22 جُولاءِ
ڏيک
22 جُولاءِ (انگريزي: July 22)، عيسوي سال جو 203 هون (ليپ سال 204 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 162 ڏينهن (ليپ سال 163 ڏينهن) باقي آهن. [1]
واقعا
[سنواريو]- 1948ع — ڪراچي جو سڄو علائقو وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي. قائد اعظم بيماري سبب زيارت هو ۽ اهڙو نوٽيفڪشن قائم مقام گورنر جرنل لياقت علي خان جاري ڪيو.
- 1949ع — سر شاهنواز ڀٽو جي ممبئي ۾ موجود ملڪيت کي ضبط ڪيو ويو.
- 1994ع — گميبيا ۾ فوج حڪومت جو تختو انڌو ڪري ڇڏيو.
- 2002ع — اسرائيلي فوج پاران حماس اڳواڻ صلاح شاحده جي گھر تي بم حملي جي نتيجي ۾ پاڻ ۽ سندس خاندان قتل ٿي ويو.
- 2004ع — استنبول کان انقره ويندڙ ريل جي حادثي ۾ 140 ماڻهو فوت ٿي ويا.
- 2018ع — ڊيرا اسماعيل خان ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار اڪرام الله گنڊاپور قتل ٿي ويو.