مواد ڏانھن هلو

گايتري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گايتري
Gayatri
گايتري منتر، ويد جي هڪ ديوي.

راجا روي ورما جي ٺاهيل گايتري جي تصوير، جنهن ۾ هوءَ ڪمبل تي ويٺي آهي
سنسڪرت ۾ gāyatrī
تامل متن காயத்ரி
اشريڪ ديوي (هندومت)
پاروتي(according to Saivite texts)
سرسوتي (according to Skanda Puran)
ٺِڪاڻو ڪيلاش (جبل)، برهماپورا ٻيا نالا (برهملوڪا، برهمپورا، ستيالوڪا يا ستيا باگيچا)، Vishwakarmaloka
منتر گايتري منتر
نشاني ويد
ساٿي سداشيوا(according to Saivite texts)
برهما(according to Skanda Puran)
سواري همسہ (تعويذ)
تھوار گايتري جيانتي, نوراتري

گايتري(انگريزي ٻولي: Gayatri) (سنسڪرت:गायत्री) ويد جي گايتري منتر جي شخصي شڪل آهي.[1] انکي ساوتري يا ويد ماتا جي نالو سان پڻ سُڃاتو ويندو آهي. ساوتري جو ذڪري گهڻي ريت ويد ۾ ذڪر ڪيل سج (سورج) جي ديوتا ساوتر سان گڏ ڪيو ويندو آهي.[2][3] ساوتري مت جي مطابق گايتري شيوَ جي گهڻو ويجهي آهي ۽ پنهنجي پنج سِسِين ۽ ڏهہ هٿن سان سد سيو جي سڀ کان معياري اوتار آهي.[4][5] جڏهن تہ اسڪند پراڻ جي مطابق گايرتي برهما جي ويجهي آهي.

ديوي گايتري جي جديد تصويري عڪاسي

سڀ کان اڳ گايتري جو ذڪر رگ ويد جي هڪ منتر ۾ آيو آهي. رگ ويد ۾ گايتري جا 24 حڪم (هدايتون) آهن.[6] گايتري اصل ۾ گايتري منتر سان محاورو (اصطلاح) آهي اوتار گايتري پاڻ پرميشور (خدا) جي انساني شڪل آهي. گايتري جو هي ري منتر سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. گهڻي ريت عالم گايتري کي ويد ۾ ذڪر ڪيل سج (سورج) جي اير ۽ ديوتا گايترا جي تانيٿ قرار ڏيندا آهن، جيڪو ساوتري ۽ ساوتر جو هم معنيٰ (سنانيئم) آهي.[7] ان ڪري اها تاريخ جي اڃا تائين پروڙَ نہ ٿي سگهي آهي تہ ساوتري منتر جي شڪل ۾ ڪڏهن وجود ۾ آئي ۽ منتر سان انساني شڪل ڪيئن ماڻيائين. زمانو گذرڻ سان گڏوگڏ ان جا مختلف وسيلا ۽ لکتون (مَتنَ) لڌيون آهن، پر مُونجهارو هنوز باقي آهي.

شيوَمت ۾ گايتري

[سنواريو]

شيو مت ۾ گايتري کي هڪ سُندر، وَڻندڙ ۽ مڪمل پيراشيو جي روپَ ۾ سُڃاتو ويندو آهي، جيڪا سج (سورج) جي اوتار شيوسوريا جي ڪردار ۾ نظر ايندي آهي.[8][5]]]۔[9][10] وہ سروشڪتي وان (اومني پوٽينٽ) ۽ چئني طرف موجود سد شيو آهي، جنهن جو نالو بهارگا آهي.[11] سدشيو جو ساٿي اهوئي گايتري منتر آهي، جنهن ۾ ان جي مُڙس بهارگا جي شڪتي (طاقت) سمائيل آهي ۽ اهوئي منتر ان ۾ سگهہ (شڪتي) ڏئي ٿو.[12][13] گايتري جو مشهور 5 سِرُ (مَٿو، سِسِي) 10 هٿن وارو اوتار شيو مت منجهان ئي ورتل (اخذڪيل) آهي، جيڪو 10هين صدي جي مُنڍَ ۾ اُتر هند شيو مت جي ڪنهن علائقي منجهان مليو هيو.[4][5]

