اڇڙو ٿر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اڇڙو ٿر جي کُنڀي
اڇڙو ٿر جون کُنڀيون

اڇڙو ٿر يا اڇرو ٿر(انگريزي: Achhro Thar ) اڇڙو ٿر اصل ۾ اَڇِي يا سفيد رنگ جي ريتي يا واري جي ڪري سڏجي ٿو. اڇڙي ٿر ۾ هر طرف اڇي واري ۽ ان جا دڙا پکڙيل آهن.

پکيڙ[سنواريو]

سنڌ ۾ ٿر ريجن (ٿرپارڪر) جنهن جي پکيڙ ٻاويهه هزار (22000) چورس ڪلوميٽر ۽ ٽيون نارا ريجن (اڇڙو ٿر) جيڪو ٽيويهه هزار (23000) چورس ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل آهي. صدين کان وٺي نارا ريجن کي مقامي ماڻهو -اڇڙو ٿر- ڪري سڏن. -اڇڙو ٿر- سنڌ جي پنجن ضلعن سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپور، سکر، گھوٽڪي کان وٺي هندستان جي سرحد تائين ڦهليل آهي. هي -ٿر- ايراضي جي لحاظ کان، -ٿر- ريجن (ٿرپارڪر) کان وڏو آهي. بيهڪ: اڇڙي ٿر جون حدون سنڌ جي شهر عمرڪوٽ ۽ هٿونگو واري پاسي کان شروع ٿي گهوٽڪيءَ وٽان گذرنديون، وڃي پاڪستان جي پنجاب صوبي سان ملن ٿيون، جنهن جي اڳيان بابا فريد جو چولستان کيس ڀليڪار ڪري ٿو. ائين چئجي ته چولستان ۽ -ٿر- ريجن (ٿرپارڪر) جي وچ واري ريگستان کي ”اڇڙو ٿر“ سڏجي ٿو. رائيچند هريجن اڇڙي -ٿر- لاءِ لکيو آهي ته ”اڇو -ٿر-، هن ۾ عمرڪوٽ تعلقو جو اتريون ڪنارو ۽ کپرو تعلقو جو -اتر-، -اوڀر- وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هن کي بوئٺ ۽ ڊيئا به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جي بستي ڇڊي آهي“. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”زمين اڇاڻ مائل وارياسي ۽ پوکي لائق نه هئڻ ڪري هن کي اڇڙي -ٿر- جي نالي سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو.

نالو[سنواريو]

ٿر جي هن حصي کي مقامي طرح -اڇڙو ٿر- (White desert) -ان- ڪري چيو وڃي ٿو ته -ان- علائقي جي واري بلڪل سفيد ٿئي ٿي. جنهن ۾ لوڻ ۽ چيڪي مٽي جا جزا تمام گهٽ آهن. جيڪڏهن واريءَ کي مٺ ۾ -بند- ڪبو ته واري اصل هٿ ۾ نه بيهندي، پر -پاڻي- جيان، هٿ مان وهي ويندي. -ان- کانسواءِ هن ۾ مواد کي شڪل ۾ آڻيندڙ ۽ لچڪيداري جون خاصيتون نه هئڻ برابر آهن. هن واريءَ ۾ پاڻيءَ کي روڪڻ جي صلاحيت به نه هئڻ برابر آهي. مطلب ته هن جا تهه گهڙڻ جوڳو آهن، ٻي معنيٰ ۾ ٻوٽن کي پاڙ هڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ساڳي وقت -ٻوٽي- کي ريج نه ملڻ ڪري واڌ ويجهه جو موقعو نه ٿو ملي. هتان جي واري هلڪي ۽ پوري هئڻ ڪري، هوا ۾ گهڻو اڏامي ٿي. جنهن سبب ماڻهن کي رهائش توڙي پوکي راهي ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ان جي بنسبت -ٿر- ريجن (ٿرپارڪر پاسي) واري مٽيءَ ۾ لوڻ ۽ چيڪي مٽي جو تناسب وڌيڪ هئڻ ڪري، وسڪاري ۾ زمين زرخيز ٿيو پئي. اتان جي مٽي پڪي بي گذر، بند هئڻ سبب -پاڻي- ايترو جلد هيٺ نه ٿو هليو وڃي، -ٻوٽي- کي پاڙ هڻڻ ۾ سولائي ٿي ٿئي. -ان- ڪري وسڪاري ۾ ڪجهه ٽڪرا -ٻني- ٻاري لاءِ ملي وڃن ٿا. ڀٽ جي ساخت: اڇڙي -ٿر- جي ڀٽن جو سلسلو، سامونڊي لهرن جيان، گهڻو ڪري -اتر- ۽ ڏکڻ طرف روان دوان آهي. انهن ڀٽن جي وچ وارو فاصلو يا ڏهر تمام سوڙها آهن. ائين لڳندو آهي ته ڀٽون ڄڻ هڪ ٻئي سان ڀاڪر -ڀريون- بيٺيون آهن. ماڻهو هڪ ڀٽ چڙهي دنگ ڪندو ته ٻي سامهون ڪر کنيون بيٺي هوندي. انهيءَ ڪري انهن جي اڌکڙن ۽ ٽونڪن تي لهڻ چڙهڻ نهايت مشڪل آهي. خاص ڪري ڀٽ جي -اتر- طرف کان مٿي چڙهڻ بنسبت ڏکڻ جي. ڪيپٽن. اي. اين ريڪس -ٿر- جي ڀٽن لاءِ لکي ٿو ته ”ڀٽن جي واري تمام سنهڙي ۽ صاف آهي، منجهس ڪجهه واريءَ جا ڀرڻا ڳوڙها به هوندا آهن، -ان- ايراضيءَ جي مٿاڇري جي صورتحال اهڙي آهي جو ائين لڳندو، ڄڻ ڌرتي ڌڏڻ يا زمين جي اندروني آندولن ڪري ڀٽون، مٿي اُڀري آيون آهن، -ٿر- ۾ گهاڙ کي نيون شڪليون ۽ صورتون پئي ڏيندي،پر -ان- هوندي به -ٿر- جي ڀٽن جي ترتيب واسطي واءُ ايتري قدر ذميوار نه آهي. اڇڙي -ٿر- ۾ سفر ڪندي، جڏهن ڪنهن به ڀٽ جي ٽونڪ تي پهچبو ته اهو گمان ٿيندو آهي ته اها ڀٽ سڀ کان اتاهين آهي، پر جيئن سفر ڪبو وڃبو، تيئن ويران ڀٽن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو روان دوان ملندو.

تاريخ ۽ جاگرافي[سنواريو]

1943ع ڌاري جڏهن چارلس نيپئر، پنهنجي 350 آئرش سپاهين سان گڏ، مير رستم خان -ٽالپر- جو پيڇو ڪندي، هن علائقي ۾ آيو هو ته -ان- وقت جا تاريخدان اڇڙي -ٿر- جو احوال ڪندي لکن ٿا ”انهيءَ ملڪ جي ويراني عجيب ۽ غريب هئي، جنهن وچان اهي لنگهي رهيا هئا، واريءَ جا اُوچا دڙا، سوين ميلن تائين -اتر- ۽ ڏکڻ طرف هڪ ڪري، مفاصلي تي متوازي بيٺل ٽڪرين جي قطارن ۽ ماٿرين وانگر چوٽين وٽان گول ۽ ڏاڍي يڪسانيت سان اهڙي طرح لهرن جي شڪل اختيار ڪري بيٺا هئا، جيئن سمنڊ جي ڪناري تي آيل. ماٺي وير کان پوءِ وارياسي ڪناري تي لهرن جا نشان رهجي ويندا آهن. اهي وارياسا پهاڙ جيڪي اوچائي، ويڪرائي ۽ گهرائي ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هئا، هڪ ئي نموني جو يڪسان مٿاڇرو پيش ڪري رهيا هئا، پر انهن مان ڪجهه جڏهن ته هڪ ميل ويڪرا هئا ۽ ٻيا ڏهن ميلن کان به وڌيڪ ويڪرا هئا، جي هيٺ ڀرا وارا هئا، جو توبن کي ماڻهو گهلي ٿي مٿي ڇڪي سگهيا.“ اڪثر ماڻهو ٿرپارڪر واري -ٿر- ۽ اڇڙي -ٿر- کي جاگرافيائي ۽ طبعي طور هڪ جهڙو تصور ڪن ٿا، پر ٿرپارڪر واري پاسي جي زمين پڪي، وسيع ڏهر، ميلن تائين ڦهليل سرسبز ۽ دلڪش پوٺا ۽ هريالي من کي راحت ڏيو ڇڏي، پر اڇڙي -ٿر- جي زمين پوري ڳتيل ڏهر، ميلن تائين رڳو رڃ ۽ سڃ پئي واڪا ڪري، هن ويران -بيابان- ۾ نه ماڻهو نه ئي ساوڪ ۽ سرهاڻ نظر ايندي. اڇڙي -ٿر- جا درياهي وهڪرا: -تاريخ- ۾ -اڇڙو ٿر- به ڪنهن زماني ۾ سرسبز ۽ ساوڪ وارو ديس ٻڌايو وڃي ٿو، ڇو جو اوائلي زماني ۾ هن خطي ۾ به ڪيترن درياهي وهڪرن جو ذڪر ملي ٿو. موجوده دور ۾ به انهن مان ڪن درياهي وهڪرن جا نشان نظر اچن ٿا، پر ڪافي درياهن جا پنڌ ۽ پيچرا رڻ ۾ رلي ويا آهن. ڪتابي دنيا ۾ هن علائقي مان هاڪڙو، سرسوتي، ريڻي درياهه جي موجن جو احوال ملي ٿو. منگهارام اوجها ٻڌائي ٿو ته ”جڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي پنجاب مان نڪري امرڪوٽ جي -اوڀر- طرف وهي، ننگرپارڪر وٽان ٿي،ڪڇ جو رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، -ان- جو ٻيو نالو ”وهندو“ هو، جيڪي هاڪڙي جون شاخون هيون، اهي سڀ وڃي سنڌوندي ۾ پونديون هيون. هاڪڙو تمام قديم ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامائڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي هلندڙ هئي. ابو الفضل، ”-آئين اڪبري-“ ۾ ”ٽاڊ راجستان“ ۾ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن“. ڪي ماهر هاڪڙو درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي ٻڌائن ٿا، جيئن احمد غزالي لکي ٿو ”جاگرافيائي تقسيم مطابق درياهه هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد جو ڪم ڏيندو هو. هي درياهه سابق رياست -بهاولپور- کي ڏکڻ -اوڀر- رياست -بيڪانير- ۽ جيسلمير کان جدا ڪندو هو ۽ اترين سرحد ته واضح طرح هن جي مرهون منت هئي.