- ↑ "Agreement details". Council of the European Union. حاصل ڪيل 7 July 2013.
- ↑ "Agreement details". Council of the European Union. حاصل ڪيل 23 April 2014.
- ↑ "Report for Selected Country Groups and Subjects". www.imf.org.
- ↑ "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
- ↑ {{cite web |url=http://www.efta.int/eea/eea-agreement/eea-basic-features#1 |title=The Basic Features of the EEA Agreement - European Free Trade Association |website=www.efta.int}}
- ↑ "AGREEMENT ON THE EUROPEAN ECONOMIC AREA". European Free Trade Association. حاصل ڪيل 7 May 2017.
- ↑ "Agreement on the European Economic Area". Official Journal of the European Union. حاصل ڪيل 2018-11-25.
- ↑ "Directive 2004/38/EC of the European Parliament and of the Council". Official Journal of the European Union. حاصل ڪيل 2018-11-25.
- ↑ "The Basic Features of the EEA Agreement | European Free Trade Association". Efta.int. حاصل ڪيل 2017-05-07.
- ↑ "2182-BULLETIN-2009-07:1897-THIS-IS-EFTA-24" (PDF). حاصل ڪيل 2017-05-07.
|