ڇڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سارين جو ڇڙڻ، ڇڄ سان

ڇڄ، مختلف قسمن جا اناج ڇنڊي صاف ڪرڻ لاءِ گهرن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڇڄ سر جي تيلين مان ٺهندو آهي، جنهن کي لاڙ ۾ سُپ به چوندا آهن.

شڪل[سنواريو]

ڇڄ عام طور اٽڪل هڪ فوٽ جي پٺ ۽ سوا فوٽ مهاڙيءَ ۽ ايتري ئي ڊيگهه وارو ٿيندو آهي، جنهن جي پٺئين ۽ سوڙهي پاسي اٽڪل 4 انچ اُڀي گوني ڪنڊ تي جهل هوندي آهي، جيڪا صاف ٿيندڙ اَن کي پوئتي هارجڻ کان روڪيندي آهي. ڇڄ جو اڳيون ۽ ويڪرو حصو ٿورو لڪدار ٿيندا آهن. ان ڪري اُن جا پاسا ٿورا مُڙيل ٿيندا آهن. جنهنڪري پاسن کان اَن هارجڻ جو امڪان نه هوندو آهي. ڇڄن جون تيليون هڪٻئي سان جُڙيل رکڻ لاءِ چمڙي جي سنهي ڪهيءَ سان وراڪيل هونديون آهن. اڄڪلهه هي ڪم نائلون وغيره جي تندن سان به ڪيو وڃي ٿو. پُٺ واري اُڀي ڪناريءَ ۽ مُنهن واري ڪناريءَ تي گهڻو ڪري ڪپڙو هنيو ويندو آهي ته جيئن کلي نه پون.

ڇڄ جو استعمال[سنواريو]

اڻ صاف اَن جو مناسب مقدار ڇڄ ۾ وجهي، ان کي ٻنهي پاسن کان (آڱريون ٻاهران، آڱوٺو اندران) هٿن ۾ جهلي، ساڄي کاٻي ٻه چار لوڏا ڏبا ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ان کي مٿي هوا ۾ اُڇل ڏبي، جـنهـن سـان هـلـڪـو ڪچرو ڇنڊڪي سان ڪناري تي اچي ويندو آهـي ۽ اَن ڳـرو هـئـڻ ڪري ڇڄ جي وچ تي ڪِرندو آهي. ان طرح ڪناري تي جمع ٿيل ڪِچرو هٿ سان پري ڪبو آهي يا ڇڄ لوڏي ڪيرائبو آهي. اهو عمل به ٻه چار ڀيرا ورجائڻ سان ان صاف ٿي ويندو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ڇڄ لفظ استعمال ٿيو آهي. مثال طور:
هجان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي ڇڄ تي
(اسحاق آهنگر)
لاڙي وينگس ڇڄ ڇڙي ٿي
ڪانوَ تڙي ٿي! (اياز)
اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو ’ڇائيءَ جا ڇڄ پائڻ‘ به آهي، جنهن جو مطلب خواري حاصل ڪرڻ آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]