ليٽويا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ريپبلڪ آف ليٽويا

ليٽويا
جھنڊو
نسبتي نشان
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: خدا ليٽويا کي محفوظ رکي!
مڪانيت  ليٽويا  (تيز سائي رنگ ۾ ڏيکاريل) – يورپ ۾  (سائي رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ وارو) – in يورپي يونين  (سائي رنگ سان ڏيکاريل)  –  [Legend]
مڪانيت  ليٽويا  (تيز سائي رنگ ۾ ڏيکاريل)

– يورپ ۾  (سائي رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ وارو)
– in يورپي يونين  (سائي رنگ سان ڏيکاريل)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ ريگا
56°57′N 24°6′E / 56.950°N 24.100°E / 56.950; 24.100
سڀ کان وڏو شهر ريگا
دفتري ٻوليون ليٽويائي a
نسلي گروھ (2019[1])
مذهب
مقامي آبادي ليٽويائي
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني ريپبلڪ
• صدر
ايگلس ليوٽس
ارترس ڪرشيانس ڪرينج
مقننه سائما
آزادي روس کان
• آزادي جو اعلان
18 نومبر 1918
• تسليم ڪيو ويو
26 جنوري 1921
• آئين جو نفاذ
7 نومبر 1922
• آزاد رياست جي بحالي
21 آگسٽ 1991
• يورپي يونين ۾ شموليت
پھرين مئي 2004
پکيڙ
• جملي
64٬589 km2 (24٬938 sq mi) (122nd)
• پاڻي (%)
1.57% (1,014 km2)
آبادي
• 2020 اندازو
1,907,675 [2] (147th)
• 2011 مردم شماري
2,070,371[3]
•  گھاٽائي
29.6 /km2 (76.7 /sq mi) (147th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$63.490 ارب ڊالر [4]
• في سيڪڙو
$32,986[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$36.771 ارب ڊالر [4]


ليٽويا(انگريزي: Latvia ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ليٽويا يا جمھوريه ليٽويا آھي، اتر يورپ جي بالٽڪ ريجن ۾ واقع هڪ ملڪ آهي [7][8][9] ان جي اتر ۾ اسٽونيا، ڏکڻ ۾ لٿوينيا ، اوڀر ۾ روس، ڏکڻ اوڀر ۾ بيلاروس ۽ اولھ ۾ بالٽڪ سمنڊ ذريعي ان جون سامونڊي حدون سويڊن جي سامونڊي حدن سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جي آبادي 1,957,200 آھي [10] ۽ پکيڙ 64589 چورس ڪلوميٽر آهي[11]. ان جو گاديءَ جو هنڌ ريگا شھر آھي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ملڪ جا ٻيا مشھور شھر دوگاوپلز، ليپائيا، يلگاوا، يرمالا آھن. ھتان جي موسم ٽيمپريٽ ھوندي آھي [12]

ملڪ جو نالو[سنواريو]

ليٽويا لفظ پروٽو انڊين يورپي بالٽ نسل جي ليٽگال قبيلي جي نالي مان نڪتل آهي[13] ليٽويا جي ھينري ان قبيلي جي نالي تان ان سرزمين کي " ليٽيگيليا " ۽ ليٿيا جا نالا ڏنا جيڪو بعد ۾ رمانس ٻولين ۽ جرمن ٻولي جي اثر هيٺ تبديل ٿيندي ليٽويا ٿي ويو[14].

تاريخ[سنواريو]

ھن ملڪ جي حدن ۾ انساني آبادي جي شروعات 3000 سال ق م ۾ ٿي جڏھن بالٽڪ سمنڊ اوڀرندي جي ڪناري تي پروٽو بالٽڪ قبيلن رھائش اختيار ڪئي [15] انھن مقامي عنبر جي عيوض قيمتي ڌاتو حاصل ڪرڻ لاءِ روم ۽ بازنطيم سان واپاري رستا قائم ڪيا[16] 900 عيسويءَ تائين اتي چار بالٽڪ قبيلن : ڪروني، ليٽيگالي، سيلوني ۽ سيميگالي سان گڏوگڏ فن نسل جو فن ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلو لووني آباد ٿي چڪا ھئا.

ٽيرا ماريانا، وچولي دؤر جو ليوونيا


جيتوڻيڪ مقامي ماڻھن صدين کان ٻاھرين دنيا سان تعلق ۾ رھيا پر پوء به ٻارھين صدي ۾ انھن پاڻ کي يورپ جي سماجي ۽ سياسي نظام سان ڳنڍي رکيو [17] ان صدي جي آخر ۾ پوپ عيسائيت ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت لاء تبليغي جماعت دائوگاوا ندي ذريعي موڪلي ھئي[18] پر مقامي ماڻھو، چرچ جي اميدن جي ابتڙ، عيسائيت قبول نه ڪئي [18]. سينٽ مائنھارڊ ماڻھن کي بت پرست عقيدن مان ڦيرائي عيسائيت ۾ آڻڻ لاء ڪيٿولڪ تبليغي جماعت سان 1184ع ۾ زيگبرگ (Segeberg) کان روزانو ٿي اڪشچل (Ikšķile) پھتو. پوپ سيلسٽائين ٽئين 1193ع ۾ اتر يورپ جي بت پرست عقيدن سان تعلق رکندڙن جي خلاف جھادين (crusaders) کي موڪليو تہ جئين طاقت جي زور تي کين عيسائيت ۾ آڻجي. پرامن طريقي ۾ ناڪامي ملڻ بعد سينٽ مائنھارڊ پڻ لووني قبيلي وارن کي طاقت ذريعي عيسائي بڻائڻ جي رٿ ڪئي[19].

