سينٽ ڪٽس ۽ نيوس
فيڊريشن آف سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Country Above Self" | |||||
| گادي جو هنڌ | باسٽيئر 17°18′N 62°44′W / 17.300°N 62.733°W | ||||
| دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
| مقامي ٻولي | ڪريئول | ||||
| نسلي گروھ (2001) |
| ||||
| مقامي آبادي | ڪٽيٽيئن يا نيويسين | ||||
| حڪومت | وفاقي پارليماني آئيني بادشاهت | ||||
| ايلزبيٿ II | |||||
| سر ايس ڊبليو ٽيپلي سيٽان | |||||
• وزيراعظم | ٽموٿي ھئرس | ||||
| اينٿوني مخائيل پيرڪنس | |||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| آزادي | |||||
| 27 فيبروري 1967 | |||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان | 19 سيپٽمبر 1983 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 261 چورس ڪلوميٽر (101 چورس ميل) (188th) | ||||
• پاڻي (%) | Negligible | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 54,821[1] (209th) | ||||
• 2011 مردم شماري | 46,204 | ||||
• گھاٽائي | 164/km2 (424.8/sq mi) (64th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.758 billion | ||||
• في سيڪڙو | $31,095[2] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.058 ارب ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $18,714[2] | ||||
| ايڇ ڊي آء (201) | 0.777[3] اعلیٰ · 73rd | ||||
| ڪرنسي | ايسٽ ڪيريبين ڊالر (XCD) | ||||
| معياري وقت | (متناسق عالمي وقت-4) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +1 869 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .kn | ||||
| |||||
سينٽ ڪٽس ۽ نيوس(انگريزي: Saint Kitts and Nevis ) جو سرڪاري نالو سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس جو وفاق آھي[4]. اھو ويسٽ انڊيز ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو ٻيٽن تي مشتمل آهي. ڌرتيءَ جي اولھندي اڌ گول ۾ پکيڙ ۽ آبادي ٻنھي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي[5]. ملڪ جي رياستي سربراھ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II آهي[5][6] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ باستيئر شھر آھي جيڪو ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيٽ ڪٽس ۾ واقع آهي[5]. ننڍي ۾ ننڍو ٻيٽ نيوس اتان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع آهي. برطانوي ڊپينڊنسي اينگويلا ماضي ۾ سينٽ ڪٽس ۽ نيوس جي اتحاد جو حصو ھئي ۽ ان وقت ان جو نالو سينٽ ڪرسٽوفر-نيوس-اينگويلا ھيو پر بعد ۾ اينگويلا ان اتحاد کان ڌار ٿي برطانيا جو سمنڊ پار علائقو بڻجي ويو. ھن ملڪ جي اتر-اوڀر ۾ سينٽ ايوسٽيٽيس، سابا، سينٽ بارٿيليمي، سينٽ مارٽن ۽ اينگويلا جا ٻيٽ واقع آھن. اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ اينٽيگوا ۽ باربوڊا، ڏکڻ-اوڀر ۾ ريڊونڊا ۽ مونٽي سيراٽ ٻيٽ واقع آھن. سينٽ ڪٽس ٻيٽ ۽ نيوس ٻيٽ انھن ٻيٽن ۾ شامل آهن جن کي سڀ کان اول يورپين آبادڪاري شروع ڪئي ھئي ان ڪري انھن کي ويسٽ انڊيز جي سڀني ڪالونين جي ماء جو لقب مليل آهي[7].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2019/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=54&pr.y=18&sy=2017&ey=2024&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=361&s=NGDPD,PPPGDP,NGDPDPC,PPPPC&grp=0&a=
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF) (انگريزي ۾). United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "1983 Saint Kitts and Nevis Constitution". pdba.georgetown.edu. 30 August 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "CIA World Factbook- St Kitts and Nevis". 10 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Enclopedia Britannica – St Kitts and Nevis". 10 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Adkins, Leonard M. (1999). The Caribbean : a walking and hiking guide (3rd ڇاپو). Edison, NJ: Hunter Pub. ص. 178. ISBN 0585042586. OCLC 43474982.