مواد ڏانھن هلو

ونواھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ونواھ جي رسم

ونواھ (انگريزي: Wanwah ) جيڪو اصل ۾ آهي وڻ + واه معنا وڻڻ جو رستو .ونواھ لفظ پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏي معنا ۽ پس منظر رکي ٿو. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ائين چئجي ته ڪنوار جي وهانءَ کان اڳ جسماني طور تي ٺاه ٺوھَ ۽ ان کي ذهني طور تي مڙس سان پريتڙي ڪرڻ جي ماهر بڻائڻ. لفظ ”وڻ“ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ هڪ ته آهي وڻ (اهو فارسيءَ وارو درخت) ٻيو وري آهي فعل جنهن ۾ عام طور تي ڪو ڪنهن کي وڻي وڃي، معنا ٺاهوڪو يا ٺاهوڪي لڳي، پسند ڪرڻ. جيئن پاڻ چوندا آهيون ته ڦلاڻي شيءِ مونکي وڻي ٿي. (پر اها ڳالھ ذهن ۾ هجي ته اتي ”ڻ“ اکر کي زبر آهي.) پر جڏهن اوهان ان ”ڻ“ کي زير ڏيندا ته اهو لفظ صرف مادي جسم لاءِ ٿيندو. جيئن ”وڻِي“. اها وڻِي ئي آهي جيڪا اسان وٽ پوءِ ”وني“ ٿي، ۽ اها وني معنا زال ئي آهي. ”وڻ“ لفظ جي لڪل هڪ ٻي به معنا آهي، جنهن ۾ اهو تپڻ، گرم ٿيڻ جي معنا ۾ ورتو ويندو آهي. مثال اسان وٽ چوپايو جانور جڏهن لڳڻ جي مند ۾ ايندو آهي ته اهو ”وڻبو“ به آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳتي هلي اهوئي لفظ وري هڪ نئين شڪل مٽي. ڻ تبديل ٿي ھ ر ۾ مٽجي ٿو. جنهن کي پاڻ وري سڏيندا سين ”وهر“. اصل ۾ اهي هڪ ئي ڪيفيت جا مختلف اسم آهن. ان لفظ کي سنڌ جي هڪ لهجي ۾ اهو وڻ ”ووڻ“ به سڏجي ٿو.

خير بنيادي طور تي اهو پيدائش جي عمل ۾ عام استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. گھڻو اڳ پنهنجي سنڌ۾ ٿيندو ڇا هئو جو، ڪنوار ۽ گھوٽ کي وهانءَ کان ست ڏينهن اڳ سندن ڪمرن ۾ لڪائي انهن جي تياري ڪرائي ويندي هئي. ڪنوار سان گڏ هڪ تجربيڪار پڪي مائي گڏ هوندي هئي (اڪثر اهي مايون دايون هونديون هيون) جيڪي ڪنوار کي هيڊ، اٽي، زعفران ۽ مختلف جڙي ٻوٽين مان ٺهيل ملمون هڻي ان جو رنگ چٽو ڪنديون هيون. نه صرف اهو پر اهي مايون ”ڪاما سترا“ (جيڪو جنسي علم جو بهترين ڪتاب هيو ۽ آهي) ان ڪتاب جي روشنيءَ ۾ ڪنوار کي جنسي ميلاپ سيکارينديون هيون. سئين سڌي ڳالھ ته اهي وڻڻ جا رستا ڪنوارين کي عملي طور تي ڪري سمجھائينديون هيون. هوڏانهن وري گهوٽ سان به ساڳي طور ڪو پڪو مرد ۽ پڪي مائي کيس به سينگاريندا هئا ۽ جنسي ڪرتب سيکاريندا هئا. اسان وٽ 712ع کان پوءِ جيئن ته اسلام اچي ويو، سو اهي سڀ ڳالهيون ”هندو مت“ جون ليکي ختم ڪيون ويون. هڪ اهم ڳالھ اها به آهي ته ونواه جون اعلا ترين رسمون برهمڻن وٽ وڏي شان ۽ مان سان ملهايون وينديون هيون. جڏهن ته ان جي ابتڙ هيٺين ذاتين ۾ اهي رسمون گهٽ هونديون هيون، پر ملهايون ضرور وينديون هيون. ڇوته اسان سنڌي مسلمانن جي اڪثريت جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا اهي هيٺين ذاتين جي هجڻ ڪري ايڏي مان سان نه ملهائيندا هئاسين، سو اها رسم اسان وٽ بس نالي ماتر ئي رهجي وئي. هاڻي اچو واپس لفظ ونواه تي، جنهن جي معنا مٿي لکي آيو آهيان ته ”وڻڻ واه“ معنا وڻڻ جو طريقو يا رستو. غور ڪريو ته ڇا وڻي؟ ظاهر آهي جنسي طور ئي وڻڻ جي ڳالھ آهي. [1]


