بيليز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بيليز

Flag of بيليز
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شعار: "Sub Umbra Floreo" (ٻولي؟)
"Under the shade I flourish"
ترانو: "Land of the Free"

Location of بيليز
Location of بيليز
گادي جو هنڌ بيلموپن
17°15′N 88°46′W / 17.250°N 88.767°W / 17.250; -88.767
سڀ کان وڏو شهر بيليز سٽي
دفتري ٻوليون انگريزي
تسلیم شدہ  ٻوليون

بيليزيئن ڪريئول، گيري فونا, مايان ٻولي

, اسپيني ٻولي
نسلي گروھ (2010[1][note 1])
مقامي آبادي بيليزيئن (since 1973)
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
ايلزبيٿ II
ڪولول ينگ
ڊين بئرو
قانون ساز ادارو نيشنل اسيمبلي
سينيٽ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين

21

سيپٽمبر 1981
پکيڙ
• جملي
22٬966 km2 (8٬867 sq mi) (147th)
• آبي (%)
0.8
آبادي
• 2017 اندازو
387,879[2]
• 2010 مردم شماري
324,528[3]
•  گھاٽائي
14.1 /km2 (36.5 /sq mi) ( 213th)
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) 2018 اندازو
• ڪل
$3.34 ارب ڊالر[4]]])
• في سيڪڙو
$8,445[4]
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 اندازو
• ڪل

$1.91 ارب ڊالر

[4]
• في سيڪڙو
$4,830[4]{{{GDP_nominal_per_capita_rank}}}]])
ايڇ ڊي آء (2017) کم 0.708[5]
اعلیٰ · 106th
ڪرنسي بيليز ڊالر (BZD)
معياري وقت CST (متناسق عالمی وقت−6)
تاریخ جو نمونو dd/mm/yyyy
ڊرائيونگ جو پاسو ساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ +501
انٽرنيٽ ڊومين .bz

بيليز(انگريزي: Belize) Listeni/bəˈlz/ وچ آمريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس ھيو. ھي ملڪ وچ آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. ھن جي اتر اولهه ۾ ميڪسيڪو، اوڀر ۾ ڪيريبين سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ گوئٽي مالا واقع اٿس. ھن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت آئيني بادشاهت ھيٺ نظام آھي.22800 چورس ڪلوميٽرن جي ھن ملڪ جي آبادي 2017 ۾ 387879 ھئي .[2] ھي ملڪ وچ آفريڪا جو ڇڊي آبادي وارو ملڪ آھي.[6] [1] ھن ملڪ ۾ تمام گھڻيون زميني ۽ آبي حياتياتي جنسون ملن ٿيون.[7]ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. بيليزيئن ڪريئول مقامي وڏي آهي جنھن کانپوءِ ٻي وڏي ٻولي اسپينش ٻولي آھي.ھن ملڪ جا پاڙيسري ملڪن سان گھرا تعلقات آھن. [8] ھي ملڪ ڪيريبين ڪميونٽي (CARICOM)، ڪميونٽي آف ليٽن آمريڪن اينڊ ڪيريبين اسٽيٽس (CELAC) جو رڪن ملڪ آهي .

تاريخ[سنواريو]

ڪاراڪول وٽ ڪئانا
زونانٽيونڪ وٽ ايل ڪاسٽيلو

بيليز عيسوي صدين جي پھرين ھزار سال ۾ ماين تھذيب جي ھڪ شھري رياست ھو جنھن کان پوءِ ھتي اسپين ۽ برطانيا جا تڪرار ھليا جيڪي 17 کان 18 صدي تائين جاري رھيا. اھڙي طرح 1862 ۾ ھي ملڪ برٽش ھونڊوراس جي نالي سان برطانوي ڪالوني بڻيو. گوئٽي مالا ۽ برطانيا جي علائقائي تڪرارن جي ڪري ھن کي ڏاڍي دير بعد 1981 آزادي ملي. گوئٽي مالا کيس تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو نيٺ 1992 ۾ کيس تسليم ڪيو پر پوء بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار برقرار آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 45 W آھي ۽ نقشي ۾ وچ آمريڪا ۾ واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ 22,966 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 22806 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 160 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 152 نمبر تي آهي. ملڪ جي خشڪي سان سرحد 542 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 266 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 276 ڪلوميٽر ميڪسيڪو سان ملي ٿي. بحري سرحد 386 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي 12 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون ھجڻ جي 200 ناٽيڪل ميلن تائين سندس علائقي ھجڻ جي دعویٰ اٿس. ھتان جي زمين ھموار ، ساحلي ميدان واري، گپ چڪ واري آھي ڏکڻ طرف ننڍا جبل پڻ واقع اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 173 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام ڊوائلس ڊيلائيٽ آھي جنھن جي بلندي 1124 ميٽر آھي[9].

آبهوا[سنواريو]

ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي.موسم تمام گرم ۽ نمي واري ھوندي آھي. مئي کان نومبر ۾ ھتي برسات پوندي آھي ۽ فبروري کان اپريل تائين موسم خشڪ رھندي آھي[9]

قدرتي وسيلا[سنواريو]

قدرتي وسيلن ۾ پوکي لائق زمين، عمارتي ڪاٺ ، مڇي ۽ ھائڊرو پاور شامل آهن[9]

زراعت[سنواريو]

ھتان جي 6.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 3.3 سيڪڙو پوکي لائق جنھن مان 1.4 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿئي ٿي. 2.2 سيڪڙو زرعي زمين تي چراگاھون آھن باقي 60.6 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. آبپاشي واري زمين پوري ملڪ ۾ 35 چورس ڪلوميٽر آهي[9].

بيليز جا ماڻهو[سنواريو]

مايا نسل جا ٻار

بيليز جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 360346 ھئي. دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ان جو نمبر 177 آهي. ھتان جي ماڻھن کي بيليزيئن چوندا آهن. انھن م 52.9 سيڪڙو ميسٽيزو، 25.9 سيڪڙو ڪريئول، 11.3 سيڪڙو مايا، 6.1 سيڪڙو گيريفونا، 3.9 سيڪڙو اوڀر انڊين، 3.6 سيڪڙو مينونائٽ ۽ 1.2سيڪڙو گورا آھن. آبادي جو 62.9 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي آھي. ان کان علاوه 56.6 ماڻھو اسپيني ٻولي، 44.6 ڪريئول ٻولي، 10.5 سيڪڙو مايا، 3.2 سيڪڙو جرمن ۽ 2.9 سيڪڙو گاريفونا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.آبادي جو 40.1 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب، 31.5 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 1.7 سيڪڙو يھوا جا شاھد، 10.5 سيڪڙو باقي ٻيا جن ۾ ھندو، مسلمان، راسٽافاريئن، سيلويشن آرمي وغيره شامل آهن[9].

ڊينگريگا، بيليز ۾ گاريفونا نسل جا روايتي ڊانسر

نالو[سنواريو]

ملڪ جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس آھي . نئون نالو بيليز اتان جي بيليز نديءَ مان نڪتل آهي. بيليز لفظ ھڪ خيال مطابق مايا ٻوليء جي لفظ بيلڪس مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي گپ چڪ[9].

سياسي نظام[سنواريو]

بيليز جا ضلعا

ھتي جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي جيڪو آئيني بادشاهت جي تحت ھلي ٿو جيڪو دولت مشترڪه واري نظام ۾ شامل آھي. حڪومت جي گادي بيلموپن شھر ۾ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 46 W تي آھي. ھن ملڪ جي انتظامي ورهاست ضلعن ۾ ٿيل آهي. ملڪ جا جملي ڇھ ضلعا آهن جن ۾ بيليز، ڪايو، ڪوروزال، اورينج واڪ، اسٽان ڪريڪ، ٽوليڊو شامل آهن. ملڪ 21 سيپٽمبر 1981 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو. [9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Belize". CIA World Factbook. Central Intelligence Agency. وقت 13 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 January 2016. 
  2. 2.0 2.1 POPULATION & HOUSEHOLD. sib.org.bz
  3. "Belize Population and Housing Census 2010: Country Report" (PDF). Statistical Institute of Belize. وقت 27 January 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 December 2014. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Belize". International Monetary Fund. 
  5. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  6. "World Population Prospects: The 2008 Revision Population Database". United Nations. وقت 19 August 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 August 2010. 
  7. "Ecosystem Mapping.zip". حاصل ڪيل 3 July 2012. 
  8. "CARICOM – Member Country Profile – BELIZE". www.caricom.org. CARICOM. وقت 18 February 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 February 2015. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 [1]سي آء اي فيڪٽس بڪ_


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نه مليو يا پوءِ بند-ٽيگ </ref> موجود ناهي