مواد ڏانھن هلو

ڇاڇرو

ڇاڇرو:(اردو: چھاچھرو، انگريزي: Chachro ) ٿرپارڪر ضلعي جو تعلقو آهي، جيڪو پاڪستان جي ڏاکڻي اوڀر ڪنڊ تي، ٿر ريگستان ۾، پاڪستان-ڀارت سرحد جي ويجهو واقع آهي. هن جي آبادي 3,71,769[1] ماڻهن تي مشتمل آهي. هي ضلعي ٿرپارڪر جي وچ واري علائقي ڍٽ (ڍاٽ) جو شهر آهي. رهواسي ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، آباديءَ جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي.

ڇاڇرو
شھر
Chachro
ڇاڇرو is located in سنڌ
ڇاڇرو
ڇاڇرو
ڇاڇرو is located in Pakistan
ڇاڇرو
ڇاڇرو
متناسقات: 25°6′40″N 70°15′17″E / 25.11111°N 70.25472°E / 25.11111; 70.25472
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٿرپارڪر

جاگرافي

[سنواريو]

ڇاڇرو تعلقو ٽن علائقن ۾ ورهايل آهي: کائڙ، ڪنٺو ۽ پارڪر. رهواسي ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، گڏوگڏ سنڌي، اردو ۽ گجراتي به ڳالهائين ٿا. آباديءَ جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ هندو ڀارت لڏي ويا.

آبادي

[سنواريو]
مردم شماري آبادي (تعلقو ڇاڇرو) آبادي (شهر ڇاڇرو)
1998 19,697 ڄاڻ موجود ناهي
2017 47,135 ڄاڻ موجود ناهي
2023 52,376 ڄاڻ موجود ناهي

تاريخ

[سنواريو]

هي تعلقو نہ رڳو ٿر پر پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. ڇاڇرو250 6 0 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 700 18 0 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شهر ۾ 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ وڏي ڦرلٽ ڪئي هئي، جڏهن ته 1965ع ۽ 1971ع جي لڙاين ۾ به هن ڀريي ڀڪليي شهر کي ڪافي نقـصـان پـهـتـو هـو. هـتـي مهيشوري، برهمڻ، سوٽهڙ، کٽي، مينگهواڙ، گُرڙا، بجير، ڪنڀار، سنگراسي، جنجهي، راهمان ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. هي واپار جو سٺو مرڪز آهي. ڇاڇرو تعلقو 7249 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. ڇاڇرو روڊ رستي عمرڪوٽ، مٺي، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ ڪانٽيي سان مليل آهي. هن تعلقي جا کٿا ۽ لويون مشهور آهن. هن شهر ۾ بجلي، واٽر سپلاءِ، ٽيليفون، اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، مختيارڪار آفيس، اسپتال، مسافرخانو ۽ ٻيون سهوليتون آهن. شهر جي رهاڪن ۾ ملازمت پيشه ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت آهي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوئلي جو ذخيرو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي حدن ۾ مليو آهي، ان ڪري مستقبل ۾ هن شهر جي ترقيءَ جا امڪان روشن آهن. [2] هن تاريخي شهر جي خوبصورتي ۽ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شهرين پاران پينسل چوڪ بہ ٺاهيو ويو آهي. هيءُ چوڪ خاص طور تي تعليم جي علامت طور ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ پينسلن جي شڪل جا مجسما شامل ڪيا ويا. پينسل چوڪ نہ صرف شهر جي سونهن وڌائي ٿو، پر تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ اهم نشاني آهي. هيءُ ٿر ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد چوڪ آهي، جيڪو مقامي ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز پڻ بڻيل آهي.[3]

ڇاڇري جي نالي جي تاريخ

[سنواريو]

سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ تائين وڌائي ۽ راٺوڙن کي ڌڪي کائڙ بہ هٿ ڪيو، ۽ گادي نشين راڻي جي پاران اتي صوبا موڪليندا هئا. انهيءَ پاسي جيڪي راجپوت صوبا ٿي ويا، تن اُتي ڇڇر ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو چوندا هئا، جو لفظ نيٺ ڇاڇرو ٿيو. آسپاس جي حد کي ”ڇاڇراٽي“ چوندا آهن. اڄ تائين بہ انهيءَ نالي سان ٿري سڏيندا آهن.[4]

ڀارتي فوج جو قبضو

[سنواريو]

ڇاڇرو 1971 جي پاڪستان-ڀارت جنگ دوران 11 مهينن تائين ڀارتي فوج جي قبضي ۾ رهيو. اهو 22 ڊسمبر 1972 تي شملہ معاهدي کان پوءِ پاڪستان ڏانهن واپس ڪيو ويو. [5]

يونين ڪائونسلون

[سنواريو]

ڇاڇرو، چيلهار، ڪانٽيو، ويجهيار، راڄوڙو، هيرار، پارنو، چارنور، تڙاحمد، مٺڙيو چارڻ، کينئسر، ڏاهلي، گڍڙو، تڙدوس ۽ سارنگهيار.[4]

رتن جي ڍاڻي، عارب جي ڍاڻي، علڻ آباد، ڪِيتار، ڪاگيا، لپلو، ڀارمل جي ڍاڻي، ڀاڏاسنڌا، ڀوتيو، تماچي جي ويري، سوکرُو، مٿارو، قوبل جو تڙ.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Chachro (Taluka, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location", www.citypopulation.de, حاصل ڪيل 05 جنوري 2025۔
  2. "ڇاڇرو 3 : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 05 جنوري 2025۔
  3. پينسل چوڪ
  4. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. Society, Baroda Philatelic (en ۾). Vadophil: Issue No. 139. Baroda Philatelic Society. https://books.google.com.pk/books?id=4esMBAAAQBAJ&redir_esc=y.
  6. "تڙ : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 05 جنوري 2025۔