مواد ڏانھن هلو

ابوبڪر صديق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابوبڪر
خلافت راشده
خلافت رسول
پورو نالو ابوبڪر
(أبو بڪر الصديق)
عھد 8 جون 632ع – 23 آگسٽ 634ع
پيدائش 573ء
مڪو معظم، عرب
مقام پيدائش مڪو معظم، عرب
وفات 23 آگسٽ 634 (عمر 61 سال)
مقام وفات مدينو منور، عرب
جاء تدفين بجانب قبر رسول ﷺ مسجد نبوي، مدينو منور
پيشرو -
جانشين عمر بن خطاب سانچو:رض مذ
والد عثمان ابو قحافه
والده سلميٰ ام الخير
ڀائر ۔ معتق
۔ عتيق
۔ قحافه بن عثمان
ڀينرون ۔ فردا
۔ قريبا
۔ ام عامر
شريڪ حيات ۔ قتيله بنت عبد العزٰي (مطلقہ)
۔ ام رومان بنت عامر
۔ اسماء بنت عميس
۔ حبيبه بنت خارجه
پُٽَ ۔ عبدالله بن ابي بڪر
۔ عبد الرحمٰن بن ابي بڪر
۔ محمد بن ابي بڪر
ڌيئرون ۔ اسماء بنت ابي بڪر
۔ عائشه بنت ابي بڪر
۔ ام ڪلثوم بنت ابي بڪر
خلف صديقي
ٻيا لَقَب ۔ الصدِّيق
۔ رفيق قبر
۔ يارِ غار
۔ شيخ اڪبر
۔ عتيق
ابو بڪر
خليفۃ الرسول -

ابوبڪر

آفتاب رسالت ﷺ جي درخشنده ستارن مان سڀ کان روشن نالو يار غار رسالت، پاسدار خلافت، تاجدار امامت، افضل بشر بعد الانبياء حضرت ابوبڪر صديق جو آھي جن کي امت مسلمہ جو سڀ کان افضل امتي چيو ويو آھي. بالغ مردن مان پاڻ سڀ کان پھريان حلقو بگوش اسلام ٿيا. پاڻ جن جي صاحب زادي حضرت عائشہ صديقہ کي رسول الله ﷺ جي سڀ کان محبوب زوجہ هئڻ جو شرف حاصل ٿيو.

اسلام جو پهريون خليفو ۽ محمد جن جو پهريون جانشين چونڊيو ويو. سڄي عمر محمد جو ساٿي رهيو. سندس اصل نالو عبدالله هو. ابو بڪر سندس ڪنيت هئي. صديق لقب هئس. پاڻ عمر ۾ محمد کان ٻه سال ننڍو هو. پاڻ پنهنجي عهد ۾ ڪيترن ئي فتنن جو خاتمو ڪيو. عراق ۽ شام سندن ئي خلافت ۾ فتح ٿيا. سلام- جو پهريون خليفو، مردن مان سڀ کان اڳ -اسلام- قبول ڪندڙ، نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جو يارِ غار ۽ سچو ساٿي، حضرت ابوبڪر صديق رضي -الله- تعاليٰ عنه هجرت کان 50 سال اڳ، مڪي شريف ۾ ’بنو -تميم-‘ قبيلي ۾، 572ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو عثمان -بن- عامر هو، جيڪو پنهنجي نالي کان وڌيڪ، پنهنجي ڪُنيت ’ابوقحافه‘ سان مشهور هو. سندس والده جو نالو سلميٰ بنت صخر هو ۽ سندس ڪنيت ’اُم الخير‘ ’قريش‘ جي هڪ شاخ هو. عثمان -بن- عامر ’ابوقحافه‘، کي ڪو -ٻار- نه بچندو هو، -ان- ڪري هن -باس- باسي ته هاڻي جيڪو -ٻار- پيدا ٿيندو، تنهن جو نالو ’عبدالڪعبه‘ رکيو ويندو. -ان- کان پوءِ حضرت -ابوبڪر صديق رضه- جي ولادت ٿي ته -باس- موجب سندس نالو ’عبدالڪعبه‘ رکيو ويو. سندس -بچي- وڃڻ ڪري، کيس ’عتيق‘ پڻ سڏيندا هئا. عتيق جي معنيٰ ’بچيل‘، ’آزاد‘، ’سهڻو‘، ۽ ’ڀلو‘ وغيره آهي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي نيڪ ۽ سعادت مند هو. ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو هو. جوانيءَ ۾ تجارت شروع ڪيائين. پاڻ قريش جو سردار، مدبر ۽ مشهور مالدار شمار ڪيو ويندو هو. قريشين، پنهنجي قبيلي جي هر شاخ کي هڪ مخصوص شعبو ڏنو هو، بنو تميمه قبيلي کي خون بها ۽ ڏنڊ جون رقمون وصول ڪرڻ جو ڪم سونپيل هو. حضرت ابوبڪر جيڪو به ڏوهه ڏنڊ ڪنهن تي رکندو هو، قريش اهو ڀري ڏيندا هئا، ڪنهن ٻئي جي فيصلي تي عمل نه ڪندا هئا. سندس عدل ۽ انصاف -ان- وقت به مشهور هو. 18 سالن جي عمر ۾ حضرت ابوبڪر، پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم سان گڏ ڪپڙي جي تجارت سانگي شام جو سفر ڪيو. سفر دوران حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- هڪ وڻ هيٺان ويٺا. ابوبڪر رضه ڀرسان هڪ راهب جي مڙهيءَ ۾ لنگهي ويو ۽ کانئس ديني ڳالهيون پڇڻ لڳو. راهب کانئس پڇيو: ’وڻ هيٺان ڪير ويٺل آهي؟‘ ابوبڪر رضه کيس نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي -باري- ۾ ٻڌايو. راهب قسم کڻي چيو ته: ’اهو نبي آهي، ڇو ته عيسيٰ عليه السلام کان پوءِ، اهوئي شخص، انهيءَ وڻ هيٺان ويٺو آهي.‘ اها ڳالهه حضرت -ابوبڪر صديق رضه- جي دل ۾ اهڙيءَ طرح ويهي وئي، جو 38 ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن کين نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي رسالت جي خبر پئي ته بنا دير -ان- جي تصديق ڪري، -ايمان- آندائون. -اسلام- قبول ڪرڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن سندن نالو ’عبدالڪعبه‘ مان بدلائي، ’عبدالله‘ رکيو. روايتن مطابق مٿن ڪيترائي لقب پيا، جيئن: ’ابوبڪر‘، ’صديق‘، ’عتيق‘، ۽ ’اَواه‘ وغيره، پر ’ابوبڪر‘ لقب گهڻو مشهور ٿيو ۽ سچ ڳالهائو هجڻ ڪري، کين ’صديق‘ پڻ چوندا هئا. ڪن روايتن مطابق، حضرت ابوبڪر رضه، حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي هر ڳالهه جي بنا دير تصديق ڪندا هئا، تنهن ڪري مٿن ’صديق‘ جو لقب پيو. -ان- حوالي سان معراج واري واقعي جي سچائيءَ بابت پڻ حضرت ابوبڪر رضه سڀني کان اڳ شاهدي ڏني، تنهنڪري پاڻ سڳورن کين ’صديق‘ جو لقب ڏنو. ظهورِ -اسلام- کان پوءِ، حضرت -ابوبڪر صديق رضه- ئي اهو صحابي ۽ حضور صه -جن- جو سچو ساٿي هو، جنهن -اسلام- جي تبليغ ۾ سڀ کان پهريائين وڏيون وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون. جيتوڻيڪ حضرت -ابوبڪر صديق رضه-، قريش جي هڪ مالدار ۽ خوشحال خاندان سان تعلق رکندو هو، پر -ايمان- آڻڻ کان پوءِ، هو قريشين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. قريش هر حال ۾ سندس جرم (-اسلام- قبول ڪرڻ) معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هن مجاهد، قريشين جي پرواهه نه ڪندي، -اسلام- جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون صرف ڪري ڇڏيون. خوشحال تاجر هجڻ ڪري حضرت -ابوبڪر صديق رضه- پنهنجي مال دولت کي -اسلام- جي ڦهلاءَ لاءِ صرف ڪري ڇڏيو. -اسلام- جي پهرئين -بانگي-، حضرت بلال حبشيءَ کي پڻ حضرت ابوبڪر رضه خريد ڪري، آزاد ڪيو هو. تبليغ -اسلام- جي ڏينهن ۾، حضور ڪريم صلي -الله- عليه وسلم ۽ سندن پيارا ساٿي، ڪافرن جي عتاب جو شڪار ٿي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم ، 622ع ۾ حضرت ابوبڪر صديق سان گڏ، مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مديني پهچڻ کان پوءِ، حضرت ابوبڪر پنهنجي -اهل- عيال کي پڻ مديني گهرايو. -ان- بعد حضرت ابوبڪر صديق، -جنگ- -بدر-، -جنگ- خندق، جنگِ احد، صلح حديبيه، فتح خيبر ۽ فتح مڪه جي موقعن تي، -اسلام- جي بچاءَ لاءِ قربانيون ڏنيون. مڪي جي فتح وقت حضرت ابوبڪر جي والد عثمان -بن- عامر ’ابوقحافه‘ پڻ -اسلام- قبول ڪيو. 11ھ/632ع ۾ حضور صلي -الله- عليه وسلم جي وفات بعد کين -اسلام- جو پهريون خليفو مقرر ڪيو ويو. سندن عهد خلافت جي واقعن ۾ اسامه -بن- زيد جي لشڪر جي روم روانگي، قرآن مجيد جي تدوين لاءِ ڪاميٽيءَ جي مقرري؛ شام ۽ عراق جي فتحن لاءِ لشڪرن جي روانگي ۽ يمامه، -بصره-، اجنادين ۽ مرج الصفر جون جنگيون قابلِ ذڪر آهن. پاڻ ٻه سال ٽي مهينا ۽ يارهن ڏينهن -اسلام- جا خليفا رهيا. سندن عهدِ خلافت ۾ -اسلام- جي -ترقي- ۽ ترويج ٿي ۽ مسلم دنيا ۾ -اسلام- جو ڦهلاءُ ٿيو. سندن حڪومت ۾ ڪيترائي ملڪ فتح ڪري، اتي -اسلام- نافذ ڪيو ويو. 13ھ/634ع ۾ سندن طبيعت ناساز ٿي پئي، 15 ڏينهن جي علالت بعد، 63 سالن جي عمر ۾، مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت، 22 جمادي الثاني 13ھ/ 634ع تي لاڏاڻو ڪيائون. -اسلام- جي هن مرد مجاهد ۽ پهرئين اسلامي خليفي کي حضور صلي -الله- عليه وسلم جي مقبري جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. [1]22 جمادي الثاني جي رات 13ھ 633ع رحلت ڪيائين.

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]

عشره مبشره

اردو

ابوبڪر صديق

سانچو:S-rel سانچو:S-new

خليفہ راشد
632–634
جانشين
عمر بن خطاب

سانچو:خلفاء راشدين سانچو:صحابي

سانچو:عشره مبشره