وڪيپيڊيا:چونڊ تصويرون/جُولاءِ، 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

21 جُولاءِ

رني ڪوٽ قلعو ضلعي ڄامشورو ۾ آهي. هي قلعو سنڌ جي تاريخي شهر سَنَ کان اٽڪل 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف آهي. هي قلعو, کير ٿر سلسلي جي آخري جابلو قطار لڪي جابلو قطار تي ٺهيل آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


22 جُولاءِ

صدرالدين شاھ لڪياري جي درگاھ، لڪي شاھ صدر، ڄامشوري ضلعي ۾ واقع آهي. لڪي شاھ صدر سيوهڻ کان 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. لڪي اڳئين زماني ۾ ته لڪياري ساداتن جو ڳڙهه هئي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


23 جُولاءِ

فيض محل ضلعي خيرپور ۾ واقع آهي. هي عمارت 1798ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هن کي لکي بنگلو ۽ تاج محل به سڏيندا هئا. هن محل جو وچون هال درٻار ۽ سرڪاري تقريبات جو ڪم ڏيندو هو، هن جي اڳيان هڪ عاليشان باغ پڻ آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


24 جُولاءِ

قديم گوڙي جو مندر يا جين مندر سنڌ جي رڻپٽ ٿر ۾ ويرا واھ کان ١٤ ميل اتر اولھ ڏس تي آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


25 جُولاءِ

مڪلي شهر ٺٽي جي پسگردائيء ۾ واقع آهي. مڪلي ھڪ قديم قبرستان جو نالو آهي. مڪليءَ جي ٽڪري پَٻ ۽ هاڙهي جبل جي شاخ آهي ۽ رني جي ڪوٽ واري ٽُڪرن جي قطار مان آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


26 جُولاءِ

نوريءَ جي قبر، ڪينجھر ڍنڍ، ٺٽي ۾ واقع آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


27 جُولاءِ

ٺلهه گولو فقير سنڌ جي داڍو ضلعي، جوهي تعلقي ۾ ڪاڇو جي صحرا ۾ واقع آهي. . هيءُ ٺلهه سنڌ ۾ ٻين ٺُلهن جيان ٻڌمت جو يادگار آهي. هن ٺلهه ڀرسان قديم بستيءَ جا پڻ آثار آهن جتي ٺڪراٺو به وڏي مقدار ۾ پکڙيل آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


28 جُولاءِ

ٽائيٽنس جو زوال ڊچ مصور ڪوريلنس وان هارليم پاران 1588 کان 1590 جي وچ ۾ مڪمل ڪيل هڪ آئل پنٽنگ آهي. پنٽنگ ۾ يوناني ڏند ڪٿا موجب، ٽائيٽنس ۽ اوليمپس جي وچ ۾ جهيڙن کي ڏيکاريو ويو آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


29 جُولاءِ

کاٻي طرف چمڪندڙ الفا سينچوري ۽ ساڄي طرف بيٽا سينچوري آهي، پراڪسيما سينچوري ڳاڙهي دائري ۾ ڏيکاريل آهي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


30 جُولاءِ

ايراضي جي حوالي سان پاڪستان جي وڏي صوبي بلوچستان ۾ ٺاهيل هڪ جهوپڙي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون


31 جُولاءِ

ٿري عورتون زمينن تي ڪم ڪندي.

اڳوڻاوڌيڪ چونڊ تصويرون