مواد ڏانھن هلو

گريناڊا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گريناڊا
Flag of گريناڊا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"ھميشه خدا کي سڃاڻي اسان اتساھ پاتو، ھڪ ٿي ڪري ٺاھيون ۽ اڳتي وڌون پيا"__(Ever Conscious of God We Aspire, Build and Advance as One Peop)"[1]

ننڍڙي اينٽليز ۾  گريناڊا جو مقام
ننڍڙي اينٽليز ۾ گريناڊا جو مقام
گادي جو هنڌ سينٽ جارجز
12°03′N 61°45′W / 12.050°N 61.750°W / 12.050; -61.750
سڀ کان وڏو شهر سينٽ جارجز
دفتري ٻوليون
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون گرينيڊائي ڪريئول انگلش
گرينيڊائي ڪريئول فرينچ
نسلي گروھ (2011[2])
مقامي آبادي گرينيڊيئن يا گرينيڊائي[3]
حڪومت وحداني ٻہ جماعتي پارلياماني نظام آئيني بادشاهت ھيٺ
اليزبيٿ ٻين
سسائل لا گرنيڊ (Cécile La Grenade )
ڪيٿ مشيل
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف رپريزنٽيٽوز
قيام
3 مارچ 1967
 آزادييونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
7 فيبروري 1974
 گريناڊا جي انقلابي حڪومت
13 مارچ 1979
 C آئين جي بحالي
4 ڊسمبر 1984
پکيڙ
 جملي
348.5 km2 (134.6 sq mi) (185th)
 پاڻي (%)
1.6
آبادي
 2016 اندازو
107,317[4] (185th)
  گھاٽائي
318.58 /km2 (825.1 /sq mi) (45th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
$1.801 billion[5]
 في سيڪڙو
$16,604[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
$1.249 ارب يو ايس ڊالر

گريناڊا (انگريزي: Grenada) ويسٽ انڊيز جي ڪيريبئن سمنڊ ۾ گريناڊائيننز واري ڏاکڻي ٻيٽن جي لڙھ ۾ ھڪ خودمختيار رياست آھي. ملڪ گريناڊا ٻيٽ ۽ ان جي اتر م واقع ڇھ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي. ھي ملڪ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي اتر اولھ، وينزويلا جي اتر اوڀر سينٽ ونسينٽ اينڊ گريناڊائينز جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 348.5 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي جولاء 2018 ۾ لڳ ڀڳ 112200 ھيس.[6] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سينٽ جارجز آھي.[7] ھن ملڪ کي جائفل ۽ جاوتري جائتري مصالحن جي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪري مصالحن جي سرزمين پڻ سڏيو ويندو آهي. اھو انھن مصالحن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ پڻ آهي.[8] ملڪ جو قومي پکي گريناڊائي ڳيرو آھي جنھن جو نسل دنيا ۾ ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾آهي.

تاريخ

[سنواريو]

يورپين جي آمد کان پھريان گريناڊا ۾ ھتان جا آرواڪ اصل رھاڪو آباد ھيا، ان بعد ھتي آئلينڊ ڪيريب پڻ اچي آباد ٿيا.[9] ڪرسٽوفر ڪولمبس ھن ٻيٽ کي پنھنجي آمريڪا ڏانهن ٽئين بحري سفر ۾ 1498 ۾ ڏٺو هو.[10] ھتان جا آئلينڊ ڪيريب نالي رھاڪو يورپين جي اچڻ تي سخت مزاحمت ڪري کين روڪيندا رھيا پوء بہ سڀ کان اول 1650 ۾ فرانس ھتي ڪالوني ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ھڪ سؤ سال کان مٿي اتي قابض رھيو. 10 فيبروري 1763 ۾ پيرس واري معاھدي تحت گريناڊا کي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پوء 1974 تائين ھتي برطانيا قابض رھيو. 1958 کان 1962 تائين گريناڊا ويسٽ انڊيز جي وفاق جو حصو رھيو جيڪا برطانوي بيٺڪن جو وفاق ھيو ۽ گھڻو وقت قائم رھي نہ سگھيو. 3 مارچ 1967 ۾ گريناڊ کي مڪمل داخلي آزادي ڏئي کيس ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو ڏنو ويو. ملڪ کي ايرڪ گيئري جي اڳواڻي ۾ خودمختياري ڪامن ويلٿ ۾ رھندي 7 فيبروري 1974 ۾ ڏني وئي جيڪو ھن ملڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو ۽ رياست جي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ ٻين برقرار رھي.

فائل:Eric Gairy.jpg
ايرڪ گيئري

انتظامي ورھاست

[سنواريو]

گريناڊا ڇھن پئرشن ۾ ورھايل آھي [11]:[12]

گريناڊا جون پئرشونسينٽ اينڊريوسينٽ ڊيوڊسينٽ جارجسينٽ جانسينٽ مارڪسينٽ پيٽرڪسينٽ اينڊريو
گريناڊا جون پئرشون

حوالا

[سنواريو]
  1. "Government of Grenada Website", حاصل ڪيل 01 نومبر 2007۔
  2. "Grenada", The World Factbook, Central Intelligence Agency (CIA), حاصل ڪيل 19 مارچ 2012۔
  3. "About Grenada, Carriacou & Petite Martinique | GOV.gd", www.gov.gd, حاصل ڪيل 31 جولاءِ 2017۔
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision", ESA.UN.org (custom data acquired via website), United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division, حاصل ڪيل 10 September 2017۔
  5. 1 2 "Grenada", International Monetary Fund, 2018, حاصل ڪيل 1 April 2018۔
  6. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  7. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  8. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  9. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  10. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  11. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔
  12. "CIA World Factbook - Grenada", حاصل ڪيل 12 July 2019۔