ببر شينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شينهن
Male lion in Okonjima, Namibia
Female (lioness) in Okonjima
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Panthera
جنس: Template:Taxonomy/Panthera{. leo[1]
حياتياتي نالو
Panthera leo[1]
(Linnaeus, 1758)[3]
Subspecies
P. l. leo
P. l. melanochaita
alt= link=P. l. atrox
alt= link=P. l. sinhaleyus
Historical and present distribution of Panthera leo in Africa, Asia and Europe

مشهور جانور، جيڪو ”جهنگ جو -بادشاهه-“ سڏيو وڃي ٿو. شينهن جو هڪ قسم، جنهن کي ڪيهر شينهن يا ٻيلائي شينهن به چوندا آهن. آفريڪا ۽ -ايشيا- جو جهنگلي جانور، جيڪو نسل ۾ ٻليءَ جي خاندان مان آهي ۽ جنهن جي کل گهڻو ڪري نارنگي يا ميٽوڙي رنگ جي ٿئي ٿي. هن جانور جي ڊيگهه اٺن کان ڏهن فوٽن تائين ٿئي. هيءُ جانور گهڻو ڪري رات جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ جانور آفريڪا ۽ ڏکڻ اولهه -ايشيا- ۾ لڀندو آهي. هيءُ زرد ۽ ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جي کل تي وار ننڍا ننڍا ٿيندا آهن. نر -ببر شينهن- جي ڳچيءَ تي ڪاري ڪڻڪ رنگي ٻُر ٿيندي آهي. -ببر شينهن-، اڪثر وڏن گاهه خور جانورن جو شڪار ڪندو آهي، -تن- ۾ سندس پسنديده جانور هرڻ، -پٽا- -پٽي- گڏهه ۽ ٻيا جانور آهن. خاص ڪري پوڙهو ۽ ڪمزور شينهن ماڻهوءَ تي به حملو ڪندو آهي. شينهن جوڙو ٺاهي رهندو آهي ۽ پنهنجي عيال لاءِ شڪار ڪرڻ جون حدون مقرر رکندو آهي. وڏي شڪار وقت منظم گروهه ۾ حملو ڪندو آهي.[4]

طب[سنواريو]

شينهن (نالا: ع. اسد، ف. شير، هه. وغيره___ باگه، اليون ۽ شتامه.) مشهور خونخوار جانور آهي.

خاصيت: هن جو گوشت گرم مصالحن سان رڌي کائڻ سان قلب کي طاقت ايندي ۽ بهادري پيدا ٿيندي، هن جي چرٻيءَ جو ليپ، آلت جي سستي وڃائي ۽ ان کي طاقت ڏئي ٿو. سخت سوڄ، سخت ڳوڙهن ۽ خنازير لاءِ فائديمند آهي. پتو ۽ چرٻي ملائي آلت کي مکي جماع ڪرڻ سان طرفين جي لذت جو باعث ٿيندو[5]


حوالا[سنواريو]

  1. سانچو:MSW3 Carnivora
  2. بقرة
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Linn1758
  4. ببر شينهن : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو