ڏانوڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏانوڻ جي رسم:(انگريزي: Danwan Rite) ٻار جڏهن پيرين سيرين ٿيندو آهي، تڏهن سندس ڏانوڻ ڪندا آهن، سو هيئن، جو ڏانوڻن واري ڏينهن ماءُ کهنبا ڪپڙا پائيندي آهي. ان ڏينهن سڏ سلح به ڏيندا آهن ۽ ڪي ته مڱڻهارن کان دس نه وڄرائيندا آهن. پوءِ ڇا ڪندا جو يارهن بسريون پچرائي اهي ڪنهن ٿالهه ۾ وجهندا آهن جي مٿان ٻيو ٿالهه اونڌو ڪري ڏيندا. پوءِ ان اونڌي ٿالهه تي ٻار کي بيهاريندا پوءِ ٻار جو چاچو يا مامو يا ڪوبه وڏو، ٻار جي ٻنهي ٽنگن ۾ مُرن وٽ گلابي پٽ جون تندون ڏانوڻ وانگر ڏائيندو پوءِ قينچي سان اهي تندون ڪپي ٻار کي کڻي وٺي ڀڄندو آهي. واڌايون واڌايون (مبارڪون) ٿي وينديون آهن. چوندا آهن ته ٻار جا ڏانوڻ جي مامو ڪپيندو ته ٻار هلڻ ۽ ڊوڙڻ جو تکو ٿيندو جي نه ته پيو هلندو وڇڙندو. بس پوءِ ڏاڍا ڳائڻ وڄائڻ ٿيندا ڀت پوت ٿيندا ۽ اهي بسريون ورهائي ڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}