ڀوٽان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀوٽانجي بادشاھت

Flag of Bhutanive_name = འབྲུག་རྒྱལ་ཁབ་  (ٻولي؟) دروڪ گيال کاپ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
ترانو: Druk tsendhen
"The Thunder Dragon Kingdom"
دنيا جي نقشي ۾ وچ تي ڏکڻ ايشيا ڏيکاريل جنھن ۾ ڀوٽان نمايان ڪيل
اوڀر وچ ايشيائي نقشي ۾ نمايان ڪيل ڀوٽان
گادي جو هنڌ ٿمپو
27°28.0′N 89°38.5′E / 27.4667°N 89.6417°E / 27.4667; 89.6417
سڀ کان وڏو شهر ٿمپو
دفتري ٻوليون زونگخا
مذهب ٻڌ ازم
ھندوازم
مقامي آبادي ڀوٽنيز يا ڀوٽاني
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
جگمي کيسر نيمگييل وانگچڪ
ڊئشو شيرنگ وانگچڪ ( ڀوٽان جو مکيہ صلاحڪار)
مقننه پارليامينٽ
نيشنل ڪائونسل
نيشنل اسيمبلي
تاريخ
• ڀوٽان جو انضمام
1616–1634
17 ڊسمبر 1907
8 آگسٽ 1949
• گڏيل قومن جي رڪنيت
2 سيپٽمبر 1971
18 جولاءِ 2008
پکيڙ
• جملي
38٬394 km2 (14٬824 sq mi)[1][2] (133rd)
• پاڻي (%)
1.1
آبادي
• 2016 اندازو
797,765[3] (165th)
• 2005a مردم شماري
634,982[4]
•  گھاٽائي
19.3 /km2 (50.0 /sq mi) (196th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$7.701 ارب ڊالر[5]
• في سيڪڙو
$9,426[5] (115th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.547 ارب ڊالر [5]
ڀوٽان جو نقشو as of 2015.

ڀوٽان(انگريزي: Bhutan) Listeni/bˈtɑːn/; سانچو:Bo-textonly Druk Yul سرڪاري نالو ڪنگڊم آف ڀوٽان يا ڀوٽان جي بادشاھت، ڏکڻ ايشيا جو ھڪ خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي ۽ ھماليہ جبل جي اوڀر ۾ واقع آهي . ھن جي اتر ۾ چين جو حصو تبت ، اولھ ۾ انڊيا جي رياست سڪم ۽ تبت جي چمبي وادي، اوڀر ۾ انڊيا جي رياست اروناچل پرديش ۽ ڏکڻ ۾ آسام ۽ ويسٽ بينگال جون انڊين رياستون واقع آھن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌٿمپو آھي ۽ فونٽشولنگ ان جو معاشي مرڪز آهي.

تاريخ[سنواريو]

ھي ملڪ صدين کان وٺي آزاد رھيو آھي. ھن ملڪ جي تھذيب منفرد آھي جنھن جو بنياد ٻڌازم آھي جنھن جو روحاني پيشوا زبدرنگ رنپوچي آھي. ھي علائقو جاگيرن تي مشتمل ھيو جن جا جاگيردار ٻڌن جا ملا ھيا جن اتي ٻڌ مذهب جي ملائيت لاڳو ڪئي ھئي. اڻويھين صدي ۾ گھرو جنگ کان بعد وانگچڪ خاندان انھن جاگيرن ۾ ورھايل ملڪ کي متحد ڪري مطلق بادشاھت جو بنياد وڌو جيڪا 1908 ۾ مطلق بادشاھت مان آئيني بادشاهت ۾ تبديل ٿي وئي.ان سال ملڪ جي نيشنل اسيمبلي لاء چونڊون ٿيون.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ27 30 N, 90 30 E آھي. ڪل پکيڙ 38,394 چورس ڪلوميٽر اٿس جيڪا سموري خشڪي تي مشتمل آهي. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ھن ملڪ جو نمبر 137 آهي. ھن ملڪ جي ڪابہ بحري سرحد ڪانہ اٿس جو خشڪي سان گھيريل آھي ۽ خشڪي واري ملڪ جي سرحد 1136 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 477 ڪلوميٽر چين ۽ باقي 559 ڪلوميٽر ڀارت سان مليس ٿي.ھن ملڪ جو سمورو علائقو جابلو ۽ ڪجهه سرسبز وادين تي مشتمل آهي. ملڪ جي سراسري بلندي 2220 ميٽر آھي سڀ کان ھيٺاھون ھنڌ ڊرينگيميڇو آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 97 ڪلوميٽر آهي. سڀ کان اوچو مقام گنگڪار پوئنسم آھي جيڪو 7570 ميٽر بلند آھي.

آبھوا[سنواريو]

ڀوٽان جو ٽوپوگرافڪ نقشو

ڏکڻ واري پاسي ھن ملڪ جي موسم ٽراپيڪل آھي. وچولي وارين وادين ۾ موسم سياري تمام ٿڌي ۽ اونھاري ۾ تمام گرم ھوندي آھي. ھماليہ واري پاسي سيارو سخت ٿڌو ۽ اونھارو بہ ٿڌو ٿئي ٿو.

