آئيني بادشاهت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

'آئيني بادشاهت(انگريزي: Constitutioal Monarchy ) اھڙو نظام حڪومت آھي جنھن ۾ ریاستي سربراھ جو اختيار اعلیٰ ملڪ جي لکيل يا اڻلکيل آئين تحت ھوندو آھي. آئيني بادشاهت مطلق العنان بادشاھت کان مختلف ھوندي آھي. آئيني شاھي سربراھ پنھنجا اختيار قانوني دائري اندر استعمال ڪندو آهي. دنيا ۾ ليڪٽنسٽائين، موناڪو، مراڪش، اردن، بحرین، ڪوہت آئيني بادشاهت وارا ملڪ آھن جن ۾ شاھي سربراھن کي تمام گھڻا صوابديدي اختيار آھن. ساڳي وقت يونائٽيڊ ڪنگڊم، چپان، اسپين، بيلجيئم، ۽ سويڊن ۾ پڻ آئيني بادشاهت وارو نظام آھي پر شاھي سربراھ جا صوابديدي اختيار تمام گھٽ ھوندا آھن.

اسڪينڊينيويائي آئيني بادشاهت وارا ٽي ملڪ سويڊن، ناروي ۽ ڍينمارڪ جا شاھي سربراھ نومبر 1917ع ۾ اوسلو ۾ گڏ ٿيا
چپان جي پروي ڪائونسل جو 1946ع ۾ شھنشاھ ھيروھيٽو جي اڳواڻي ۾ اجلاس

يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ ٻيا دولت مشترڪه واري حڪمراني ۾ ايندڙ ملڪ پڻ آئيني بادشاھتون آهن پر اھي سڀ ويسٽ منسٽر نظام ھيٺ آئيني حڪمراني واريون آھن. آئيني بادشاهت ۾ دنيا اندر ملڪن ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا ٻه مثال اھڙا بہ آھن جن ۾ شاھي حڪمران چونڊن ذريعي مقرر ٿيندو آهي. اھي چونڊون ھڪ ننڍڙو چونڊيندڙ ادارو محدود وقت لاء ڪندو آهي. انتھائي محدود قسم جون ڪجھ آئيني بادشاھتون شاھي ريپبلڪ پڻ سڏبيون آهن. ڪجھ پارلياماني نظامن ۾ انتظامي عملداري واري آئيني شاھي حڪمران واري تصور سان پڻ آئيني بادشاهت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي[1] نتيجن آئيني بادشاھتون انتظامي عملداري واري شاھيت کي آئيني بادشاهت وچ ۾ تفريق ظاھر ڪرڻ لاء انھن کي پارلياماني بادشاهت سڏيو ويندو آهي[2].

تاريخ[سنواريو]

دنيا اندر سڀ کان وڌيڪَ پراڻي آئيني بادشاهت حتين جي ھئي جيڪي موجوده ترڪي جي قديم اناطوليه جا ڪانسي واري دؤر جا رھاڪو ھيا. جن جا بادشاھ يا راڻيون عوامي نمائندگي ڪندڙ اميرن جي پنڪوس نالي مجلس سان مشاورت سان اختيار استعمال ڪندا ھيا جيڪو اڄوڪي دؤر جي آئيني بادشاھتن وانگر ھڪ مثال آهي[3] انگلينڊ جي بادشاھت ۾ 1688ع واري گلوريس انقلاب مطلق بادشاهت جي آئيني بادشاهت ۾ تبديلي لاء باقائده راھ ھموار ڪئي. 1689ع ۾ بل آف رائيٽس ۽ 1701ع ۾ ايڪٽ آف سيٽلمينٽ جھڙن پارليامينٽ مان منظور ڪيل قانونن بادشاهت جا پر ڪٽي ان کي مڪمل آئيني ضابطي ۾ آڻي ڇڏيو. اھو سڀ اچانڪ ڪونہ ٿيو ھو پر ان جو آغاز 1215ع ۾ ميگنا ڪارٽا ذريعي ٿي چڪو ھو ۽ پنج سؤ سالن بعد پنھنجي منطقي انجام يعني آئيني بادشاهت تي پھتو. ساڳي قسم جون تبديليون اسڪاٽلينڊ واري بادشاھت ۾ پڻ عمل ۾ آيون جتي ڪنوينشن آف ايسٽيٽس 1689 ۾ ڪليم آف رائيٽ ايڪٽ، 1689ع جي منظوري ڏني جنھن قانون اسڪاٽش شاھي حڪمران جا پر ڪٽي ان کي قانوني ضابطي اندر آڻي آئيني بادشاهت جو رستو ھموار ڪيو. برطانيا جي راڻي اين آخري حاڪم ھئي جنھن پارليامينٽ جي ايڪٽ کي ويٽو ڪيو. 11 مارچ 1708ع اسڪاٽش مليشا بل کي روڪي ورتو. ان بعد بادشاھ مخصوص معاملن ۾ حڪومتي پاليسين تي اثرانداز ٿيندا ھئا. ڪنگ جارج ٽئين رومن ڪيٿولڪ مذھب وارن کي سياسي آزادي ڏيڻ وارو رومن ڪيٿولڪ رليف ايڪٽ روڪي ڇڏيو ۽ 1801ع ۾ وزيراعظم وِليم پِٽ يَيگَر کان استعفیٰ وٺڻ ۾ جلدبازي ڪئي[4] رياستي سربراھ جي وزيراعظم جي مرضي تي اثرانداز ٿيڻ جو آھستي آھستي خاتمو ٿي ويو. وليم چوٿون يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو آخري شاھي سربراھ ھيو جنھن 1834ع ۾ وزيراعظم کي برطرف ڪيو[5][6]. يورپ ۾ پولينڊ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي ي آئيني ريپبلڪ کان پوءِ دنيا جو پھريون شاھي حڪمراني وارو ملڪ ھيو جنھن 3 مئي 1791ع تي آئين جو مسودو منظور ڪري لاڳو ڪيو ۽ اھڙي طرح پولينڊ آئيني بادشاهت ۾ تبديل ٿي ويو. فرانس ۾ پڻ ڪجھ وقت آئيني بادشاهت قائم رھي جيڪا پوء آئيني ريپبلڪ ۾ تبديل ٿي وئي.

