مواد ڏانھن هلو

سرءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سرء (انگريزي: Autumn) خزان - سرءُ- خريف وڻن جي پنن ڇڻڻ واري مند جنهن کي پن ڇڻ به چئبو آهي.[1][2] سال جي مُندن مان هڪ مُند جو نالو آهي. اردو ۾ ان کي خزاں ۽ پتجھڑ ۽ انگريزي ۾ فال(انگريزي: Fall ) پڻ سڏين ٿا ڇوتہ ان موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻندا رھندا آھن. ڌرتيءَ جي اترئين اڌ گول واري حصي ۾ ھي موسم سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر وارن مھينن اندر ھوندي آھي ۽ ڊسمبر ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڏاکڻي اڌ گول ۾ وري مارچ، اپريل ۽ مئي مھينن دوران ٿيندي آهي ۽ جون ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي. ھن مند ۾ آسمان عام طرح صاف ھوندو آھي ۽ ڏسڻ جوڳائي تمام چٽي ھوندي آھي[3]. سنڌ ۾ سراسري گرمي پد 70 کان 80 ڊگريون فارنھائيٽ وچ ۾ رھندو آھي ۽ روزاني نسبتي گھم 47 کان 50 سيڪڙو تائين ھوندي آھي ۽ ڪل برسات 0.10 انچ پوي ٿي ۽ سال جو خشڪ ترين مھينو نومبر ھوندو آھي[3].

سرءُ

اتر آمريڪا ۾ سرء جي شروعات 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر تائين ٿي ويندي آهي[4] ۽ 21 کان 22 ڊسمبر تائين جاري رهندي آھي جنھن بعد سيارو شروع ٿيندو آهي[5] ڏينھن ۽ رات جو گرمي پد گھٽجڻ سبب وڻن جي پنن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اھي ڇڻڻ لڳندا آهن[6] اوڀر ايشيا ۾ سرء 8 آگسٽ کان شروع ٿي 7 نومبر تي ختم ٿيندو آهي. آئرلينڊ جي ريپبلڪ ۾ سرء جا مھينا سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر آھن[7][8][9]

سرءُ جي موسم ۾ هڪ باغ جو ڏيک

عام طور تي ھن موسم کي لاباري جي موسم پڻ سڏيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Autumn | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. 2021-07-09 تي حاصل ڪيل.
  2. "Autumn word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com (انگريزي ۾). 2021-07-09 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 [ سنڌ گزيٽيئر جلد پھريون، مصنف: ايڇ ٽي سورلي، 1996 ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 20 ]
  4. Kanalley, Craig (22 September 2010). "First Day Of Fall 2010: Autumn Equinox Photos". HuffPost. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 24 September 2010 تي محفوظ ڪيل. 2010-09-22 تي حاصل ڪيل.
  5. "The First Day of Winter: Winter Solstice 2018". Old Farmer's Almanac.
  6. Arnold, Kathy (11 October 2010). "Travel". Fall in North America: autumn colour in New England and beyond. 15 October 2015 تي حاصل ڪيل.
  7. "The Weather of Autumn 2007 (September, October & November summary)" (PDF). Met Éireann - The Irish Meteorological Service Online. 3 December 2007. اصل نسخو (PDF) مان 30 December 2010 تي محفوظ ڪيل. 10 October 2012 تي حاصل ڪيل.
  8. O'Connell, Hugh. "Summer, it's literally not what it used to be". The Daily Edge.
  9. "Autumn in Ireland - Everest Language School". 10 October 2016.