سک (رسم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سکائون:سک:سکان:(انگريزي: Sukha ) سنڌ جي ھڪ ثقافتي رسم جو نالو آهي. ڪنهن زال جي ٻار نه بچندو آهي يا پٽ نه ٿيندو آهي يا پيٽ نه ٿيندو آهي يا ڪو ٻار يا وڏو بيمار هوندو آهي ته زالون ٻار ٿيڻ يا بچڻ جون يا چڱڀلائيءَ جون سکائون باسينديون آهن هونءَ عام ته پڙ مٺايون ڪٽيون ۽ ديڳيون باسيندا آهن. پر ڪن ڪن پِيرن تي خاص خاص شيون ڏينديون آهن. جيئن قلندر شهباز تي زالون ٻارن جا دُر باسينديون آهن. ميان جي قبي تي مڇي ماني، کِرٽئي پير تي کرٽئي واري ٻار جو بند پيل چولو ۽ ست لولا. سومري پير تي کاهي کڻندا آهن ۽ ڪاٺين جي ڀري ڏيندا آهن، ڪهاڙي پير تي پنيءَ مراد ڪاٺ جو ڪهاڙو گهڙي ڏين. ڪؤنر ئي پير تي آس پڄي ته کير جو ڪونرو ڀري ڏين. رسوتي يا ڳڙ نڪري ته شاه صدر جو ڳڙ باسين وغيره وغيره ان باسين کان سواءِ پَڙ، مٺايون،پتاشا، لڏون کارڪون، مصري، ڪُٽي وغيره ڏاڍي ڌوم ڌام سان ڏين. جي پير ويجهو هوندو آهي ته دعوتون دڙيون ڏئي زالون زنبون آڻي گڏ ڪنديون، ڏاڍا ڪپڙا گنديون پائي باسيل سکان ٿالهن ۾ وجهي، جنهن سُکان باسي هوندي يا ان جو ٻيون عزيزياڻيون ڳائينديون، وڄائينديون، نچنديون ڪڏنديون اينديون، انهي پير تي جتي سکان باسين هوندي اٿن. هونءَ ته گهڻائي ڳيچ، لاڏا چونديون آهن پر سکان جا خاص ڳيچ چونديون آهن پوءِ پير تي اچي پَڙ ٻڙ وجهي، مٺايون ورهائي جي ديڳ باسينهوندي اٿن تي ديڳ لاهي ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ڪري وري به ڳائينديون وڄائينديون گهر اينديون آهن..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}