تورائدا ڪاسل جيڪو ريگا جي البرٽ 1214ع ۾ سگولدا لڳ تعمير ڪرايو

13 صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ موجوده ليٽويا جو وڏو حصو ۽ ڏکڻ اسٽونيا جرمن ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ ھيا جرمنن انھن سڀني کي ملائي لائيوونيا واري ڪروسيڊر رياست (جھادي رياست) قائم ڪئي جيڪا پوء ٽيرا ماريانا جي نالي سان مشهور ٿي. 1282ع ۾ ريگا۽ بعد ۾ سئيسس،ليمبزي،ڪوڪنيس،والميئرا شھر ھينزيئٽڪ ليگ جو حصو ٿيندا ويا [18] اوڀر ۽ اولھ طرف واپار لاء ريگا ھڪ مرڪز بڻجي ويو [18] ۽ ان اوڀر يورپ سان ويجھڙا ثقافتي لاڳاپا قائم ڪيا [20] ھن ملڪ ۾ پھريان جرمن آبادڪار نائيٽ ھيا جيڪي اتر جرمني جا رھاڪو ھيا جن جرمن ٻولي ھتي آندي جنھن جا کوڙ لفظ ليٽويائي ٻولي ۾ شامل ٿي ويا[21].

سويڊش ايمپائر (1560–1815).
ريگا سوئيڊش ليوونيا جو گادي جو هنڌ ۽ سوئيڊش ايمپائر جو سڀ کان وڏو شھر ھيو

ليوونيا واري جنگ (1558–1583) کان پوءِ, ليوونيا تي پولش لٿوينيائي دولت مشترڪه جو قبضو ٿي ويو[18]اسٽونيا جو ڏاکڻو حصو ۽ ليٽويا جو اتريون حصو لٿوينيا جي گرينڊ ڊچي جو حصو بڻجي ليوونيا جي ڊچي ٿي ويا [22]. اھا ڊچي جيتوڻيڪ پولينڊ کي خراج ڏيندڙ رياست ھئي پر پوء به ان کي وڏي پيماني تي خودمختياري مليل ھئي ۽ سن سورھين صدي ۾ پنھنجو سونھري دؤر ڏٺو[23]. سترھين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سويڊش ايمپائر، روسي ايمپائر ۽ پولش لٿوينيائي دولت مشترڪه وچ ۾ اوڀر بالٽڪ ريجن ۾ ھڪٻئي تي برتريءَ لاء سرگرم رھيا. پولش سويڊش جنگ (1600–1611) جي نتيجي ۾ اتر ليوونيا سويڊن جي ڪنٽرول ۾ آيو. ريگا سوئيڊش ليوونيا جو گادي جو هنڌ ٿيو [24]. 1629 ۾ الٽمارڪ واري صلح ٿيڻ تائين انھن جي وچ ۾ وقتن فوقتن جنگ جاري رھي. ليٽويا ۾ سويڊش دؤر کي سٺو دؤر سمجھيو ويندو آھي جنھن ۾ غلامي ۾ نرمي آندي وئي ۽ ھارين لاء اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو، ۽ جرمن بالٽڪ نوابن جو اثر رسوخ گھٽيو[25][26]. ان دؤر ۾ کوڙ وڏيون ثقافتي تبديليون پڻ واقع ٿيون. سويڊش ۽ گھڻي ڀاڱي جرمن حاڪميت دوران ليٽويا ۾ لوٿرازم مذھب اختيار ٿي چُڪو ھو. موجوده ليٽويا جو حدون ان وقت ورھايل ھيون ان ڪري پولينڊ جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ رومن ڪيٿولڪ مذھب اختيار ٿي چُڪو ھو ۽ ليٽويائي ٻولي ۾ اتي پولش ۽ روسي ٻولين جي لفظن جو وڏو ذخيرو پڻ شامل ٿي ويو [27]. 1710ع ۾ اسٽونيا ۽ ليوونيا جي روس آڏو پيش پوڻ بعد نيسٽاڊ واري معاھدي ذريعي اتر واريون عظيم جنگون پڄاڻي تي پھتيون. انھن جنگن ۽ پليگ جي وبا جي ڪري ليٽويا جي 40 سيڪڙو آبادي ناس ٿي چڪي هئي[28]. ريگا شھر جي اڌ آبادي مري چڪي ھئي[29]. 1721ع ۾ وِڊزَيمَي روس کي مليو. ان کي ريگا جي گورنريٽ جو حصو بڻايو ويو. ليٽگال وارو علائقو 1772 تائين پولش-لٿوينيائي دولت مشترڪه جو حصو رھيو جنھن بعد اھو روس ۾ شامل ڪيو ويو. 1795ع ۾ ڪورلينڊ ۽ سيميگاليا واري ڊچي روس جي خودمختيار گورنريٽ بڻائي وئي جنھن جو نالو ڪورلينڊ گورنريٽ رکيو ويو. اھڙي طرح موجوده ليٽويا سمورو روسي ايمپائر جي تسلط ھيٺ اچي ويو. بالٽڪ جي ٽنھي صوبن ۾ مقامي قانونن کي برقرار رکيو ويو ۽ انھن جي سرڪاري ٻولي جرمن رھي ۽ انھن کي پنھنجي علحده لنسٽاگ (Landtag) جي نالي سان پارليامينٽ ھئي. 1817ع ۾ ڪورلينڊ جي زرعي غلامن کي آزادي ڏني وئي. اوڻويھين ۽ ويھين صدي ۾ ليٽويا ۾ زرو سان معاشي ۽ تعميراتي واڌارو آيو ۽ ريگا جي بندرگاھ روسي ايمپائر جي سڀ کان وڏي بندرگاھ بڻجي وئي. اتي ريلوي لائينون وڇي ويون ، فيڪٽريون لڳي ويون، بئنڪون ۽ يونيورسٽي قائم ٿي.

ڪارلس المنش (1877–1942), ليٽويا جو ھڪ مطلق العنان صدر


روس کان آزادي آزادي[سنواريو]

پھرين جنگ عظيم ھن ملڪ واري علائقيکي تباھ ڪري ڇڏيو. ان وقت خودمختياري جا مطالبا اٿي رھيا ھئا پر آڪٽوبر 1917ع واري روسي انقلاب اچڻ سان آزادي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ 18 نومبر 1918ع تي ليٽويا جي عوامي ڪائونسل ليٽويا جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ڪارلس المنش ملڪ جي عبوري حڪومت جو صدر ٿيو پر ان آزادي جي اعلان سان گھرو ويڙھ ۽ سرحدي جنگ جي شروعات ٿي وئي. 1919 جي بھار جي موسم تائين درحقيقت ليٽويا جون ٽي حڪومتون دعويدار ھيون جن مان ھڪ ڪارلس المنش جي عبوري حڪومت جنھن کي ٽائوٽس پَدُووَم (عوامي ڪائونسل) جي ۽ مليٽري انٽر الائيڊ ڪميشن آف ڪنٽرول جي حمايت حاصل ھئي. ٻين حڪومت ليٽويائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي ھئي جنھن جو اڳواڻ پيترس اسٽوشڪا ھيو جنھن جي حامي سرخ فوج ھئي. ٽين آندري نائيدرا جي عبوري حڪومت ھئي جنھن کي بالتيشي لنڊسويئر ۽ جرمن فرائيڪور يونٽ جي حمايت حاصل هئي. اسٽونيا ۽ ليٽويا جي فوجن جرمني کي جون 1919ع ۾ سئيسس واري جنگ ۾ شڪست ڏني[30] ۽ 1920 جي شروعات ۾ ئي ليٽويا ۽ پولينڊ جي فوجن اوڀر ليٽويا مان سرخ فوج کي ٻاھر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. پھرين مئي 1920ع تي چونڊيل آئين ساز اسيمبلي وجود ۾آئي جنھن ملڪ جو آئين ٺاهي فيبروري 1922ع ۾ لاڳو ڪيو [31] 1934ع م فوجي انقلاب کان پوءِ ڪارلس المنش آئين کي جزوي طور تي معطل ڪري ڇڏيو پر ان کي ٻيھر 1990ع ۾ بحال ڪيو ويو ۽ ترميمن سميت اھو اڄ تائين نافذ العمل آهي[32].

سرخ فوج جا جٿا 1940ع ۾ ريگا ۾ داخل ٿيندي

24 آگسٽ 1939ع تي سويت يونين ۽ نازي جرمني پاڻ ۾ ڏھن سالن تائين ھڪٻئي سان اڳرائي نہ ڪرڻ جو معاھدو ڪيو جيڪو مولوٽوف- ربنٽراپ پيڪٽ جي نالي سان مشھور ٿيو. ان بعد ليٽويا جي صدر ڪارلس المنش ۽ نازي جرمنيءَ وچ ۾ معاھدي تحت ليٽويا مان بالٽڪ جرمن ماڻھن جي ليٽويا مان جرمني طرف منتقلي عمل ۾ آئي. ڊسمبر 1939ع تائين 50000 جرمن ليٽويا ڇڏي چڪا ھئا ۽ 1600 ان وقت پنھنجا ڌنڌا ختم ڪري لڏڻ جي تياري ۾ ھئا [33]. باقي 13000 جرمن واپس نہ ويا ۽ ليٽويا ۾ رھڻ جي چونڊ ڪئي[33] انھن منتقل ٿيندڙن مان اڪثر کي پولينڊ ۾ آباد ڪيو ويو[34] 5 آڪٽوبر 1939ع ۾ ليٽويا کي سويت يونين باھمي مدد جي معاھدي لاء زبردستي مجبور ڪيو جنھن تحت سويت يونين کي ليٽويا ۾ 25000 کان 30000 فوجي رکڻ جي اجازت ڏني وئي [35] رياستي عملدارن کي ھٽائي سوويت ڪيڊر جي عملدارن کي مقرر ڪيو ويو [36] چونڊن ۾ سوويت حامي اميدوارن کي بيھاريو ويو جن پيپلز اسيمبلي ۾ سويت يونين ۾ شامل ٿيڻ جي حمايت ڪئي. ليٽويا ۾ آگسٽس ڪرھينشٽيئنس جي حڪومت قائم ٿي[37].

سوويت يونين ۾[سنواريو]

5 آگسٽ 1940ع ۾ سويت يونين ليٽويا کي بطور ليٽويائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سوويت يونين ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

جولاء 1941ع ۾ جرمن فوجي ريگا ۾ داخل ٿيندي

سوويت پنھنجي مخالفت ڪندڙن کي سختي سان چٿيو ۽ بارباروسا واري آپريشن کان اڳ ھڪ سال جي اندر 34250 ماڻھن کي قتل يا سائيبيريا نيڪال ڪيو ويو[38] سائيبيريا بدر ٿيلن مان 40 سيڪڙو مري ويا. ليٽويائي فوجي آفيسرن کي گوليون هڻي ماريو ويو [39]. جنوري 1941ع تي جرمن فوج آپريشن بارباروسا ڪندي سوويت فوج تي حملو ڪيو. ان وقت ليٽويائي ماڻھن جي سرخ فوج سان مزاحمت پڻ شروع ٿي جنھن جرمن فوج کي فائدو پھچايو 29 جون تي ريگا ۾ سرخ فوج شڪست کاڌي ۽ جولاء جي شروعات ۾ اھو جرمني جي مڪمل قبضي ۾ اچي ويو [39] نازي جرمن فوج ۽ پوليس ليٽويا ۾ 1941ع جي سرء جي موسم دوران 30000 يھودين جو قتل عام ڪيو [39] نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ٻيا 30000 يھودي ريگا جي گھيتو مان ڪڍي رمبلا ٻيلي ۾ ماري ڇڏيا. جنوري 1944ع ۾ لينن گراڊ واري جنگ جي خاتمي بعد سوويت يونين جي سرخ فوج پيشقدمي شروع ڪئي ۽ جولاء جي مھيني ۾ ليٽويا ۾ داخل ٿي. ان وقت ٻنھي ڌرين ۾ ڇتي ويڙھ ٿي ھئي جنھن ۾ نازي جرمن کي شڪست آئي. 13 آڪٽوبر 1944ع تي سرخ فوج ريگا جو قبضو واپس ورتو [39] ٻي جنگ عظيم ۾ ٻہ لک کان وڌيڪ ليٽويائي شھري مارجي وي جن ۾ 75000 يھودي ھئا جيڪي نازي جرمن تسلط دوران قتل ڪيا ويا[40]. ليٽويائي فوجي ٻنھي ڌرين جي پاسن کان وڙھيا زياده تر جرمن پاسي کان وڙھيا[41] سوويت فوج 1944ع ۾ ليٽويا جي فوجين مان 308ين رائيفل ڊويزن، (سوويت يونين) تيار ڪئي.

فائل:Liepaja December 1941 massacres 01.jpeg
ليٽويائي يھودين جي عورتن ۽ ٻارن جون تصويرون جيڪي ڊسمبر 1941ع ۾ ليئپايا شھر ۾ انھن جي قتل عام کان اڳ ڪڍيون ويون

سوويت يونين جلد ئي سوويت نظام کي ليٽويا ۾ بحال ڪيو. ليٽويا جي قومپرستن جرمني سان گڏ وڙھندڙ ليٽويائي فوجين سان گڏجي جلد ئي سوويت فوج يا سرخ فوج جي خلاف مزاحمت شروع ڪئي[42]. لڳ ڀڳ 120000 کان 300000 لک ماڻھن ليٽويا ڇڏي جرمني ۽ سويڊن ۾ پناھ ورتي[43] سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ٿيڻ بعد ليٽويا م سوشلزم وارو معاشي نظام قائم ڪيو ويو. ٻھراڙيءَ ۾ گڏيل ڪاشت وارو نظام متعارف ٿيو[44] An روسي ٻولي ۽ ليٽويائي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏئي انھن ٻولين کانسواءِ باقي سڀني ٻولين ۾ تعليم واري سرشتي کي ختم ڪيو ويو [45] An 1959ع تائين چار لک روسي ماڻھو اتي آباد ڪرايا ويا. ڌاري آبادڪاري ڪري ليٽويا جي ڊيمو گرافي گھٽجي 62 سيڪڙو ٿي وئي. [46] ليٽويا سوويت نظام ۾ بھترين انفراسٽرڪچر ٺاھي ورتو. ماسڪو بھترين مينيوفيڪچرنگ جي لاء ليٽويا جي چونڊ ڪئي ۽ اتي نئين صنعتن کي قائم ڪيو جن ۾ ييلگاوا ۾ ريگا آٽوبس فيڪٽري، ريگا ۾ اليڪٽرو ٽيڪنيڪل فيڪٽريون، دوگاوپلز ۾ ڪيميڪل فيڪٽريون، والميئرا ۽ اولائين ۾ کاڌي ۽ تيل جون فيڪٽريون قائم ڪيون ويون[47]. ليٽويا ٽرينون، پاڻي جا جھاز، مني بسون، ٽيليفون، اسڪوٽر، ريڊيو، ۽ ھاء فاء سسٽم، اليڪٽريڪل ۽ ڊيزل انجڻون، ڪپڙو، فرنيچر، بوٽ، پيتيون ۽ ٿيلھا، ميوزڪ وارا اوزار، گھرو اليڪٽرانڪ سامان، واچون، ھوائي ۽ زرعي پرزا وغيره ٺاھڻ شروع ڪيا[48] ليٽويا سويت يونين کان 1991ع ۾ آزادي حاصل ڪئي[49]

سوويت يونين کان آزادي[سنواريو]

1980 واري ڏھاڪي ۾ ميخائيل گورباچوف سوويت يونين ۾ سياسي ۽ معاشي سڌارا گلاسنوسٽ ۽ پرسٽرائڪا جي نالن سان متعارف ڪرايا. 1987ع جي اونھاري ۾ ريگا ۾ پھريون ڀيرو وڏي پيماني تي ليٽويا جي آزادي لاء مظاھرا ڪيا ويا. 1988 ۾ ٻي جنگ عظيم کان اڳ وارو ليٽويا جو جھنڊو ھوا ۾ ڦڙڪايو ويو جيڪو 1990ع ۾ سوويت ليٽويائي جھنڊي جي جاء تي سرڪاري جھنڊو قرار ڏنو ويو [50][51] 1989ع ۾سوويت يونين جي سپريم سوويت ھڪ قرارداد منظور ڪئي جنھن ۾ قرار ڏنو ويو تہ سوويت يونين جو بالٽڪ رياستن تي تسلط قانون مطابق ناھي ۽ اھو اتان جي ماڻھن جي مرضيءَ خلاف آهي. پاپولر فرنٽ نالي پارٽي ليٽويا جي آزادي جي حق ۾ ھئي جنھن کي 1990 جي چونڊن ۾ ليٽويا جي سپريم ڪائونسل م ٻہ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ٿي. 4 مئي 1990 تي ليٽويا جي سپريم ڪائونسل ليٽويا جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ليٽويائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو نالو بدلائي ريپبلڪ آف ليٽويا رکيو ويو [52] پر ماسڪو جي مرڪزي حڪومت ان کي ليٽويائي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ قرار ڏئي رھي ھئي. جنوري 1991 ۾ سويت سياسي ۽ فوجي قوتن ليٽويائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاء ريگا جي مرڪزي پبلشنگ هائوس تي قبضو ڪري قومي نجات جي ڪاميٽي جوڙي سرڪاري ونھوار پنھنجي ھٿ ۾ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. 3 مارچ 1991ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن م 73 سيڪڙو ماڻھن آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو. 21 آگسٽ 1991 تي ريپبلڪ آف ليٽويا سوويت فوجي. بغاوت جي. ناڪام ٿيڻ بعد مڪمل آزادي جو اعلان ڪري ڇڏي [53]

ريپبلڪ آف ليٽويا[سنواريو]

ليٽويا 2004 ۾ يورپي يونين جو ميمبر ٿيو ۽ 2007 ۾ لزبن واري معاھدي تي صحيح ڪئي

1993 ۾ ليٽويا جي پارليامينٽ سائما جون چونڊون ٿيون. 1994ع تائين روس جون فوجون اتان واپس نڪري آيون. ھن ملڪ 2004 ۾ يورپي يونين سان گڏوگڏ نيٽو ۾ پڻ ۾ شموليت ڪئي. 2006ع ۾ نيٽو جي سمٽ ريگا ۾ ٿي [54] نئين رياست سوويت تسلط دوران آيل آبادڪار ۽ انھن جي اولاد کي شھريت نہ ڏني پر ريپبلڪ آف ليٽويا ۾ پيدا ٿيندڙ انھن جي ٻارن کي شھريت جو حق ڏنو[55] نئين رياست ڊي نيشنلائيزيشن جي پاليسي کي فروغ ڏنو. 2014 ۾ ريگا کي يورپ جو ثقافتي گادي جو هنڌ قرار ڏنو ويو. يورو کي ملڪ جي ڪرنسي بڻايو ويو.

جاگرافي[سنواريو]

ليٽويا اتر يورپ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي اوڀرندي ڪناري واقع آهي

ليٽويا اتر يورپ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي اوڀرندي ڪناري تي واقع آهي. ان جي ڪل پکيڙ 64559 چورس ڪلوميٽر آهي. جنھن مان 62157 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 18159 چورس ڪلوميٽر زرعي زمين اٿس [56]، 34964 چورس ڪلوميٽر ٻيلا [57] ۽ 2402 چورس ڪلوميٽر تي خشڪي جي اندر پاڻي واقع آهي[58]. ليٽويا جي سرحدن جي ڊيگھ 1866 ڪلوميٽر آھي جنھن مان زميني سرحدن 1386 ڪلوميٽر آھي جنھن مان 343 ڪلوميٽر اسٽونيا سان اتر طرف، 276 ڪلوميٽر رشين فيڊريشن سان اوڀر طرف، 161 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف بيلاروس سان، 588 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف لٿوينيا سان واقع آھي. سامونڊي حدون 498 ڪلوميٽر اٿس جيڪي اسٽونيا، سويڊن ۽ لٿوينيا سان ملنس ٿيون[58] ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ جو نالو لوبانس ڍنڍ آهي جيڪا 80.7 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. ملڪ جي سڀ کان اونھي ڍنڍ دريد زيس ڍنڍ آھي جيڪا 65.1 ميٽر اونھي آھي. ملڪ جي اندر سڀ کان ڊگھي ندي گائويا ندي آهي جيڪا 452 ڪلوميٽر ڊگھي آهي. ملڪ گذرندڙ سڀ کان وڏو درياء دائوگاوا ندي آھي جنھن جي ڪل ڊيگھ 1005 ڪلوميٽر آهي جنھن جو 352 ڪلوميٽر حصو ليٽويا ۾ واقع آهي. ملڪ جو بلند ترين مقام گائيزنڪلنس آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 311.6 ميٽر بلندي تي واقع آهي.

انتظامي ورهاست[سنواريو]

تاريخي خطا: نارنگي: ڪورلينڊ، سائو سيميگاليا، پيلو ودزيمي، نيرو ليٽگل، ناسي سيلونيا
ليٽويا جي انتظامي ورهاست

ليٽويا ھڪ وحداني رياست آھي جيڪا 110 برابر سطح جي ميونسپلٽين ۽ 9 ريپلڪ جي شھرن تي مشتمل آهي جن ۾ ھر ڪنھن جون پنھنجيون شھري ڪائونسلون ۽ انتظامي ادارا آهن. انھن شھرن جا نالا آھن: دوگاوپلز، يئڪبپلس، ييلگاوا، يرمالا،ليئپايا، ريزڪني، ريگا،والميئرا، وينٽسپلس. ليٽويا چئن ثقافتي خطن ۾ ورھايل آھي: ڪورلينڊ، ليٽگل، ودزيمي ۽ زيمگل جن کي آئين اندر تسليم ڪيو ويو آهي. سيلونيا زيمگل جو حصو آهي پر ان کي الڳ خطو پڻ سڏين ٿا پر اھو باقاعده ورھاست جو حصو ناھي.

سياسي نظام[سنواريو]

Egils Levits.jpg Karins, Krisjanis-9702.jpg
ايگلس ليوٽس
صدر
ارترس ڪرشيانس ڪرينج
وزيراعظم

ليٽويا جي ھڪ ايواني پارليامينٽ جو نالو سائما آھي جنھن جون 100 سيٽون آھن جن لاء ھر چئن سالن بعد عام چونڊون ڪرايون وينديون آهن. ملڪ جي صدر جي چونڊ سائما مان الڳ چونڊ ذريعي ٿيندي آهي. صدر وزيراعظم کي مقرر ڪندو آھي جيڪو پنھجي ڪابينه سميت حڪومت جوڙيندو آهي جنھن کي سائما مان اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو آهي. ٻي جنگ عظيم کان اول ليٽويا جي ريپبلڪ ۾ اھو ساڳيو سياسي نظام نافذ ٿيل ھيو [59] ملڪ جي بيوروڪريسي ۾ 13 اسٽيٽ جا سيڪريٽري سينيئر ترين سرڪاري ملازم ھوندا آھن[60]

سائما (پارليامينٽ) جي عمارت جيڪا ريگا شھر ۾ واقع آهي

پرڏيھي معاملا[سنواريو]

پرڏيھي معاملن واري وزارت جي ريگا ۾ واقع عمارت


ليٽويا گڏيل قومن، يورپي يونين، يورپي ڪائونسل، نيٽو، معاشي تعاون ۽ ترقي جي تنظيم، يورپ جي سلامتي ۽ تعاون واري تنظيم، بين الاقوامي مالياتي فنڊ، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، بالٽڪ سمنڊ وارين رياستن جي ڪائونسل، نارڊڪ انويسٽمينٽ بئنڪ جو ميمبر ملڪ آھي. ھي ملڪ ليگ آف نيشنز جو پڻ رڪن رھيو. پھرين جنوري 2014ع تي ھن ملڪ يورو زون ۾ شموليت اختيار ڪئي. ھن ملڪ جا 158 ملڪن سان سفارتي تعلقات آهن. ملڪ جا 44 سفير ۽ ڪائونسليٽ مشن آھن. ھن ملڪ جا 34 سفارتخانا ۽ 9 مستقل نمائندگيون آھن. ليٽويا جي گادي جي ھنڌ ريگا ۾ 37 پرڏيهي سفارتخانا ۽ 11 بين الاقوامي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون[61]. ھن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي م بالٽڪ سمنڊ واري خطي ۾ سھڪار، يورپ جو استحڪام، بين الاقوامي ادارن ۾ مؤثر شموليت، يورپي سلامتي ۾ حصيداري وغيره شامل آهن.

معيشت[سنواريو]

ليٽويا يورپين سنگل مارڪيٽ (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل)، يورو زون (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) ۽ شينجن ايريا (ظاھر نہ ڪيل) جو حصو آهي

ليٽويا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ 1999 ۾ شامل ٿيو ۽ 2004ع ۾ يورپي يونين ۾ شامل ٿيو. پھرين جنوري 2014ع تي يورو کي ليٽويائي ليٽ جي جاء تي ھن ملڪ جي ڪرنسي بڻايو ويو. 2013ع جي پڇاڙيءَ ۾ 45 سيڪڙو ماڻھن يورو متعارف ڪرائڻ جي حمايت ڪئي ھئي ۽ 52 سيڪڙو ماڻهن مخالفت ڪئي[62] جنوري. 2004 ۾ يورو بيروميٽر جي سروي مطابق حمايت وڌي %53 ٿي وئي جيڪا يورپي سراسري واري شرح جي قريب ھئي[63] 2000ع کان ليٽويا جي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح يورپ ۾ تمام اوچي رھي آھي[64] 2008ع ۾ عالمي معاشي بحران ھن ملڪ جي معيشت کي پڻ متاثر ڪيو جنھن ڪري پاريڪس بئنڪ کان مالي مدد وٺي معيشت کي سھارو ڏنو ويو[65]. ليٽويائي معيشت 2009 جي پھرين ٽن مھينن ۾ %18 گھٽجي وئي جيڪو يورپي يونين ۾ معيشت جو سڀ کان وڏو زوال ھيو[66][67]

ليٽويا جي 1996 کان 2006 تائين حقيقي جي ڊي پي واڌ

حوالا[سنواريو]

  1. Social Statistics Department of Latvia. "Pastāvīgo iedzīvotāju etniskais sastāvs reģionos un republikas pilsētās gada sākumā". Social Statistics Department of Latvia. وقت 13 June 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. https://www.csb.gov.lv/en/statistics/statistics-by-theme/population/number-and-change/key-indicator/population-number-its-changes-and-density.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. "Population Census 2011 – Key Indicators". Central Statistical Bureau of Latvia. وقت 10 June 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 June 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Latvia". IMF. 
  5. "Gini coefficient of equivalised disposable income – EU-SILC survey". ec.europa.eu. Eurostat. وقت 20 March 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 March 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. وقت 22 March 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 December 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Composition of macro geographical (continental) regions, geographical sub-regions, and selected economic and other groupings". United Nations. وقت 30 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 November 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. https://op.europa.eu/en/web/eu-vocabularies/th-concept/-/resource/eurovoc/911?uri=http://eurovoc.europa.eu/911
  9. https://www.kyivpost.com/world/un-classifies-latvia-lithuania-estonia-northern-europe.html
  10. "Archived copy". وقت 28 June 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 June 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Latvia in Brief". Latvian Institute. وقت 6 October 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 November 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. "Weather information in Latvia". www.travelsignposts.com. وقت 2 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 March 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "Latvia in Brief" (PDF). Latvian Institute. وقت 8 November 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 May 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. "Baltic Online". The University of Texas at Austin. وقت 5 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 May 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  15. "Data: 3000 BC to 1500 BC". The European Ethnohistory Database. The Ethnohistory Project. وقت 22 June 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 August 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. A History of Rome, M Cary and HH Scullard, p455-457, Macmillan Press, ISBN 0-333-27830-5
  17. "Data: Latvia". Kingdoms of Northern Europe – Latvia. The History Files. وقت 2 February 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 April 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. 18.0 18.1 18.2 18.3 18.4 "Latvian History, Lonely Planet". Lonelyplanet.com. وقت 1 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 October 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. "The Crusaders". City Paper. 22 March 2006. http://www.balticsworldwide.com/the-crusaders/. Retrieved 28 July 2007. 
  20. "History of Latvia - Lonely Planet Travel Information". www.lonelyplanet.com. وقت 26 March 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-12-23.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Johann Sehwers (1918) (de ۾). Die deutschen Lehnwörter im Lettischen: Inaugural-Dissertation zur Erlangung der Doktorwürde der hohen philosophischen Fakultät I der Universität Zürich. Berichthaus. 
  22. Ceaser, Ray A. "Duchy of Courland". University of Washington. وقت 2 March 2003 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 September 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  23. O'Connor, Kevin (3 October 2006). Culture and Customs of the Baltic States. Greenwood Publishing Group. ISBN 978-0-313-33125-1. https://books.google.com/?id=IpR0-OrrwssC&pg=PA14&vq=Inflanty+Latgale. 
  24. Kasekamp, p. 47
  25. H. Strods, "'Dobrye Shvedskie Vremena' v Istoriografii Latvii (Konets XVIII V. – 70-E Gg. XX V.). ["'The good Swedish times' in Latvian historiography: from the late 18th century to the 1970s"] Skandinavskiy Sbornik, 1985, Vol. 29, pp. 188–199
  26. J. T. Kotilaine (1999). "Riga's Trade With its Muscovite Hinterland in the Seventeenth Century". Journal of Baltic Studies 30 (2): 129–161. doi:10.1080/01629779900000031. 
  27. V. Stanley Vardys (1987). "The Role of the Churches in the Maintenance of Regional and National Identity in the Baltic Republics". Journal of Baltic Studies 18 (3): 287–300. doi:10.1080/01629778700000141. 
  28. Kevin O'Connor (1 January 2003). The History of the Baltic States. Greenwood Publishing Group. pp. 29–. ISBN 978-0-313-32355-3. https://books.google.com/books?id=b3b5nU4bnw4C&pg=PA29. Retrieved 11 October 2015. 
  29. "Collector Coin Dedicated to 18th Century Riga". وقت 19 July 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 July 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد). Bank of Latvia.
  30. "Cēsis, Battle of | International Encyclopedia of the First World War (WW1)". https://encyclopedia.1914-1918-online.net/article/cesis_battle_of. 
  31. Bleiere, p. 155
  32. Bleiere, p. 195
  33. 33.0 33.1 Lumans, pp. 71–74
  34. Lumans pp. 110–111
  35. Lumans, p. 79
  36. Wettig, Gerhard, Stalin and the Cold War in Europe, Rowman & Littlefield, Landham, Md, 2008, ISBN 0-7425-5542-9, pp. 20–21
  37. Lumans, pp. 98–99
  38. Simon Sebag Montefiore. Stalin: The Court of the Red Tsar. p. 334. 
  39. 39.0 39.1 39.2 39.3 Buttar, Prit (21 May 2013). Between Giants. ISBN 978-1-78096-163-7. 
  40. "Timeline: Latvia". BBC News. 20 January 2010. http://news.bbc.co.uk/2/hi/europe/country_profiles/1108059.stm. Retrieved 5 February 2010. 
  41. "Patriots or Nazi collaborators? Latvians march to commemorate SS veterans آرڪائيو ڪيا ويا 21 July 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.". The Guardian. 16 March 2010
  42. Lumans, pp. 395–396
  43. Lumans, p. 349
  44. Bleiere, p. 384
  45. Bleiere, p. 411
  46. Bleiere, p. 418
  47. Bleiere, p. 379
  48. Lumans, p. 400
  49. contributor, Vladimir Kara-Murza DemocracyPost. "Opinion | Latvia opens its KGB archives — while Russia continues to whitewash its past". Washington Post. وقت 9 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 January 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  50. Graphic layout at https://flaglog.com/1991
  51. More-detailed discussion in Daina Stukuls Eglitis, Imagining the Nation: History, Modernity, and Revolution in Latvia State College PA: Pennsylvania State Press, 2010), 41-46. ISBN 9780271045627
  52. Eglitis, Daina Stukuls (1 November 2010) (en ۾). Imagining the Nation: History, Modernity, and Revolution in Latvia. Penn State Press. ISBN 978-0-271-04562-7. https://books.google.com/?id=36JG1JBlNroC&dq=latvia+political+history. 
  53. "History". Embassy of Finland, Riga. وقت 11 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 September 2010. Latvia declared independence on 21 August 1991...The decision to restore diplomatic relations took effect on 29 August 1991  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  54. "NATO Press Release". www.nato.int. وقت 12 March 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 January 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  55. Commercio Michele E (2003). "Emotion and Blame in Collective Action: Russian Voice in Kyrgyzstan and Latvia". Political Science Quarterly 124 (3): 489–512. doi:10.1002/j.1538-165X.2009.tb00657.x. https://semanticscholar.org/paper/ee1f2d71192747cf47e7c9f820c25cc774b5c5bc. 
  56. "Agriculture – Key Indicators". Central Statistical Bureau Republic of Latvia. وقت 27 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  57. "Forestry – Key Indicators". Central Statistical Bureau Republic of Latvia. وقت 12 October 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  58. 58.0 58.1 "Geographical Data – Key Indicators". Central Statistical Bureau Republic of Latvia. وقت 2 June 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  59. Constitution of the Republic of Latvia with amendments and revisions آرڪائيو ڪيا ويا 25 October 2007 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (Official English translation) آرڪائيو ڪيا ويا 5 December 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (Retrieved on 18 November 2011)
  60. "Politics" (en ۾). [Latvia.eu]. 9 January 2015. http://www.latvia.eu/key-facts/politics. 
  61. "Diplomatic and Consular Representations". Ministry of Foreign Affairs Republic of Latvia. وقت 1 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 November 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  62. Apollo, redakcija@apollo.lv. "Turpina pieaugt iedzīvotāju atbalsts eiro ieviešanai". Apollo.lv. وقت 4 April 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 April 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  63. "New currency, new leader". The Economist. 14 January 2014. https://www.economist.com/news/europe/21593502-latvias-president-nominates-laimdota-straujuma-prime-minister-new-currency-new-leader. Retrieved 10 January 2014. 
  64. "Growth rate of real GDP per capita". Eurostat. وقت 12 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 July 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  65. "Rimsevics: Failing to bail out Parex banka would result in closing down of four banks in Latvia". The Baltic Course. وقت 12 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 December 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  66. Aaron Eglitis (11 May 2009). "Latvian GDP Shrank 18% in First Quarter, EU's Biggest Fall –". Bloomberg L.P.. https://www.bloomberg.com/apps/news?pid=newsarchive&sid=ao7qqF0UESqc. Retrieved 16 October 2010. 
  67. "Latvian economy in rapid decline". BBC News. 11 May 2009. http://news.bbc.co.uk/2/hi/business/8043972.stm. Retrieved 4 April 2010.