مواد ڏانھن هلو

ڇڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سارين جو ڇڙڻ، ڇڄ سان

ڇڄ مختلف قسمن جا اناج ڇنڊي صاف ڪرڻ لاءِ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار آهي. ڇڄ سر جي تيلين مان ٺھندو آهي، جنھن کي لاڙ ۾ سُپ بہ چوندا آهن. ڇڄ جي قسمن کي ڀير چيو ويندو آھي جن ۾ گهاگڙو (وڏو) ڪونڊو (اونهون) سڌو، تاسرو ۽ ٻاراڻو ڇڄ شامل آهن.[1]

رسم ۽ رواج ۾ اهميت

[سنواريو]

ڇڄ ساٺن سوڻن جي ويل بہ ڪم اچي ٿو. گل چُٽن، تر مئڻ يا مٺ کولائڻ لاءِ آندل کارڪن ۽ ڪاج جو ٻيو وکر، پتاشا، نباتون، لونگ ۽ ڦوٽا وغيره بہ ڇڄ ۾ کڻي ريتون ڪيون وينديو آھن، ان کانسواءِ ٻڪي جي رسم ۾ پڻ ڇڄ جو استعمال نظر ايندو آھي.[1]

ڇڄ عام طور اٽڪل هڪ فوٽ جي پٺ ۽ سوا فوٽ مھاڙيءَ ۽ ايتري ئي ڊيگهہ وارو ٿيندو آهي، جنھن جي پٺئين ۽ سوڙهي پاسي اٽڪل 4 انچ اُڀي گوني ڪنڊ تي جهل هوندي آهي، جيڪا صاف ٿيندڙ اَن کي پوئتي هارجڻ کان روڪيندي آهي. ڇڄ جو اڳيون ۽ ويڪرو حصو ٿورو لڪدار ٿيندا آهن. ان ڪري اُن جا پاسا ٿورا مُڙيل ٿيندا آهن. جنھنڪري پاسن کان اَن هارجڻ جو امڪان نہ هوندو آهي. ڇڄن جون تيليون هڪٻئي سان جُڙيل رکڻ لاءِ چمڙي جي سنهي ڪھيءَ سان وراڪيل هونديون آهن. اڄڪلهہ هي ڪم نائلون وغيره جي تندن سان بہ ڪيو وڃي ٿو. پُٺ واري اُڀي ڪناريءَ ۽ مُنھن واري ڪناريءَ تي گهڻو ڪري ڪپڙو هنيو ويندو آهي تہ جيئن کلي نہ پون.

ڇڄ جو استعمال

[سنواريو]

اڻ صاف اَن جو مناسب مقدار ڇڄ ۾ وجهي، ان کي ٻنهي پاسن کان (آڱريون ٻاهران، آڱوٺو اندران) هٿن ۾ جهلي، ساڄي کاٻي ٻہ چار لوڏا ڏبا ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ان کي مٿي هوا ۾ اُڇل ڏبي، جـنھن سـان هـلـڪـو ڪچرو ڇنڊڪي سان ڪناري تي اچي ويندو آهـي ۽ اَن ڳـرو هـئـڻ ڪري ڇڄ جي وچ تي ڪِرندو آهي. ان طرح ڪناري تي جمع ٿيل ڪِچرو هٿ سان پري ڪبو آهي يا ڇڄ لوڏي ڪيرائبو آهي. اهو عمل بہ ٻہ چار ڀيرا ورجائڻ سان ان صاف ٿي ويندو آهي.

سنڌي ادب ۾ ڇڄ جو ذڪر

[سنواريو]

سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ڇڄ لفظ استعمال ٿيو آهي. مثال طور:
هجان مان جهرڪ، ويھان پرينءَ جي ڇڄ تي
(اسحاق آهنگر)
لاڙي وينگس ڇڄ ڇڙي ٿي
ڪانوَ تڙي ٿي! (اياز)
اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ هڪ پھاڪو ’ڇائيءَ جا ڇڄ پائڻ‘ بہ آهي، جنھن جو مطلب خواري حاصل ڪرڻ آهي.[2]

ڇڄ جي تياري

[سنواريو]

گهڻو ڪري ٽي چار سگهڙيون رلجي ويھي ڇڄ جوڙين پر ڇڄ بہ ڪو سولو ڪين جڙي. ڪيترن ئي مرحلن مان نبرجي پوءِ وڃبو ڇڄ جڙيو راس ٿئي. ڇڄ گهڻو ڪري کوکر، شڪاري،گرگلا، ميربحر ۽ جت ٺاهين پر ڪي ٻيون بہ ذاتيون ان هنر ۾ ڀڙ آهن. سنڌي سگهڙ نارين مان لاڙي ناري جت سنهي سئي سان نازڪ ۽ نفيس ڀرت ڀري ٿي. اُت ڪانين کي ڇلي ڇانڀي ڳر لاهي ڇڄ بہ جوڙي.[1].

وکر جر ورڇ

[سنواريو]

سڀ کان پھرين وکر جي ورڇ ٿئي. وکر جي سَر جون ڪانيون، ڄارين جون ڇوڪڻيون، چمڙي جون تندون ۽ رنگن روپن لاءِ ڳاڙهو سائو رنگ ۽ ٽونئر ٽانڪڻ لاءِ ريشم جا ڏورا شامل آهن.[1]

سَر جون ڪاٺيون ڇِلي ڇانڀي هڪ ساريکيون ڪن. پوءِ ڇوڪڙين کي ناسي رنگ ۾ پسائي رکن جيئن موڙڻ مهل ۽ ڇوڪڙيون ڇڄي نہ پون.[1]

پٽ لائڻ

[سنواريو]

هن مرحلي ۾ ڇليل ڪانين کي پکيڙي هڪ ساريکو ڪري ۽ ڪانين کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ پٿر تي پٿرائين جنھن کي پٽ لائڻ ڪري ڪوٺين[1].

مڙهڻ

[سنواريو]

هن مرحلي ۾ ڪانين کي ڪٽي ڇوڪڙين سان ملائي سيبا ڏين. سيبا سوئي سان اچن جنھن کي سبڻ، ڳنڍڻ يا مڙهڻ چيو وڃي ٿو [1]

ڇڄ ٻانهيون

[سنواريو]

هاڻي سگهڙيون ڇڄ ٻانهيون تيار ڪنديون جيڪي وري ڇڄ جي تاسري تري سان ملايون وينديون آهن. ڇڄ ٻانهن ۾ پڻ ڪانيون، ڇوڪڙيون ۽ چمڙي جون تندون سيبي لاءِ ڪم اچن[1].

گل چٽڻ يا رڱڻ

[سنواريو]

ڪاني ۾ ڪپھ يا ڪپڙو ٻڌي پسيل رنگ سان ٻوڙي ڇڄ تي چٽ چٽين ۽ پوءِ سڪائڻ لاءِ رکن.[1]

تونئر ٽانڪڻ

[سنواريو]

وهانءُ جي رسم لاءِ جوڙيل ڇڄ تي ٽونئر، ٽڪون، پشم، چمڙي جي تندن سان ٽانڪين.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 ڪتاب جو نالو: لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف: محمد سومار شيخ، ايڊيشن؛ پھريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012