مواد ڏانھن هلو

ڇاڇرو

بيھڪ: 25°6′40″N 70°15′17″E / 25.11111°N 70.25472°E / 25.11111; 70.25472
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇاڇرو

[سنواريو]

ڇاڇرو:(اردو: چھاچھرو، انگريزي: Chhachhro (Chachro))

ڇاڇرو، ٿرپارڪر ضلعي جو تعلقو آهي، جيڪو پاڪستان جي ڏاکڻي اوڀر ڪنڊ تي، ٿر ريگستان ۾، پاڪستان-ڀارت سرحد جي ويجهو واقع آهي. هن جي آبادي 3,71,769[1] ماڻهن تي مشتمل آهي. هتي مهيشوري، برهمڻ، سوٽهڙ، کٽي، مينگهواڙ، گُرڙا، بجير، ڪنڀار، سنگراسي، جنجهي، راهمان ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. هي ضلعي ٿرپارڪر جي وچ واري علائقي ڍٽ (ڍاٽ) جو شهر آهي جڏهن تہ کائڙ ، ڪنٺي ۽ پارڪر کي ويجهو لڳي ٿو، رهواسي ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، گڏوگڏ سنڌي، اردو ۽ گجراتي بہ ڳالهائين ٿا. آباديءَ جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي.

ڇاڇرو
شھر
Chachro
ڇاڇرو is located in سنڌ
ڇاڇرو
ڇاڇرو
ڇاڇرو is located in Pakistan
ڇاڇرو
ڇاڇرو
جاگرافي بيهڪ: 25°6′40″N 70°15′17″E / 25.11111°N 70.25472°E / 25.11111; 70.25472
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٿرپارڪر

جاگرافي

[سنواريو]

ڇاڇرو ٽن علائقن ۾ ورهايل آهي: کائڙ، ڪنٺو ۽ پارڪر. رهواسي ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، گڏوگڏ سنڌي، اردو ۽ گجراتي به ڳالهائين ٿا. آباديءَ جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ هندو ڀارت لڏي ويا.

تاريخ

[سنواريو]

هي تعلقو نہ رڳو ٿر پر پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. ڇاڇرو250 6 0 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 700 18 0 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شهر ۾ 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ وڏي ڦرلٽ ڪئي هئي، جڏهن ته 1965ع ۽ 1971ع جي لڙاين ۾ به هن ڀريي ڀڪليي شهر کي ڪافي نقـصـان پـهـتـو هـو. هـتـي مهيشوري، برهمڻ، سوٽهڙ، کٽي، مينگهواڙ، گُرڙا، بجير، ڪنڀار، سنگراسي، جنجهي، راهمان ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. هي واپار جو سٺو مرڪز آهي. ڇاڇرو تعلقو 7249 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. ڇاڇرو روڊ رستي عمرڪوٽ، مٺي، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ ڪانٽيي سان مليل آهي. هن تعلقي جا کٿا ۽ لويون مشهور آهن. هن شهر ۾ بجلي، واٽر سپلاءِ، ٽيليفون، اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، مختيارڪار آفيس، اسپتال، مسافرخانو ۽ ٻيون سهوليتون آهن. شهر جي رهاڪن ۾ ملازمت پيشه ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت آهي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوئلي جو ذخيرو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي حدن ۾ مليو آهي، ان ڪري مستقبل ۾ هن شهر جي ترقيءَ جا امڪان روشن آهن. [2]

ڇاڇري جي نالي جي تاريخ

[سنواريو]

سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ تائين وڌائي ۽ راٺوڙن کي ڌڪي کائڙ بہ هٿ ڪيو، ۽ گادي نشين راڻي جي پاران اتي صوبا موڪليندا هئا. انهيءَ پاسي جيڪي راجپوت صوبا ٿي ويا، تن اُتي ڇڇر ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو چوندا هئا، جو لفظ نيٺ ڇاڇرو ٿيو. آسپاس جي حد کي ”ڇاڇراٽي“ چوندا آهن. اڄ تائين بہ انهيءَ نالي سان ٿري سڏيندا آهن.[3]

ڀارتي فوج جو قبضو

[سنواريو]

ڇاڇرو 1971 جي پاڪستان-ڀارت جنگ دوران 11 مهينن تائين ڀارتي فوج جي قبضي ۾ رهيو. اهو 22 ڊسمبر 1972 تي شملہ معاهدي کان پوءِ پاڪستان ڏانهن واپس ڪيو ويو. [4]

يونين ڪائونسلون

[سنواريو]

ڇاڇرو، چيلهار، ڪانٽيو، ويجهيار، راڄوڙو، هيرار، پارنو، چارنور، تڙاحمد، مٺڙيو چارڻ، کينئسر، ڏاهلي، گڍڙو، تڙدوس ۽ سارنگهيار.[3]

رتن جي ڍاڻي، عارب جي ڍاڻي، علڻ آباد، ڪِيتار، ڪاگيا، لپلو، ڀارمل جي ڍاڻي، ڀاڏاسنڌا، ڀوتيو، تماچي جي ويري، سوکرُو، مٿارو، قوبل جو تڙ.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Chachro (Taluka, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2025-01-05. 
  2. "ڇاڇرو 3 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2025-01-05. 
  3. 3.0 3.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. Society, Baroda Philatelic (en ۾). Vadophil: Issue No. 139. Baroda Philatelic Society. https://books.google.com.pk/books?id=4esMBAAAQBAJ&redir_esc=y. 
  5. "تڙ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2025-01-05.