عبدالله بن عمر
عبدالله بن عمر | |||||
---|---|---|---|---|---|
ھباري گھراڻي جو حاڪم | |||||
303ھ کان تائين سنڌ تي 30 سال حڪومت ڪئي | |||||
پيشرو | عمر بن عبدالعزيز ھباري | ||||
جانشين | عمر بن عبدالله | ||||
ريجنٽ | نالي ۾ عباسي خلافت | ||||
نسل | عمر بن عبدالله | ||||
| |||||
گهراڻو | قريش جيبنواسد جي شاخ ھباري | ||||
شاھي گھراڻو | ھباري گھراڻو | ||||
پيءُ | عمر بن عبدالعزيز | ||||
مذھب | اسلام |
عبدالله بن عمر هباري: 270ھ (84 ــ 883ع) ۾ عمر بن عبدالعزيز هباري کان پوءِ سندس پٽ عبدالله بن عمر جانشين ٿيو، جنهن جي ڪنيت ابوالمنذر هئي.
تفصيلي احوال
[سنواريو]279ھ ۾ ابو صمه (جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي) جي پٽ صمه بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪري ورتو، پر عبدالله بن عمر جلد مٿس حملو ڪري منصوره واپس ورتو ۽ باتيه ڇڏي اچي اتي رهڻ لڳو.عبدالله بن عمر هباري سنڌ تي لڳ ڀڳ ٽيهه سال حڪومت ڪئي ۽ سڀئي ملڪي معاملا چڱي طرح نڀايائين.
اولاد
[سنواريو]عمر بن عبدالله جنهن جي حڪومت جو بيان هلي رهيو آهي تنهن کي ٻه پٽ هئا، هڪ محمد ٻيو علي. ۽ ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ حضرت علي مرتضى جو اولاد هتي گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽ انهن علوي بزرگن ۾ زياده شمار انهن ماڻهن جو هو جو پاڻ کي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي اولاد مان سڏائيندا هئا. تنهن ڪري يقيناً عمر بن عبدالله هباري جو اولاد ان محترم خاندان ۾ ملي ويو[1].
قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو
[سنواريو]انهيءَ زماني ۾ هڪ هندو راجا مهروق، عبدالله بن عمر هباري کي اسلام جا اصول سنڌي ۾ لکي موڪلڻ جي درخواست ڪئي. عبدالله اتي رهندڙ هڪ عراق جي عالم جنهن جي پرورش سنڌ ۾ ٿي هئي ۽ تمام ذهين، مختلف زبانن جو ڄاڻو ۽ سٺو شاعر هوندو هيو کي پاڻ وٽ گهرايو. ۽ هندو راجا جي خواهش ٻڌايائينس. ان عالم سنڌي زبان ۾ اسلامي اصولن تي ٻڌل هڪ قصيدو لکيو ۽ راجا ڏانهن موڪلي ڏنائين. راجا جڏهن اهو قصيدو پڙهيو ته لاجواب ٿي ويو ۽ ان مهل ئي عبدالله بن عمر ڏانهن خط لکي سنڌي عالم جي ٻانهن گهري. اهو سنڌي عالم راجا وٽ پهچي ٽن سالن تائين اتي رهيو ۽ سندس خواهش تي قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. راجا روزانو ان کان قرآن مجيد جو ترجمو ٻڌندو هو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. اهو قرآن ڪريم جو پهريون سنڌي ترجمو هو.ان عالم جو چوڻ آهي ته راجا مون کي ڇهه سؤ مڻ سون ٽي ڀيرا انعام طور ڏنو..[2]
سنڌ ۾ ھباري گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }