مواد ڏانھن هلو

ننگرپارڪر

بيھڪ: 24°21′21″N 70°45′16″E / 24.35583°N 70.75444°E / 24.35583; 70.75444
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ننگرپارڪر

نگرپاركر
شھر
Nangarparker
ڪارونجھر جبل کان ننگرپارڪر شھر جو ڏيک
ڪارونجھر جبل کان ننگرپارڪر شھر جو ڏيک
ننگرپارڪر is located in سنڌ
ننگرپارڪر
ننگرپارڪر
ننگرپارڪر is located in Pakistan
ننگرپارڪر
ننگرپارڪر
جاگرافي بيهڪ: 24°21′21″N 70°45′16″E / 24.35583°N 70.75444°E / 24.35583; 70.75444
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٿرپارڪر
ڀوڏيسر جو جين مندر
ويرا واھ جين مندر

ننگرپارڪر (اردو: نگرپاركر، انگريزي ٻولي: Nagarpakarڪارونجھر جبل جي ھيٺاھين ۾ ٿرپارڪر ضلعي، سنڌ صوبي، پاڪستان جو ھڪ شھر آھي، جيڪو مندرن ڪري سڃاتو وڃي ٿو جيڪي ھندو ۽ جين ماڻھن جي ياترا جو ھڪ اسٿان آھن. ھي شھر انڊيا جي سرحد تي ضلعي صدر مقام مٺي کان 129  ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي.عمر ڪوٽ کان پوءِ ننگرپارڪر ٻيو نمبر مشهور ۽ قديم شهر آهي. هي پارڪر واري ڀاڱي 21 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ آهي. هتي وڻڪار گهڻي آهي، خاص ڪري نمن جا وڻ ججها آهن. جبلن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تيرٿ آستان ۽ ڌرمي مڪان آهن. هتي موتين جي پُوچ جو ڪم ٿئي ٿو. نِواڙون ۽ جهاجهم سٺا ٺهن ٿا. هتي مسلمان، ميمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، لهاڻا ۽ ڪولهي رهن ٿا. جبل مان عمارتي پٿر ملي ٿو، جنهن مان جايون ٺاهيل آهن. هتي جاين جي مٿان ٺڪر جا نَريا ڏيندا آهن. جبل ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. هتي هيرڻ جي پيدائش ججهي ٿيندي آهي، جن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، ريسٽ هائوس، هاءِ اسڪول، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، يونين آفيس، اسپتال، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. هتي لَکڻ ڀارتيءَ جو مشهور مندر آهي[1].

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

سانچو:Cultural heritage sites in Pakistan