جھمر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جهمر ___(Jhimir):

”جهمر“جي لغوي معنيٰ آهي ” ٽپ ڏيڻ يا ڦيرا پائڻ“. هي ناچ سنڌي لوڪ ناچ جو قسم آهي، جيڪو خاص ڪري شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي پيش ڪيو ويندو آهي. شاديءَ جي سڀني ساٺ سنوڻن کان پوءِ دهل جي خاص وڄت تي ”جهمر “ ٿيندي آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون ئي حصو وٺنديون آهن. البته ڪڏهن ڪڏهن مرد به ساڻن شامل ٿي ويندا آهن. هي نهايت مهذب ناچ آهي، جنهن ۾ فقط مخصوص انداز ۾ هٿ کنيا ويندا آهن. هٿن کڻڻ سان گڏ چيلهه کي موڙا ڏئي ، ڦيرا به پائبا آهن . [1] جھمر (هجي ۾ جُهمرِ) سنڌي لوڪ ناچ جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ آباد مڙني قبيلن ۽ ذاتين جا فرد خوشيءَ جي موقعن تي جُهمر هڻندا آهن. جهُمر هڻندڙ دهلن جي تال تي گول دائري ۾ ٻئي ٻانهون اڌ اُڀيون ڪري، ساڄي پاسي ڪُلهن جي سامهون آڻي، آڱرين جون چوٽيون پٺئين پاسي موڙي يڪدم کڻي سامهون ڪندا آهن. مُنهن جي سامهون ٻئي هٿ آڻي، اِرڪن وٽ ٻانهن جي گوني ڪنڊ ٺاهي، رڳو هٿن کي اندرين پاسي گول ڦيرائيندا نچندا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت کاٻي پاسي ڪلهي وٽ ”تال“ پورو ڪري وري اچي منهن سامهون هٿن کي گول چڪر ڏيندا آهن. جهمر مختلف ذاتين ۽ قبيلن جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جيئن: پٺاڻڪي جُهمر، جتڪي جهمر، بلوچڪي جُهمر، مڪراني جُهمر، سنڌي سماٽڪي جُهمر، ٿري جُهمر، جابلو جُهمر وغيره. ان کانسواءِ جُهمرِ جا ڪجهه نالا انداز ۽ معيار تي به ٻڌل آهن، جن ۾ سنڌڙ جهمر اهم آهي، جنهن ۾ تال (تنت، تنت، ڌن، ڌنڻ ڌا تا. تن) ٻه دفعا ورجائبو.


دهلاري دي ۾چيڻي کان پوءِ جهمر وڄائين جهمر اٺن ماترائن جو تال ٿئي، سندس دهل جا ٻول هي آهن؛ ڌنڪ- تڙ- گڌاڙا تنڪ – تڙ-گڌڙا. هي به سنڌ ۾ ناچ تال ليکيو وڃي، هن ۾ ناچو اڪيلا يا ٻه چار گڏجي ناچ ڪن ۽ ناچ سان گڏ هن تال ۾ ڪافيون به چيون وينديون آهن. هن ناچ ۾ به ادائن ۽ انداز جي ڪا بندش نه آهي. هن ۾نچڻ جو نمونو سمورو ڇيڻي وانگر ٿئي، هن ناچ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ چوڻي به مشهور ٿي جيڪا آهي،”ڄهمر هڻڻ“. جنهنجو مطلب ٿيو، ڪنهن مطلب جي پوري ٿيڻ تي خوشيءَ مان نچڻ جهمر ئي اهو تال آهي جنهن تي جمالو ڳايو ويندو آهي جهمر ۽ جمالي جو تال يا نچڻ جو انداز جدا جدا نه هوندو آهي. ناچ تال کي جهمر چون ۽ ٻولن کي جمالو.[2]

جهمر جا قسم[سنواريو]

"موهن جي دڙي مان جھمر پائيندڙ سمبارا جو مجسمو

.]]

  • ٽه تاڙي جهمر: هن جهمر ۾ تاڙي وڄائيندي نرڙ تي سلام واري انداز ۾ هٿ رکي، هيٺ جهڪي وري تاڙي وڄائي مٿي ٿي، وري تاڙي وڄائبي آهي. هن جهمر ۾ هرهڪ تال تي ٽي دفعا ئي تاڙي وڄائين. انهيءَ ڪري هن کي ٽه تاڙي جهمر ڪوٺين.
  • پَلِي ڪپڻ واري جهمر: هن جهمر ۾ هٿن کي اهڙيءَ ريت ورائين ڄڻ ته چڻن جي فصل جي پلَي ڪپي رهيا هجن.
  • جَهَمٽ جهمر: هيءَ عام جهمر کان ٿوري مختلف ٿئي، هن جهمر ۾ ناچ ڪندي، هيٺ زمين تائين جهڪي پوءِ مٿي اُٿبو آهي.
  • ڌرتيءَ تي ليٽي نغزه هڻڻ: ٻه چار ماڻهو ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي ويهندا آهن. جڏهن نغزه شروع ٿيندو آهي، تڏهن ٻئي هٿ کڻي ڪنن جي پاپڙين (چوٽين) ۾ وجهندا آهن ۽ نغزه هڻندي هڻندي ارڪن تي ليٽي پوندا آهن، بعد ۾ ڪنهن مهل سڄي ڪن جي پاپڙي پيا زمين تي رکندا آهن ته ساڳئي وقت کاٻي ڪن جي پاپڙي ٻئي آواز تي پيا زمين تي رکندا، ايئن ڪندي ڪندي نغارن کي وڃي ويجهو پوندا آهن ۽ اُتي پهچڻ بعد پويان پير ڪندا آهن. سندن زبان مان صرف هي لفظَ پيا نڪرندا: ”هي نغزه... هي نغزه. تي هي نغزه“.
  • ڌڻڪي جهمر: هن جهمر ۾ ٻئي هٿ ملائي تاڙيءَ جو تال ڏيندا آهن ۽ ڌڙ کي گهڻو جُهڪائي وري مٿي ڪڍندا آهن.
  • ڏاڪي ڇوهه جهمر: هن جهمر ۾ هرهڪ جهومريءَ وٽ ٻه ڏانڊيا هوندا آهن. سڀ جهمر هڻندڙ گول دائري ۾ بيهي ويندا آهن. جهمر شروع ٿيڻ وقت پهريائين پنهنجي ڏونڪي کي پاڻ ۾ ٽڪرائي پوءِ کاٻي هٿ واري ڏاڪي کي پنهنجي کاٻي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي ساڄي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائيندا آهن. پوءِ ساڄي هٿ واري ڏاڪي کي ساڄي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي کاٻي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائين، بعد ۾ کاٻي هٿ واري ڏاڪي کي ساڄي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي ساڄي هٿ سان ۽ ساڄي هٿ واري ڏاڪي کي کاٻي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي کاٻي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائيندا. اهڙيءَ طرح جيئن ٻئي ٻانهون هڪٻئي تي ڪينچيءَ مثال ٿين، بعد ۾ پنهنجا ڏاڪا سيني جي سامهون ٿورو جهڪي ٽڪرائيندا آهن.
  • رَهڪي (پوک) راڌڻ واري جهمر: هيءَ جهمر ملتان جي سرائڪي پٽيءَ مان آيل ذاتيون سنڌ ۾ هڻنديون آهن.
  • ڦيري واري جهمر: هن ۾ وري تڪڙي ڦيري پائي پوءِ تال شروع ڪندا آهن.
  • ڪنڊي ڪڍڻ واري جهمر: هن جهمر ۾ گول ڦرندي تال تي تاڙي هڻي، هيٺ جُهڪي هڪ پير جي کڙي مٿي ڪري منڊڪائي ڪنڊو ڪڍي ٻئي پير زمين تي کوڙي گوڏي تي هٿ هڻي ڪنڊي نڪرڻ جا ٻول چئي وري ورجاءُ ڪندا آهن.
  • گول دائري ۾ نغزه هڻڻ: هن نغزه ۾ هڪڙو مُهرِي (مُهَڙ وارو يا شروعات ڪندڙ) هوندو آهي، جو نغزه جا بند چوندو رهندو آهي ۽ ٻيا رڳو ”هي نعزه - هي نغزه - تي هي نغزه“ چوندا رهندا آهن. نغزه هڻڻ وقت واري ڀيري سان جهُڪي کاٻي ۽ ساڄي ڏسڻي آڱر جو اِشارو نغارن ڏانهن ڪندا رهندا آهن. معلوم ايئن ٿيندو آهي ته سندن نشانو نغارچي ئي آهي. ائين ڪندي گول چڪر به پيا ڪاٽيندا آهن.
  • لَونڊَڪَ: هيءَ تڪڙي لَئي ۽ ردم واري جُهمر ليکبي آهي. هيءَ خاص موقعن جي جهمر آهي.