جديد آئيني بادشاهت[سنواريو]

جديد دؤر ۾ آئين بادشاهت ٻن قسمن جي آھي: (1) انتظامي عملداري واري آئيني بادشاهت؛ ۽ (2) رسمي آئين بادشاهت.
انتظامي عملداري واري آئيني بادشاهت اختيار واري حڪمراني آھي، جيتوڻيڪ شاھي سربراھ کي مطلق اختيار ناھن ھوندا آھن پوء بہ کيس جوڙ اختيار ھوندا آھن جيڪي آئين تحت کيس مليل ھوندا آھن ۽ آئين جي تابع ھوندا آھن. ان طرز جي آئيني بادشاهت وارا ملڪ ڀوٽان، اردن، بحرين، ڪويت، لڪٽنسٽائين، موناڪو، مراڪش ۽ ٽونگا آھن. ٻئي قسم جي رسمي آئيني بادشاهت م شاھي سربراھ سياسي طور تي بي اختيار يا انتهائي محدود اختيارن وارو ھوندو آھي. ان ڪري شاھي سربراھ جي حيثيت رسمي ھوندي آھي. رسمي آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ اينڊورا، اينٽيگا ۽ باربوڊا، آسٽريليا، بھاماس، بارباڊوس، بيلجيئم، بيليز، ڪمبوڊيا، ڪيناڊا، ڊينمارڪ، گريناڊا، جپان، ليسوٿو، لڪسمبرگ، ملائيشيا، نيدرلينڊز، نيوزيلينڊ، ناروي، پاپوا نيو گني، سينٽ ڪٽس ۽ نيوس، سينٽ لوسيا، سينٽ ونسنٽ ۽ گريناڊائنز، سولومن آئلينڊز، اسپين، سويڊن، ٿائيلينڊ، ٽوالو ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم شامل آهن. آئيني بادشاهت جي انھن ٻنھي قسمن جو جمھوريت جي ھجڻ يا نہ ھجڻ سان واسطو نہ آهي. دنيا م ليڪٽنسٽائين ۽ مناڪو ٻہ اھڙا ملڪ آھن جن جي شاھي سربراھن کي ڄڻ تہ مطلق بادشاھي وارا اختيار آھن پر پوء بہ انھن ملڪن ۾ جمھوريت آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. Anckar, Carsten; Akademi, Åbo. "Semi presidential systems and executive constitutional monarchies: A historical assessment of executive power-sharing". European Consortium for Political Research (ECPR). حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  2. Grote, Rainer. "Parliamentary Monarchy". Oxford Constitutional Law. Max Planck Encyclopedia of Comparative Constitutional Law [MPECCoL]. حاصل ڪيل 17 August 2019. 
  3. "The Hittites", smie.co سانچو:Better source
  4. Hague, William (2004). William Pitt the Younger (1st ed.). London: HarperCollins. pp. 469–72. ISBN 0007147198. 
  5. Hurd, Douglas (2007). Robert Peel - a biography (1st ed.). London: Weidenfeld & Nicolson. pp. 169–70. ISBN 9780297848448. 
  6. Mitchell, L.G. (1997). Lord Melbourne 1779-1848 (1st ed.). New York: Oxford University Press. p. 147. ISBN 0198205929.