گريناڊا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گريناڊا
Flag of گريناڊا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"ھميشه خدا کي سڃاڻي اسان اتساھ پاتو، ھڪ ٿي ڪري ٺاھيون ۽ اڳتي وڌون پيا"__(Ever Conscious of God We Aspire, Build and Advance as One Peop)"[1]

ننڍڙي اينٽليز ۾ گريناڊا جو مقام
ننڍڙي اينٽليز ۾ گريناڊا جو مقام
گادي جو هنڌ سينٽ جارجز
12°03′N 61°45′W / 12.050°N 61.750°W / 12.050; -61.750
سڀ کان وڏو شهر سينٽ جارجز
دفتري ٻوليون
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون گرينيڊائي ڪريئول انگلش
گرينيڊائي ڪريئول فرينچ
نسلي گروھ (2011[2])
مقامي آبادي گرينيڊيئن يا گرينيڊائي[3]
حڪومت وحداني ٻہ جماعتي پارلياماني نظام آئيني بادشاهت ھيٺ
اليزبيٿ ٻين
سسائل لا گرنيڊ (Cécile La Grenade )
ڪيٿ مشيل
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف رپريزنٽيٽوز
قيام
3 مارچ 1967
• آزادييونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
7 فيبروري 1974
• گريناڊا جي انقلابي حڪومت
13 مارچ 1979
• C آئين جي بحالي
4 ڊسمبر 1984
پکيڙ
• جملي
348.5 km2 (134.6 sq mi) (185th)
• پاڻي (%)
1.6
آبادي
• 2016 اندازو
107,317[4] (185th)
•  گھاٽائي
318.58 /km2 (825.1 /sq mi) (45th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.801 billion[5]
• في سيڪڙو
$16,604[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.249 ارب يو ايس ڊالر

گريناڊا : (انگريزي: Grenada) (Listeni/ɡr[unsupported input]ˈndə/ grin-AY-də) ويسٽ انڊيز جي ڪيريبئن سمنڊ ۾ گريناڊائيننز واري ڏاکڻي ٻيٽن جي لڙھ ۾ ھڪ خودمختيار رياست آھي. ملڪ گريناڊا ٻيٽ ۽ ان جي اتر م واقع ڇھ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي. ھي ملڪ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي اتر اولھ، وينزويلا جي اتر اوڀر سينٽ ونسينٽ اينڊ گريناڊائينز جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 348.5 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي جولاء 2018 ۾ لڳ ڀڳ 112200 ھيس.[7] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سينٽ جارجز آھي.[8] ھن ملڪ کي جائفل ۽ جاوتري جائتري مصالحن جي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪري مصالحن جي سرزمين پڻ سڏيو ويندو آهي. اھو انھن مصالحن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ پڻ آهي.[9] ملڪ جو قومي پکي گريناڊائي ڳيرو آھي جنھن جو نسل دنيا ۾ ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾آهي.

تاريخ[سنواريو]

يورپين جي آمد کان پھريان گريناڊا ۾ ھتان جا آرواڪ اصل رھاڪو آباد ھيا، ان بعد ھتي آئلينڊ ڪيريب پڻ اچي آباد ٿيا.[10] ڪرسٽوفر ڪولمبس ھن ٻيٽ کي پنھنجي آمريڪا ڏانهن ٽئين بحري سفر ۾ 1498 ۾ ڏٺو هو.[11] ھتان جا آئلينڊ ڪيريب نالي رھاڪو يورپين جي اچڻ تي سخت مزاحمت ڪري کين روڪيندا رھيا پوء بہ سڀ کان اول 1650 ۾ فرانس ھتي ڪالوني ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ھڪ سؤ سال کان مٿي اتي قابض رھيو. 10 فيبروري 1763 ۾ پيرس واري معاھدي تحت گريناڊا کي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء 1974 تائين ھتي برطانيا قابض رھيو. 1958 کان 1962 تائين گريناڊا ويسٽ انڊيز جي وفاق جو حصو رھيو جيڪا برطانوي بيٺڪن جو وفاق ھيو ۽ گھڻو وقت قائم رھي نہ سگھيو. 3 مارچ 1967 ۾ گريناڊ کي مڪمل داخلي آزادي ڏئي کيس ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو ڏنو ويو. ملڪ کي ايرڪ گيئري جي اڳواڻي ۾ خودمختياري ڪامن ويلٿ ۾ رھندي 7 فيبروري 1974 ۾ ڏني وئي جيڪو ھن ملڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو ۽ رياست جي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ ٻين برقرار رھي.

فائل:Eric Gairy.jpg
ايرڪ گيئري

انتظامي ورھاست[سنواريو]

گريناڊا ڇھن پئرشن ۾ ورھايل آھي [12]:[13]

گريناڊا جون پئرشونسينٽ اينڊريوسينٽ ڊيوڊسينٽ جارجسينٽ جانسينٽ مارڪسينٽ پيٽرڪسينٽ اينڊريو
گريناڊا جون پئرشون

حوالا[سنواريو]

  1. "Government of Grenada Website". حاصل ڪيل 2007-11-01. 
  2. "Grenada". The World Factbook. Central Intelligence Agency (CIA). حاصل ڪيل 2012-03-19. 
  3. "About Grenada, Carriacou & Petite Martinique | GOV.gd". www.gov.gd. حاصل ڪيل 2017-07-31. 
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 "Grenada". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 1 April 2018. 
  6. "2017 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل September 14, 2018. 
  7. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  8. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  9. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  10. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  11. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  12. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019. 
  13. "CIA World Factbook - Grenada". حاصل ڪيل 12 July 2019.