جھمر جا ٻول[سنواريو]

جهمر جا ٻول سنڌي ٻوليءَ، ان جي ٿري لهجي کانسواءِ بلوچي، پشتو ۽ سرائڪيءَ ۾ به ٿين ٿا، جن ۾ هرهڪ جهمر جي قسم ۽ هر هڪ ذات ۽ قبيلي جا پنهنجا پنهنجا ٻول هوندا آهن. سنڌي جهمر جي ٻولن ۾: ڪانئڙي ڪانئڙي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي اِها مور مڇي آئي، بڊي جي هيءَ ڪانئڙي- الا لا ناز ڪر ! اڃا نازو ننڍڙي، ناز نه ڪر. جهمر عورتون ۽ مرد جدا جدا به هڻن، گڏجي جوڙا ٺاهي به هڻن. سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ ويندي سبي ۽ بلوچستان ۾ جهمر هڻندا آهن، جن مان ڪي نمونا هن طرح آهن:

  • منڊي جهمپر: مَنڊي جهمر ۾، هڪ ٽنگ سان جهمر کيڏيو ويندو آهي ۽ ٻي ٽنگ سُڪ ڪري ڇڏبي آهي.
  • نغزه جهمر: نغزه جهمر جا ٻه قسم آهن:
  • (1) هيءَ جهمر ٻه ٽي ماڻهو ڌرتيءَ تي ذري گهٽ ليٽي هڻندا آهن
  • (2) گهڻائي ماڻهو هڪ گول دائري ۾ به هيءَ جهمر کيڏندا آهن.

نغزه جا بند[سنواريو]

  • (1) گدڙ وي گور تي ڪائي سوني دي يار سوٽي وو!

گدڙڪون مار گهتيوني، ها ملڪين دي چوٽي وو !
هي نغزه تي هي نغزه!

  • (2) گدڙ دي گور (کَڏ) تي ڪائي سوني دي يار ٿالهي وو!

گدڙڪون مار گهتيوني ها ملڪين دا والي وو!
هي نغزه تي هي نغزه!

  • (3) گدڙي دي گور تي ڪائي سوني دي سِل (سِر) وو!

گدڙڪون مار گهتيوني، ها ملڪين دي هِل وو !
هي نغزه تي هي نغزه !

  • واري واري جهمر: هن جهمر ۾ جوڙا جوڙا ٺاهي هڪ ٻئي جي سامهون بيهي چار تال پورا ڪري، اڌ ڦيري کائي جاءِ مٽائيندا آهن. اهڙيءَ ريت تال تال تي ڦيري کائي هڪ ٻئي کي وارو ڏئي جايون بدلائيندا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012