29 جُولاءِ
ڏيک
29 جُولاءِ (انگريزي: July 29)، عيسوي سال جو 210 هون (ليپ سال 211 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 155 ڏينهن (ليپ سال 156 ڏينهن) باقي آهن. [1]
واقعا
[سنواريو]- 1946ع – مسلم ليگ پاران ڪيبنٽ پلان منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.[2]
- 1958ع – آمريڪي صدر آئرن هاور ناسا اسپيس ايڪٽ 1958ع تي صحيحون ڪيون.[2]
- 1962ع – اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، جسٽس محمد اڪرام چيئرمين نامزد ٿيو.[2]
- 1981ع – شهزادي چارلس ليڊي ڊائنا سان شادي ڪئي.[2]
پيدائش
[سنواريو]- 29 جولاءِ 1894ع شاعر هدايت الله نجفي (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
- 29 جولاءِ 1933ع گلوڪاره راڻي گدواڻي (حيدر آباد / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
- 29 جولاءِ 1951ع صحافي حسين بخش چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
- 29 جولاءِ 1959ع باليووڊ اداڪار سنجي دت جو جنم ڏينهن آهي.
- 29 جولاءِ 1961ع شاعر عاشق هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
فوتگيون
[سنواريو]- 29 جولاءِ 1883ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري لاڏاڻو ڪري ويو.
- 29 جولاءِ 1938ع شاعر آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪري ويو.
- 29 جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان ۽ وڪيل چاچو حفيظ قريشي لاڏاڻو ڪري ويو.
- 29 جولاءِ 2005ع راڳي استاد وريل داس (شڪارپور) جي ديهانت ٿي.