ديھ لتيڻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ لتيڻيون
Deh Lutenyoon
فائل:لتيريون.jpg
ديھ لتيڻيون جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا ڀٽ شاھ ٿاڻو
تپو ڀٽ شاھ
سروي نمبر 1 کان 706
مشهور ڳوٺ دريا خان ٽالپر، پنھون ساھووال، چاندي خان کوسو سڄڻ ساھووال، علي مراد ساھووال، فقير نوح ھوٿياڻي ۽، سنگراسين جو ڳوٺ
صوبائي تڪ PS-58
قومي تڪ NA-223
قيام 1962ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ ٿريري، ديھ وساڻ، ديھ ڪتڪائي ، ديھ کنڊو، ديھ لکي سر

ديھ لتيڻيون : ديھ لتيڻيون جاگير: بگڙيل اچار لتيريون: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي تپي ڀٽ شاھ جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ دريا خان ٽالپر جنھن جو پراڻو نالو دريا خان ٺوڙھا ، ڳوٺ پنھون ساھووال، چاندي خان کوسو، سڄڻ خان ساھووال ،علي مراد ساھووال، ڳوٺ ڪرنل ھاشمي ۽ ڳوٺ فقير نوح ھوٿياڻي، سنگراسي جو ڳوٺ، واقع آھن.ھيء ديھ زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ وساڻ ، ديھ لکي سر، ديھ ٿريري، ديھ کنڊو ۽ ديھ ڪوتڪائي سان لڳن ٿيون.ھن ديھ جو پراڻو نالو لتيڻيون جاگير آهي ۽ 1962 کان 1982 تائين ھن جو ساڳيو نالو برقرار رھيو پر ھاڻي انجو نالو لتيڻيون آھي.1982 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ ۾ 1 کان 706 روينيو سروي نمبر ھيا.[1] ھن ديھ جي ديھ لکي سر واري دنگ سان لاڳيتو سانگرو واھ واقع آهي.ھن ديھ ۾ ديھ وساڻ واري دنگ کان سروي نمبر 82 ۽ 87 جي وچان نيشنل ھاء وي 5 داخل ٿي گذري ٿو ۽ سروي نمبر 276 کان ھن ديھ مان نڪري ديھ کنڊو ۾ داخل ٿئي ٿو. ديھ وساڻ واري دنگ سان لاڳيتو علي بحر واھ واقع آهي جنھن مان گھارو محمود واھ پڻ نڪري ٿو .ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ 223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 58 ۾ اچي ٿي. ھن ديھ جي روينيو سروي نمبر 632 م ھڪ وڏو مقام عاجب فقير جي نالي سان واقع آهي


حوالا[سنواريو]

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)