فريدآباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فريدآباد تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ جو قديم ڳوٺ آهي جيڪو ڪاڇي واري علائقي ۾ واقع آهي. تاريخي ڪتابن “ڪاڇو هڪ اڀياس” ۽ “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” موجب هن ڳوٺ تي نالو فريد ڀاڳت جي نالي پٺيان پيل آهي. فريد ڀاڳت ميانوال تحريڪ جو ڪارڪن ۽ سپهه سالار هو. هن وقت هن ڳوٺ جي آبادي وڏي آهي. هن ڳوٺ ويجهو ٺُلهه مارُو يا مارو جو ٺُلهه هن ڳوٺ جي قدامت تي روشني وجهي ٿو ته هيءُ قديم زماني کان صفحه هستيءَ تي موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]