مواد ڏانھن هلو

ڍاٽڪي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Dhatki
Native to Pakistan and India (Marwar region of Rajasthan and Thar region of Sindh)(sociolect)
Native speakers
150,000 (2000)[1]
en:Line-handling templates
Language codes
ISO 639-3 mki
Glottolog dhat1238[2]
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters.
"ڍاٽڪي" لفظ سنڌي ۽ ديوناگري لکت ۾
ڍاٽڪي لفظ سنڌي ۽ ديوناگري لکت ۾

ڍاٽڪي (Dhatki) سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي لھجي کي ”ڍاٽي“ ۽ ”ٿري“ نالن سان بہ سڏيو ويندو آهي. هن لھجي جي مکيہ زمين ٿر خاص طور تي ٿر جو ڍاٽ وارو علائقو آهي. ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ دراوڙيءَ سان بہ ويجهڙائپ رکي ٿي.[3] ٿر ۾ ڍاٽڪي ٻولي بہ چالو آهي. هن وقت اتي جيڪي ٺَڪرُ (راجپوت)، ڪَراڙ (واڻيا)، ميگهواڙ، ڀيل وغيره آهن، سي اصل راجپوتانا ۽ گجرات طرف کان آيا آهن. ٿر کي ڪَڇ، راجپوتانا جو ڀاڱو (مارواڙ ۽ جيسلمير)، ۽ ننگر پارڪر کي پالنپور رياست (گجرات جو طرف) ويجها آهن. ٿر جي ڪيترن ماڻهن جي انهن سڀني هنڌن جي رهاڪن سان لھ وچڙ گهڻي آهي. انهن سببن ڪري سنڌي، راجسٿاني ۽گجراتي ٻولين جي ميلاپ منجهان ٿر منجهہ هڪ بنھ نئين قسم جي ٻولي ٺهي پيئي آهي، جا ڍاٽڪي يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻولي سڏجي ٿي. اها گاڏڙ ٻولي راجسٿاني ٻولين جي لھجي ۾ ليکجي ٿي ۽ ”ڍٽ“ لفظ پاڻ بہ راجسٿاني ٻولين جو آهي. ڍاٽڪي ٻولي گجراتيءَ کي گهڻو ويجهي آهي، مثلاً: گجراتيءَ ۾ چون ”هُون جائُون ڇُون“ يعني آءٌ وڃان ٿو، ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ چون ”هُون جائون تو“. اهو ”تو“ نج سنڌي لفظ ”ڻو“ آهي، جنھن مان ”ھ“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنھنڪي ”ئو“ بدران ”تو“ چون ٿا. شاھ جي رسالي جو سر ڍول مارئي، جو راجپوتانا جي ڍول ۽ مارئي جي قصي تي ٻڌل آهي، سو ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. انهيءَ سر جو پھريون بيت هيءُ آهي:

”اُتر واءَ کوندي پھلي موسم مينھن،
ٻــالاپــڻ رونيھن، والا جم وساريين“.

”جم وساريين“معنا متان وسارين. اهي ٻيئي لاڙ جا لفظ آهن. اهڙيءَ طرح ڍاٽڪيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌي لفظ آهن.

سنڌيءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ

[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ گهڻا ڪينهن، جو ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ، سنڌ ۾ گهڻو ٽڙي پکڙجي نہ ويا آهن. عمر مارئيءَ جي قصي مشهور هئڻ سبب سنڌيءَ ۾ رڳو ”مارُو“ لفظ عام ٿيو آهي جو ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنا اٿس ’ٿري مالدار‘، جي مال جي چاري سانگي ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي گذارين ٿا. ”مارئي“ پڻ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ۽ معنا اٿس ’مارُو لوڪن جي نياڻي‘

”تون لنگهائين’لطيف‘چئي ٿرن جا ٿوري“. (شاھ)

”ٿوري“ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ اصل معنيٰ اٿس ”شڪاري“؛ پر عام طرح ٿر ۾ ڀيلن کي ”نوري“ سڏيندا آهن ۽ اهي اڇوتن جي دفعي ۾ ليکبا آهن. ”ٿوريءَ“ جو مونث سنڌيءَ ۾ آهي ”نورياڻي“.

