جھنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جهنڊ جي رسم(انگريزي: Jhand Rite )، ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي ماڻهو عقيقو نہ ڪندا آهن، اهي وري ٻار جي جُهنڊ ڪندا آهن. اها جهنڊ يا تہ ڪنهن وليءَ تي باسيندا آهن يا تہ مرشد هٿ سان چڳ ڪپيندو آهي. باقي وار حجام لاهيندو آهي. جي مرشد چڳ ڪپيندو تہ اهو ٻار مريد بہ انهي جو ئي ليکبو آهي،جڏهن ٻار ڪجهه وڏو ٿيندو آهي تڏهن جهنڊ جو ڏينهن مقرر ڪري شريڪن کي ڏاڍيون دعوتون دڙيون ڏيندا آهن. پهرين پهرين گهر ۾ ڌوم ڌام سان ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي، جڏهن زالون هڙئي اچي گڏ ٿينديون آهن تڏهن ڳائينديون وڄائينديون ٻار کي کڻي اينديون مرشد وٽ ياڪنهن وليءَ تي.جتي جهنڊ ياسيل هوندي اٿن. پوءِ اتي ديگ ڀت جي لهرائينديون يا ڪُٽي يا پتاشا يامٺائي ورهائينديون پر ورڇ جهنڊ لهڻ کانپوءِ ورهائينديون آهن. جهنڊ سوا پهر سج کان اڳ به لهرائينديون آهن پوءِ يا مرشد يا انهيءِ درگاه جو مجاور پهريون چڳ ڪپيندو. گهڻو ڪري سڄي پاسي پهرين چڳ ڪپيندا آهن باقي مٿو حجام ڪوڙيندو پوءِ ورڇ ورهائي ڳائڻ وڄائڻ ڀت پوت ڪندا آهن. فقير يا مرشد کي جيڪو جيتري پڄي سگهي اوتري موکا رکي.

جهنڊ جي ڏينهن ماءُ سائي سٿڻ. گج يا ڳاڙهو ڀرت تي چولو ۽ مٿي کهنبو ڪندي آهي. ان ڏينهن جيسين جهنڊ لهي تيسين ٻار جي ماءُ ٻار جو پيءُ ۽ حجام نيرانا هوندا آهن. جيسي حجام جهنڊ لاهي تيسين ماءُ ڪٺمال يا سٽ جو اوبرو هٿن ۾ پئي ڦيرائيندي بہ آهي ۽ هڪ وک اڳتي هڪ وک پوئتي پئي کڻندي بہ آهي تيسين جيسين پيءُ ٻار جي جهنڊ لهرائي کڻي ايندو آهي، ماءُ وٽ پوءِ ماءُ پيءُ کي 5 روپيہ يا پنج آنا يا پنج پئسا ڏئي پٽ وٺندي آهي، جهنڊ لاءِ سوڻ بسريون ڪندا آهن، جي يارهن لپن يارهن ٻڪن يارهن پائن ۽ يارهن سيرن جي ڪڻڪ جي اٽي جون ڪنديون آهن جي جهنڊ کان پوءِڏاڏي پوٽن ۾ ورهائي ڇڏينديون آهن. ۽ اهي ٻار جي مٿي تان لٿل وار ڪنهن ڳاڙهي اڳڙيءَ ۾ ٻڌي ڪنهن سائي وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. جهنڊ گهڻو ڪري ايڪيهين مهيني لهرائيندا آهن جي نہ هيءَ بہ سکا آهي جڏهن کپين تڏهن ڏين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}