ونواھ جي رسم:ونهه:


ونواھ يا ونهه جي لاءِ زالون وري سامان تيار ڪنديون آهن، جنهن کي پِڙو چوندا آهن پِڙي ۾ پنج سير ڪڻڪ جو اٽو پنج پاءَ گيهه، پنج پاءَ مٺو تيل، پنج پاءَ ميندي، پنج پاءَ کارڪون، پنج پاءَ ڏونگهيون، پنج پاءَ مصري، پنج پاءَ حلوو، پنج پاءَ جوَن جو اٽو، ڪيسو ڦل، اٻٽڻ جي لاءِ، وري ڪپڙن ۾، اکيو، کهنبو، ٻانڌڻون ۽ جُتي ڏبي آهي. پِڙو سهاڳيڻيون دهلن ڌمرن، ڳائڻ وڄائڻ سان کڻي ڪنوارتين وٽ وينديون آهن. ان مهل هي ڳيچ ڳائينديون آهن.پوءِ وڃي ڪنوار کي اکيو ٻڌينديون آهن، ان مهل گهڻو ڪري هي ڳيچ ڳائينديون آهن.پوءِ ڪنوار جا مينڍا جيڪي اڳيئي سندس ماءُ ويڙهي ڇڏيا هوندا، سي گهوٽيتيون کولينديون آهن. ان مهل هي ڳيچ چونديون آهن. هوڏي وري گهوٽ دهلن ڌمرن سان ڪنواريتي اوطاق ۾ ويندو آهي. جتي ساهراڻي گهران زالون مکڻ ماکي ڍڪي، ٺاهي، ڳائي-وڄائي کڻي اينديون آهن. ان مان اڌ گهوٽ کي چَٽائينديون آهن، ۽ اڌ وري ڳائينديون ڪنوار ڏي کڻي وينديون آهن، ۽ کيس وڃي چٽائينديون آهن، گهوٽ هڪ ڏندڻ، سوئي ڪري سو به ماکي مکڻ سان گڏ ڪنوار ڏي موڪليندو آهي. جيسين شاديءَ جا سڀ ساٺ سوڻ پورا نه ٿين، تيسين اهو ڏندڻ ڪنوار جي هٿ ۾ رهندو آهي. ونهه ۾ ويٺل ڪنوار، گهر کان پير ٻاهر نه ڪڍندي آهي. ونهه ۾ کيس زالون اٻٽن هڻنديون آهن ته رنگ کُليس.[2]

سنڌ ۾ ونواھ پاڪستان جي قيام کان اڳ

[سنواريو]