”مـــاڙهُـــــو چـــونــــم مـــي، آءٌ هـــيــريــاڻــي آهـيان،
مُون ور سرتيون سي، جي ٿورياڻيون ٿرن جون“.(شاھ)

هيءُ بيت مسڪينيءَ جي باب ۾ آهي. ڄام تماچيءَ جي راڻي نُوري، ذات جي گندري(مهاڻي)، چوي ٿي ته ماڻهو مون کي مھاڻي چون ٿا، پر مان شڪارڻ آهيان ۽ ٿر جون ڀيلڻون مون کان وڌيڪ آهن. ٿر ۾ ”ٽوڀو“ معنيٰ ننڍڙو تلاءُ. اهو ڍاٽڪو لفظ رڳو ٿر ۾ عام آهي. [4]

ٿريلي

[سنواريو]

ٿريلي ٻولي سنڌ جي اڀرندي طرف وارو ضلعو ٿرپارڪر ٻن علائقن تي مشتمل آهي. هڪ ”پٽ“ يا اڀرندي ناري وارو ميدان ۽ ٻيو ٿر يا ريگستان. ٿر جي ڏکڻ اوڀر ۾ پارڪر جو علائقو آهي، جيڪو ٿر کان ائين مختلف آهي، جو ان ۾ واريءَ جي ڀٽن بدران پٿر جون ٽڪريون آهن. پارڪر جي بنھ ڏکڻ اوڀر پاسي گجراتي ٻولي هلندي آهي، پر سموري ٿر ۾ اهو سنڌيءَ جو ”ٿريلي“ يا ”ٿريچي“ لھجو ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن جي هڪ محاوري کي راجپوتانا پاسي وري”ڍاٽڪي“ چوندا آهن. راجپوتانا ۾ لفظ ”ڍاٽ“ جي معنيٰ آهي ريگستان ۽ اهو خاص طور ٿر ۽ ان سان دنگئي راجپوتانا جي رياست جيسلمير واري ريگستاني خطي لاءِ ڪم اچي ٿو.[5]

مارواڙي

[سنواريو]

ٿر ڏي سنڌي ٻولي راجسٿاني (مارواڙي وغيره) سان وڃي گڏي آهي. خود مارواڙ ۾ ڪيترا سنڌي بہ ڳالهائين، تہ مارواڙي بہ ڳالهائين. ائين سنڌيءَ جا ڪيترا لفظ مارواڙيءَ ۾ ۽ مارواڙيءَ جا سنڌي ۾ اچي ويا آهن. انهيءَ هوندي بہ هن پاسي سنڌي ٻولي پنھنجو پاڻ جهلي بيٺي آهي ۽ ڦري مارواڙي ڪين ٿي آهي.[6]

تبديليون

[سنواريو]

جيسلمير ۽ سمکيا پرڳڻي ۾ بہ هن خطي جي ٻولي، سنڌي ۽ جيسلمير ۾ ڳالهائي ويندڙ مارواڙيءَ جو ميلاپ آهي. جيسلمير واري راجپوتانا رياست جي ڏکڻ ۾ ٿر ۽ پارڪر جي اوڀر ۾، راجپوتانا اندر مارواڙ رياست جو ”ملني خطو“ اچي ٿو. ملنيءَ جي مکيه ٻولي مارواڙي آهي، پر ان جي ۽ ٿر ۽ پارڪر جي وچ واري سرحد سان لاڳو هڪ سوڙهو پٽو اهڙو آهي، جتي جي ٻوليءَ کي مارواڙي ماڻهو سنڌي چوندا آهن. اهو سنڌي ۽ مارواڙيءَ جو گاڏڙ لھجو آهي، جيڪو سموريءَ سرحد سان لاڳو علائقي کان ويندي جيسلمير واري ڍاٽ تائين ڳالهائجي ٿو. ان پٽي ۽ ڍاٽ جي اوڀر ۾ اهو ريگستان يڪو هلندو وڃي راجپوتانا جي وچ ۾ پوي ٿو، جتي پهرين ٻولي جيڪا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، سا آهي راجستانيءَ جي مارواڙي لهجي جي هڪ صورت ”ٿلي“. مجموعي طرح ٿر، پارڪر ۽ جيسلمير جي ڍاٽ ۾ ڳالهائڻ جا مختلف محاورا ملن ٿا، جيڪي سمورا سنڌي ۽ مارواڙيءَ جي ملاوت جو نتيجو آهن، جن کي سنڌيءَ يا مارواڙي جا لهجا چئي سگھجي ٿو. ڪي ماڻهو انهن کي ڌار ٻوليون بہ قرار ڏين ٿا، پر اهڙي دعويٰ بنا تحقيق جي قابل قبول نٿي ٿي سگهي.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. Dhatki at Ethnologue (18th ed., 2015)
  2. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Dhatki". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/dhat1238. 
  3. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  4. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پھريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي صہ 8. پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  5. 5.0 5.1 ٿريلي ٻولي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  6. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پھريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي صہ 5. پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.