گوڙي جو مندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي رڻپٽ ٿر ۾ ويرا واھ کان 14 ميل اتر – اولھ ڏس تي ٿر ۾ گوڙي جو مندر آھي، جنھن جو تعلق جين ڌرم سان آھي. سنڌ جي مسلمان فوجين ھن مندر کي ڪيترا ڀيرا بگاڙي تباھ ڪيو آھي. سندن اصلي مقصد تہ محصول اوڳاڙڻ ھوندو ھو. پر ان بھاني ھو اتان جي ماڻھن سان ھر قسم جو ڏاڍ ڪندا ھئا. ويرا واه جي سوڍن جي پٽيل لاءِ چيو ويندو آھي تہ، ھن بچاءَ جي نقطئہ نظر کان مندر ۾ رکيل بت، جنھن جو نالو گوڙيچو ھو، سو ڪڍرائي پنھنجي نظرداريءَ ۾ رکيو. اھو ياترا ۽ پوڄا لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر بہ ڪڍيو ويندو ھو. ياترا عيوض کيس نقد رقم وغيره ڏني ويندي ھئي. موجوده پٽيل جو ڏاڏو آخري ماڻھو ھو، جنھن ياترا تي ايندڙ ماڻھن کي گوڙيچي جي ياترا ڪرائي ۽ تمام گھڻي دولت ميڙي گڏ ڪئي. ھو مذڪوره پتلي کي لڪائي رکندو ھو. ھن اوچتو وفات ڪئي، تنھن ڪري پنھنجي ڪنھن وارث ۽ جانشين کي ٻڌائي ڪونہ سگھيو، تہ ھن گوڙيچي بت کي ڪھڙيءَ جاءِ تي پوري لڪائي رکيو آھي. وڏي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ بہ اھو بت لڀجي ڪونہ سگھيو آھي. پٽيلن لاءِ گوڙيچو بت ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ھو ۽ وڏا دولتمند ھندو سيٺيون، جيڪي وڏيون رقمون ڏئي، ياترا ڪري آتما جو سنتوش حاصل ڪندا ھئا. سي وڌيڪ پريشان ٿيا، ڇو تہ کين ديوتا جي ڏمر جو ڏاڍو ڀؤ ھو..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو