سماج

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سماج، معاشرو يا سوسائٽي (انگريزي ٻولي: Society) آباديءَ جو اهو مجموعو آهي، جيڪو قوم جي جوڙجڪ ۽ رياست جو ڍانچو عمل ۾ آڻي ۽ رياستي اختيارين جي ضابطي هيٺ رهي. ڪي سماج خاص جاگرافيائي حدن جي اندر ۽ ڪنهن خاص رياستن جي دائري ۾ هوندا آهن، جڏهن ته ڪي انهن ٻنهي حدبندين کان بالاتر رهن ٿا ۽ مُختلف علائقن ۽ رياستن تائين ڦهليل هُجن ٿا. انساني سماج ۾ ماڻهن جي گروهن جي هڪٻئي سان مُختلف شعبن ۾ واسطيدار هُجڻ ڪري، اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا.

”سُسائٽي“ جو اصطلاح لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Societus مان نڪتل آهي، جنهن مان مراد ”دوست، ساٿي ۽ اتحادي“ هُجڻ آهي. ان ڪري ان جو مقصد مُختلف ڌرين ۾ ڀائيچاري ۽ دوستيءَ واري جذبي سان ڪنهن هڪ علائقي ۾ رهڻ وارو آهي. هي اصطلاح سڄي انسان ذات، ڪنهن خاص قوم يا محدود انساني گروهه جي لاءِ هڪ وقت استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن مڙني حلقن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جو سرشتو، ساڳي زبان، ثقافت،سماجي سهڪار يا حڪومتي تنظيم ڪاريءَ ذريعي جڙندو آهي. ٻين سرشتن وانگر ”سماج“ پنهنجي ميمبرن کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اهڙيون خواهشون، جن جي تڪميل انفرادي طرح ممڪن نه هُجي، انهن خواهشن کي اجتماعي سهڪار سان پورو ڪن. انهيءَ جستجو ۾ ’سماج‘ جو تصور انساني آباديءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي سرشتي جو آهي، جيڪو معاشي، سماجي، سياسي ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري، اها حاصلات ممڪن بڻائي ٿو، جيڪا انفرادي طور تي ممڪن نه هوندي آهي. ’سماج‘ ڀوٽان جي رياست وانگر ڪنهن مخصوص نسلي گروهه تائين محدود ٿي سگهي ٿو، ته اولهه جي سماجن جيان وسيع ثقافتي بُنيادن تي به پکڙجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ’سماج‘ جا مقصد مذهبي، ثقافتي، سائنسي، سياسي ۽ وطني وغيره به هُجن ٿا. مُختلف سماجن مان جيڪي سماج معاشي طور اُسريل هُجڻ ڪري سگهارا، امير ۽ بااثر هُجن ٿا، اُنهن کي مُک معاشرا (Core Societies) سڏجي ٿو. اهڙا سماج ٻاهرئين اثر کان پاڪ ۽ خودمختيار هُجن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اُهي معاشرا، جيڪي معاشي طور تي ڪمزور يا نٻل هوندا آهن، سي ڌاريي اثر جي هيٺ گهڻو هوندا آهن ۽ کين نيم انحصاري معاشرن (Semi-Peripheral Socities) جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]