ڍنڍو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ ڍنڍو
Deh Dhandho
فائل:ڍنڍو.jpg
ديھ ڍنڍو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا اڏيرولال وليج ٿاڻو
تپو اڏيرولال
سروي نمبر 1 کان 449
مشهور ڳوٺ ڳوٺ خليفو يار محمد شاهه ۽ ڳوٺ بچل ورياء
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1955ع
لاڳاپيل ديهون ديھ ماڙي، ديھ کورکاڻي، ديھ اڏيرولال، ديھ ھڪڙا

ديھ ڍنڍو: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي اڏيرولال ۾ ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ خليفو يار محمد شاھ ۽ ڳوٺ بچل ورياء واقع آھن. ھن ديھ جا دنگ ديھ ماڙي، ديھ اڏيرولال، ديھ ھڪڙا، ديھ کورکاڻي سان ملن ٿا. ديھ ماڙي ء ديھ کورکاڻي جي دنگ تي ڦٽل ڪڙيو ڪلياڻ ھوندو ھو. ھن ديھ ۾ اڏيرولال ديھ مان سروي نمبر 431 کان سئي گئس جي پائيپ لائين داخل ٿي سروي نمبر 249 وٽان کورکاڻي ديھ ۾ داخل ٿئي ٿي. ھڪڙا ديھ جي دنگ تي نصرپور ڏانهن ويندڙ رستو اٿس.ھن ديھ جو قيام 1955 ۾ ٿيو ۽ 1977 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ ۾ 1 کان 449 تائين روينيو سروي نمبر ھيا.[1] 1977 جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خليفي يارمحمد شاھ جي لڳ ڳوٺ سيد محمد شاھ واقع ھو ۽ ھڪ ڳوٺ ديھ ماڙي جي دنگ تي سروي نمبر 379 ۽ 378 سان لڳ واقع ھو. ان پراڻي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جي اندر مشھور دنگ ڳوٺ بچل ورياء لڳ ڦٽل ڪڙيو ڳاڙھي، ڦٽل ڪڙيو فسادي، ڦٽل ڪڙيو ڪلياڻ، ڦٽل ڪڙيو نئون موجود ھيا.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)