-ان- درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي هو ۽ وادي سنڌ جي ستن درياهن مان هڪ هو.“ هو اڳتي سرسوتي درياهه لاءِ ٻڌائي ٿو ته ”تقريباً چار هزار قبل مسيح جي ڳالهه آهي ته صحرائي چولستان جي وچ ۾ درياهه سرسوتي موجون هڻندي گذرندو هو. اهو درياهه اڄ به هاڪڙو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪن قديم مذهبي ڪتابن ۾ سرسوتي درياهه جو ذڪر آيو آهي ته ”شروعات ۾ -آريا- هاڪڙا کي سرسوتي جي نالي سان سڏيندا هئا، سرسوتي جو ذڪرويد، پراڻ ۽ مھاڀارت ۾ ملي ٿو. جيڪي 1000Bc کان 200Bc جي وچ ڌاري لکيا ويا.“ هن علائقي ۾ اُن وهڪرن جي ڇڏيل هڪ ”پورچنڊ“ ڍنڍ به آهي. روايت آهي ته حضرت نوح جي -ٻيڙي- اتي اچي لنگر هنيو هو.[1][2] هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو اُتريون ڇيڙو ۽ پوءِ اڳتي کپري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو، خيرپور جو اڀرندو حصو ۽ جيسلمير جو ڏکڻ – الهندي وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن کي ’بوئٺ‘ ۽ ’ڊيئا‘ به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جون وسنديون ڇڊيون آهن[3].

ڍنڍون[سنواريو]

اڇڙي ٿر ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن جيڪي سياحت ۽ خوبصورتي جو مظهر آهن. انهن ۾ ڪاڪوهو، ٻوٽار ۽ کارهوڙ، لارڙو ڍنڍ، پٽيهل ڍنڍ، ڪلانڪر ڍنڍ ۽ ٻيون اهم آهن. ٻوٽار کپري تعلقي ۾ هٿونگو شهر کان 4 ڪلوميٽر اتر طرف آهي.کارهوڙ ڍنڍ جيڪا اڇڙي ٿر جي آخري ڪناري تي يعني چوٽيارين جي ويجهي آهي، هن ڍنڍ جي خاص ڳالهه هي آهي ته هي هڪ مٺي ۽ هڪ کاري ڍنڍ آهي، فرق صرف ٿورو فاصلو هجڻ جي ڪري ڏسڻ وٽان آهي. جوارڙو جي لارڙو ڍنڍ، پٽيهل ڍنڍ، ڪلانڪر ڍنڍ به سفيد واري جيڪا دڙا پنهنجي شڪل مٽائيندا رهن ٿا.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. اڇڙو ٿر : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. Thar Desert - Wikipedia
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. Bhatti, Sahib Khan. "Sahib khan bhatti: “ اڇڙو ٿر” ڪتاب تي تبصرو". Sahib khan bhatti. حاصل ڪيل 2020-09-16.