شاديءَ جي ڏينهن کان اٽڪل مهينو اڳ، ونواهه جي رسم ادا ڪبي ھئي. گهوٽيتا ڪنوار جي گهر مٺائي، گيهه، سرهو تيل، ميندي ۽ منهن ڍڪڻ جو اکيو کڻي ويندا هئا. ان وقت ڇوڪريءَ جو منهن ڪنهن به مرد توڙي زال کي ڏسڻ ڪونه ڏيندا ھئا. ڪنوار کي اکيون پارائي، ونواهه کان شادي تائين، يڪو بند ۾ ويهاريندا آهن. اهڙيءَ طرح هن کي حياتيءَ جي عظيم واقعي يعني نڪاح لاءِ تيار ڪبو آهي. هن کي کنڊ ۽ گهوٽيتن واري گيهه جي ٺهيل بُصري کارائيندا آهن. چوڻ هوته چوري جي کائڻ جي ڪري چمڙي ۽ چهري جي نزاڪت وڌندي آهي. حجامڻ روز هن کي وهنجاريندي ۽ ”پيٺيءَ“ سان مليندي آهي. اها پيٺي صابڻ جو ڪم ڏيندي آهي ۽ مٺي تيل ۽ ڪڻڪ يا مانهه جي اٽي مان ٺهيل هوندي آهي. بدن جا وار دوائن سان لاهيندا يا پٽيندا آهن. هتي (عورتن لاءِ) وارن جو پائوڊر ۽ پاڪي ورلي ڪم آندي ٿي وڃي. عام رواج وارن جي پٽڻ جو آهي. پهريان اُن ۾ ڏاڍو سُور ٿيندو آهي، پر پوءِ جلد ئي چمڙي نستي ٿي ويندي آهي. سينگار جا سڀ طريقا، جهڙوڪ هٿن پيرن ۽ وارن کي ميندي، چپن کي مساڳ، ڳلن کي انگريزي رواج جهڙي لاک جي سرخي لائڻ ۽ اکين ۾ ڪجل پائڻ يا سُرمو پائڻ، آزمايا ويندا آهن. وارن ۾ اڳيان سينڌ ڪڍي، پٺيان هڪ ٻه چوٽيون ڪري تيل سان سرهو ڪندا آهن. چوٽي اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي آهي؛ جيئن پٺيان وار سڀ هڪ جيترا ڏسڻ ۾ اچن. اڳيان وار پيشانيءَ تي کونئر ۽ پاڻي، جيڪو گهڻو ڪري سرنهن مان ٺاهيندا آهن ۽ ان کي گلاب، چنبيلي يا ٻيءَ ڪنهن سرهاڻ سان معطر ڪندا آهن، ۽ مڃٺ جو رنگ ڏيندا آهن، تنهن سان چنبڙائي ڇڏيندا آهن. چهري جو نمڪ وڌائڻ لاءِ اکين جي چوڌاري ڳلن کي ڪپهه جي پوڻيءَ سان روپن ورقن يا ابرق جو ڪُٽو لائيندا آهن. ورلي مٿو چڱي طرح ڌوئي ميٽ ۽ ليمي جي رس سان صاف ڪري، صندل ۽ گلاب، وارن ۽ بدن کي لائيندا آهن. ڪنوار کي مُشڪ ڪم آڻڻ جو هنر به سيکاريندا آهن. مُشڪ ڀرت ڀريل ڳوٿريءَ ۾ هوندو آهي، منهن ۾ چپن تي سرائي، سرمي يا ڪنهن رنگ ۾ ٻوڙي تر ڪڍندا آهن. اُن کي ايريو يا ڪڻڪڻو (ڪنڙو) چوندا هئا. هتي حياءَ واري زال ڪا ورلي مسي ڪم آڻيندي آهي. اهي امتحان ۽ تياريون ڪيترا ڏينهن هلنديون آهن. وڏن ماڻهن ۾ ڇهن هفتن تائين اُهي ساٺ سنوڻ هلندا آهن. اهو سمورو وقت برادريءَ وارا پيا ايندا ويندا آهن. ۽ ڪنواريتا انهن کي ماني کارائيندا آهن. ڪنوار جي ڀيٽ ۾، گهوٽ کي گهڻي تڪليف ڪانه ڪرڻي پوندي آهي. هن جي تياري لاءِ ٽي ڏينهن ڪافي سمجهيا ويندا آهن. انهن ٽن ڏينهن ۾ کيس ”پيٺي“ سان مهٽي اڇو اوجل ڪري، صاف ڪپڙا، هار ۽ گل پارائي، سندس پذيرائي مولودن، ناچن، گانن ۽ دعوتن ۾ (جيڪي سندس دوستن ۽ عزيزن کي ڏبيون هيون) ڪئي ويندي آهي. سچ پچ ته ونواهه شاديءَ جي رسم جو هڪ حصو آهي. ڇاڪاڻ ته شاديءَ جي رسم گهوٽ جي تياريءَ جي ٽئين ڏينهن تي شروع ٿيندي آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. تحقيق ۽ تحرير؛ اَمر فياض ٻُڙڙو
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