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ھتي عمارتي ڪاٺ، ھائڊرو پاور وسيلا آھن ۽ معدنيات ۾ جپسم، ڪيلشيم ڪاربونيٽ ڪثرت سان ملن ٿا

زراعت[سنواريو]

ملڪ جي زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 13.6 سيڪڙو آهي جنھن مان پوکي لائق 2=6 سان سيڪڙو آهي. مستقل پوک 0.3 سيڪڙو زرعي زمين تي ٿيندي آهي.10.7 سيڪڙو زرعي زمين تي مستقل چراگاھون ۽ 85.5 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن.2012 ۾ ھن ملڪ جي آبپاشي واري زمين 320 چورس ڪلوميٽر ھئي.

ڀوٽاني ماڻھو[سنواريو]

ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 758,288 ھئي . آبادي۾ھن ملڪ جو دنيا ۾ 165 نمبر آھي. ھتان جي ماڻھن کي ڀوٽنيزي چوندا آهن پر سنڌي ۾ ڀوٽاني سڏبا آهن. ھتي اين-گيلپ نسل جا ماڻهو ڪل آبادي جو 50 سيڪڙو آھن انھن کي ڀوٽ بہ چوندا آھن. آبادي جو 35 سيڪڙو نيپليزي يا نيپالي آھن. ھتان جي آبادي جو 28 سيڪڙو ماڻهو شارڇوپڪا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن. 24 سيڪڙو ماڻهو زونگخا ٻولي ڳالھائيندا آھن جيڪا ڀوٽان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي.. 22 سيڪڙو ماڻهو لھوٽشمکا ٻولي ڳالھائيندا آھن. ھن ملڪ جا 75.3 سيڪڙو ماڻهو لاما واري ٻڌازم سان تعلق رکندڙ آھن. 22.1 سيڪڙو ھندوازم سان تعلق رکندڙ آھن.

نالو[سنواريو]

ھن ملڪ جو نالو ڀوٽان جي بادشاھت آھي. عام طور تي کيس ڀوٽان سڏن ٿا. مقامي نالو درووڪ گيالکپ اٿس. ھن ملڪ تي اھو نالو ڀوٽيا نسل جي ماڻهن جي ڪري پيو جيڪي اصل ۾ تبتي ھيا ۽ لڏي ھن ملڪ ۾ وسيا ۽ پنھنجي ان علائقي کي تبتي ٻولي ۾ ڀوڊ سڏيندا هئا. ھن ملڪ جو ڀوٽاني نالو دروڪ يول جو مطلب آھي گجگوڙ ڪندڙ ڊريگن جي سرزمين

ڀوٽان جو سياسي نظام[سنواريو]

ٿمپو ۾ تاشيڇو ڊزانگ جتي حڪومت جي 1952 کان وٺي حڪومتي گادي آھي

ھن ملڪ جو نظام آئيني بادشاهت آهي ۽ حڪومت جي گادي ٿمپو ۾ آھي.انتظامي طور تي ملڪ ۾ 20 ڊزونگ کاگ آھن. ڊزونگ کاگ ھتي ضلعي کي چوندا آهن. ڊزونگ کاگ جا نالا آهن: بمٿانگ، ڇوکا، داگانا، گاسا، ھئا، سيرانگ، لھينٽسي، مونگار، پارو، پيماگاتشيل، پوناکا، سمدروپ جونگکار، سامتسي، سارپانگ، ٿمپو، ٽريشيگانگ، ٽريشي يانگٽسي، ٽرونگسا، وانگڊيو ڦودرانگ ۽ زھيم گانگ.

ھي ملڪ 17 ڊسمبر 1907 ۾ پھرين مورثي بادشاھت ھيٺ متحد ٿيو. 8 آگسٽ 1949 ۾ انڊيا سان دوستي جو معاھدو ٿيڻ کي آزادي جي مثل سمجھيو ويندو آھي . ملڪ جو موجوده آئين 2001 کان 2005 تائين تيار ڪيو ويو ۽ 18 جولاءِ 2008 ۾ نافذ العمل ٿيو. ھتان جو سول يا ديواني قانون ٻڌ مذھب جي قانونن تي مشتمل آهي. ھن ملڪ اڃا بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم نه ڪيو آهي. رياست جو سربراھ ھن ملڪ ۾ بادشاهه آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي. ملڪ جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي. پارليامينٽ جو نالو چي ٽشانگ آھي. ان جو ھڪ ايوان نيشنل ڪائونسل آھي جنھن کي گائيليانگ ٽشانگ چون ٿا جنھن جون 25 سيٽون آھن جن مان 20 تي سڌي چونڊ ٿيندي آهي باقي پنج بادشاھ مقرر ڪندو آهي . آھي رڪن پنج سالن لاءِ ھوندا آھن.ٻيو ايوان قومي اسيمبلي آھي جنھن کي ٽشوگدو چون ٿا جنھن جون 47 سيٽون ھونديون آھن. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جا چيف جسٽس سميت پنج جج ھوندا آھن

حوالا[سنواريو]

  1. "9th Five Year Plan (2002–2007)" (PDF). Royal Government of Bhutan. وقت 20 March 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 August 2011. 
  2. "National Portal of Bhutan". Department of Information Technology, Bhutan. وقت 23 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 August 2011. 
  3. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  4. "Population and Housing Census of Bhutan — 2005" (PPT). UN. حاصل ڪيل 5 January 2010. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "Butan". International Monetary Fund. 
  6. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 2 March 2011. 
  7. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 29 September 2018. 
  8. "Treaty Bodies Database – Document – Summary Record – Bhutan". Office of the United Nations High Commissioner for Human Rights (UNHCHR). حاصل ڪيل 23 April 2009. 
  9. "World Population Prospects". United Nations. وقت 7 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 December 2009.