21 جُولاءِ
ڏيک
21 جُولاءِ (انگريزي: July 21)، عيسوي سال جو 202 هون (ليپ سال 203 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 163 ڏينهن (ليپ سال 164 ڏينهن) باقي آهن. [1]
واقعا
[سنواريو]- 1774ع — سلطنت روس ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ معاهدو ڪوچڪ ڪناري طئي ٿيو.
- 1831ع — بيلجيم، هالينڊ کان آزادي ورتي.[2]
- 1946ع — سنڌ جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊ نتيجن کي ظاهر ڪيو ويو. جي ايم سيد پنهنجي پارٽي جي سخت مخالفت ۽ مداخلت باوجود پنهنجي سيٽ کٽي ويو. مسلم ليگ 27 ڪانگريس 21 ۽ جي ايم سيد گروپ 4 سيٽون کٽيون.[3]
- 1950ع — سورهيه بادشاهه جا ٻه پٽ پرڏيهه مان سنڌ واپس آيا. انهن کي انگريزن پاران جلاوطن ڪيو ويو هو.[3]
- 1957ع — بلوچستان ۾ سون جون کاڻيون لڌيون ويون.[3]
- 1964ع — ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو علائقائي تعاون براءِ ترقي طئي ٿيو.[2]
- 1970ع — مصر ۾ يارنهن سالن جي ڪم بعد اسوان ڊيم جو تعمير مڪمل ٿيو.
- 1989ع — سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا. حيدرآباد ۾ 10 ۽ دادو ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو.[3]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «July 21»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
- ↑ 2.0 2.1 "آج کا دن تاریخ میں". اردو ڊاٽ ڪو.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 "تاريخ جي دري کلي ٿي، روزاني ڪاوش، آچر 21 جُولاءِ 2013 صفحو 8". روزاني ڪاوش.