پراڻ ۾ گايتري جو ذڪر

[سنواريو]

ڪُجھ پِراڻن ۾ گايتري کي برهما جي گهرواري (زال) سرسوتي جو ئي ٻيو نالو بيان ڪيو ڪيو آهي.[14] متسيہ پراڻ جي مطابق برهما جو کاٻو اَڌُ عورت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو، جنهن کي سرسوتي، ساوتري ۽ گايتري سَڏيو ويندو آهي.[15] ڪروما پراڻ جي مطابق گوتم کي گايتري عطا ٿي هئي ۽ هو انهيءَ جي سهائتا (مدد) سان پنهنجي زندگي جون سمورا ڏُکَ (مشڪلون) مِٽائي ڪري سگهيو هيو. اسڪند پراڻ ۾ پڻ ذڪر ڪيل هيڪہ گايتري برهما جي زال هئي، جيڪا سرسوتي جي رُوپَ ۾ ظاهر ٿي هُئي.[16]

گايتري ماتا جا اوتارَ (رُوپَ)

[سنواريو]

شريمد مطابق ڀگوت پُوراڻ ديوي گايتري اصلي حقيقت آهي ۽ گائيتري منتر جي هر نصاب لاءِ هڪ شڪل ۾ ، ڪُل 24 شڪلين ۾ موجود آهي.

  1. آدي شڪتي:ظاهر ڪائنات ڪامل (برهمڻ) جي تخليق جي خوشي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش سان پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي اوسر(تخليق) جي خوشي ۾ اسان پاڻ پڻ هڪ حصو آهيون.
  2. براهمي، يا براهمڻي، براهما، وشنو، شِيوا:رَچنا (تخليق)، ترقي، روپ مٽائڻ.
  3. ويشنوي: ويشنوي وشنو جي سگهہ (شڪتي، طاقت) آهي. هيءَ جٽاءُ رکندڙ (قائم رهڻ)، ترقي ڏيندڙ ۽ منظم ڪندڙ آهي.
  4. شمڀاوي عرف مهيشوري ماتريڪا:شمڀاوي ماتا ايِشورتا (الاهي) سڀاڳو روپي بناوٽ جي مٽ سٽ (ٽرانسفارميشن)، پيداواري تبديلي ۽ نئين سِر اڏاوت پرمارٿي (مهربان) آهي. هڪ ٻئي شڪل ۾ اُها شِيوَ جي شڪتي (سگهه) آهي
  5. ويداماتا: هن شڪل ۾ گايتري ويدن جي ماتا آهي
  6. ديواماتا: گايتري آسماني ماءُ (ماتا) ، يعني، اِيشِورتا (اُلُوهيت، الاهيت)، يا خدائي مخلوق جي بَخشڻھارُ (بخشش ڪندڙ) پڻ آهي
  7. وشواماتا: گائيتري سروڀومي (عالمگير، ڪائناتي) ماءُ آهي. هوءَ سرشتي (جڳ،ڪائنات) کي وحدت جي روح سان قائم رکي ٿي ۽ انکي ڳنڍي رکندي آهي.
  8. مانداڪيني عرف گنگا:ڏسندڙ پويتر گنگا کي لتيزفهم ۽ ڳُجهي گايتري جي نمائندگي سمجهندا آهن. گنگا زميني گناهن کي پاڪ ڪري سگهي ٿي، ۽ گايتري ڪرما جي غلامي کي نشٽ (ختم) ڪري سگهي ٿي.
  9. اجاپا: گايتري جي ساڌن ۾ هڪ پرارٿنا (پرساد، برڪت) جي ڪيفيت تي پهچي ٿي، جتي عقيدت مند خدا سان گڏ پاڻ رابطو قائم رکي ٿو.
  10. رڌي: گڻيش کي ٻه عورتون ساٿياڻيون هيون، هڪ رڌا ۽ ٻئي سئڌي,رِڌي روحانی حاصلات ۽  شيءِ (مال) جي ڏيندڙ آهي.
  11. سئڌي: سڌي دنيائي مال اسباب ۽ جسماني ڏاج (بخشش) ڏيندڙ آهي.
  12. رتمڀرا: انسان کي خدا جو سڀ کان وڏو تحفو مڪمل سرشتي (ڪائناتي) شعور يا سمجهه، ڄاڻ، پروڙ (تصور، اِدراڪ) آهي، جيڪو جڏهن ملي وڃڻ تي مايا جي سڀني ٻنڌڻن کي هٽائي ڇڏي ٿو. اهو سرشتي (آفاقي) شعور رٿمبارا پراجنا آهي. ۽ ان جي ڪائناتي روپ ۾ گائيتري رٿمبارا آهي ۽ هي احساس پاڻ سُڃاڻڻ (سليف ريئلائزيشن) يا مُڪتي آهي.
  13. ساوتري: بنيادي شڪتي جا ٻہ وهڪرا آهن، هڪ لازوال ۽ ماورائي۔ يعني روحاني؛ ۽ ٻيو منشور، يعني غير معمولي ۽ جسماني۔ روحاني وهڪرو کي گايتري سڏبو آهي، جڏهن تہ جسماني وهڪري جو نالو ساويتري آهي.
  14. لڪشمي: دنيائي (مادي) سڪون ۽ راضپو (سنتوش) ۽ خوشحالي جي ونڊيندڙ طور گايتري جو روپ لڪشمي آهي
  15. درگا/ ڪالي: وقت-جي-سگهه (ٽائم-فورس) طور گايتري دُرڳا يا ڪالي سڏي ويندي آهي.جيون (زندگي) هڪ جنگ جو ميدان آهي، جتي اسان جا سڀ کان وڏا دشمن گهڻي ريت اسان جي پنهنجي ذهنيت ۽ ڪردار جي ڪمزوري آهن. درڳا ماتا جو فضل وٺڻ سان هڪ ماڻهو پنهنجين انهين خامين خرابين کي درست ڪرڻ لاءِ روحاني طاقت حاصل ڪري وٺي ٿو.
  16. سرِسَوَتيِ: گايتري سمجڻ وارو شعور جي اُتساهيندڙ قوت آهي جڏهن تہ شناس (فرق سُڃاڻڻ) واري ساڃاهه (عقل) سرسوتي جي مهرباني (پرساد) سان ڪم ڪري ٿو.
  17. ڪونداليني: ڪونداليني جي روپ ۾ گايئيتري هڪ پرسڪون سرشتي قوت (توانائي) آهي جيڪا ماڻهوءَ جي جسماني نفس سان جُڙيل آهي. پاڻ کي سُڃاڻڻ (سيلف ريئلائزيشن) لاءِ يوگا جو ڳانڍاپو ڪنڊاليني (ڪونداليني) جي جذبي سان واڳيل آهي.  
  18. اناپورنا: کاڌو (خوراڪ) زندگي جي بقا لاءِ سڌوسنئون بنيادي ضرورت آهي. اناپورنا جي طور گايتري ماتا جي فطرت کاڌو ڏيڻ آهي، جيڪا کاڌو پيدا ڪري ٿي ۽ اهو کاڌو طور اسان لاءِ دستياب آهي.
  19. مهامايا: مايا مُونجهارو آهي ۽ مهامايا گهٽ ڌوڪو (مُونجهارو) آهي.
  20. پياسوين: پاڻ سُڃاڻن (خود شناسي) جي شڪل ۾ لافاني معاملن جي فراهم ڪندڙ طور گايتري جو نالو پيوسيني آهي.
  21. پراناگني: گايتري پڻ پريناگني آهي، يا اسانجي جسم جي اندر گُهمندڙ هڪ باهه آهي.
  22. تريٽا يا تريپورا: گايتري وجود جي ٽن کيتر (دائرن) مٿان حڪمراني ڪندي آهي ۽ جنهن صلاحيت ۾ ان کي تري پورا جي نالو سان سڃاتو وڃي ٿو.
  23. ڀاواني: بڇڙائي جو انت آڻيندڙ شڪتي کي ڀاواڻي طور سُڃاتو ويندو آهي، جيڪا چڱائي، شائستگي ۽ پيڙهيل ۽ بچاءُ نه ڪري سگهندڙن جي مُحافظ آهي.
  24. ڀووانيشوري: گائيتري عالمي ميٺ محبت (هم آهنگي) ۽ ڀلائي جي خدائي رواداري جي طور  ۽ فرد جي خوشحالي ۽ خوشي جي ديوي جي حيثيت سان ڀووانيشوري سڏبي آهي. صحيح سماجي ڪوششن سان اسان سندس مهرباني حاصل ڪندا آهيون.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Bradley, R. Hertel; Cynthia, Ann Humes (1993). Living Banaras: Hindu Religion in Cultural Context. SUNY Press. p. 286. ISBN 978-0-7914-1331-9. https://books.google.com/books?id=r-OYL6Khg0UC. 
  2. Constance Jones, James D. Ryan (2005)، Encyclopedia of Hinduism، Infobase Publishing, p.167, entry "Gayatri Mantra"
  3. Roshen Dalal (2010)، The Religions of India: A Concise Guide to Nine Major Faiths، Penguin Books India, p.328, entry "Savitr, god"
  4. 4.0 4.1 Margaret Stutley (2006). Hindu Deities: A Mythological Dictionary with Illustrations. Munshiram Manoharlal Publishers. ISBN 9788121511643. https://books.google.com/books?id=Z1MvAAAAYAAJ. 
  5. 5.0 5.1 5.2 Omacanda Hāṇḍā (1992). Śiva in art: a study of Śaiva iconography and miniatures. Indus Pub. House. 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ban
  7. Ramachandra Rao, Saligrama Krishna (1998). R̥gveda-darśana: Gāyatri mantra. Kalpatharu Research Academy. p. 77. https://books.google.com/books?id=pp8oAAAAYAAJ. 
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Sharma
  9. Vallyon, Imre (2012). Planetary Transformation: A Personal Guide To Embracing Planetary Change. Bookbaby. pp. 245. ISBN 978-0-909038-90-8. https://books.google.com/books?isbn=0909038902. 
  10. CHETTY, D. GOPAUL (1923). NEW LIGHT UPON INDIAN PHILOSOPHY OR SWEDENBORG AND SAIVA SIDDHANTA. p. 52. 
  11. Frawley, David (2015). Shiva: The Lord of Yoga. Lotus Press. ISBN 978-0-940676-29-9. https://books.google.com/books?id=w5SMCgAAQBAJ&pg=PT240&dq=shiva+bharga&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjczu7RsZTZAhUIO48KHVBjBswQ6AEIJTAA#v=onepage&q=shiva%20bharga&f=false. 
  12. Uma Devi, Mudigonda (1990). Palkuriki Somanatha: His Contribution to Sanskrit Literature. Rasagangotri. pp. 123–183. https://books.google.com/books?id=LmAOAAAAYAAJ. 
  13. Sankaracharya (2000). Śrī Dakshināmūrti stotram: stava rajaṁ، astakam, samsmaranam and upanishat (stepping stone to Vedant). Sānkhyāyana Vidyā Parishat. pp. 6–7. 
  14. Guru Granth Sahib an Advance Study. Hemkunt Press. p. 294. ISBN 9788170103219. https://books.google.com/books?isbn=8170103215. 
  15. Ludvík, Catherine (2007). Sarasvatī، Riverine Goddess of Knowledge: From the. Brill. p. 119. ISBN 9789004158146. https://books.google.com/books?isbn=9004158146. 
  16. Kennedy, Vans (1831). Researches Into the Nature and Affinity of Ancient and Hindu Mythology by Vans Kennedy. Longman, Rees, Orme, Brown and Green. pp. 317–324. https://books.google.com/books?id=JpgIYbEtdQ8C.