سَنُ
ڏيک
سن Sann | |
---|---|
شھر | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 26°02′12″N 68°07′59″E / 26.03667°N 68.13306°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڄامشورو ضلعو |
'سن (انگريزي: Sann' ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي مانجھند تعلقي جو ھڪ ننڍڙو تاريخي شهر آهي، جتي سائين جي ايم سيد پيدا ٿيو ، سن کان اٽڪل 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رني ڪوٽ واقع آهي. سن انڊس ھاء وي کان ٻہ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اوڀر طرف واقع آهي ۽ اولھ طرف وري سن شھر جي ريلوي اسٽيشن واقع آهي. ھن شھر ۾ ٻين خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي جنھن ۾ ننڍي کنڊ جا برک اڳواڻ شريڪ ٿيا ھيا.
سن جون مشهور شخصيتون
[سنواريو]- جي ايم سيد، جديد سنڌي قومپرستي جو باني
- سيد جلال محمود شاهه، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي