ويرا واھ
ويراواھ:(انگريزي: Weerawah) هيءُ ننگرپارڪر تعلقي ۾ 31 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 0 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ويري نالي رَٻاريءَ جو ٻڌايل جهونو ڳوٺ آهي. هن جي اڀرندي پاسي ”پاري ننگر“ جو تاريخي ڦٽل بندر آهي، هتي اڳي جيني اوسواڙ رهندا هئا، جن جا مندر ۽ ديوتائن جا پتلا اتي رکيل آهن. ريکو ديو جو بت ڏسڻ جهڙو آهي، جو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي. هن جي ڏکڻ ۾ سانگاهه نالي تلاءُ آهي، جتي برساتي موسم ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو، ۽ آبادي به ٿيندي آهي. هتي پرائمري اسڪول، پوسٽ، ٿاڻو، مسافرخانو ۽ يونين آفيس هن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي[1].ويرا واهه ڳوٺ جي ڀرسان، ”سانگاهه“ نالي، 6 چورس ميل هڪ ڍنڍ آهي، جنهن جي هڪ طرف تي، جين ڌرم وارن جو پٿرائون ڊٺل مندر آهي، جنهن جون ڪيتريون نشانيون اڃا موجود آهن، ۽ ڪي بُتَ به سلامت آهن. انهن کي ”جکن پيرن جا ڏهرا“ ڪري ڪوٺيندا آهن. هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ، ڪا به وَسندي نه رهي آهي. اڄ اهو مندر به برباد ٿي چڪو آهي. اندازو آهي ته اهو مندر، سترهين صدي عيسويءَ جو ٺهرايل آهي. ان مندر جي ڀرسان، هڪ مناري تي ٿَلهو ٺهيل آهي، جتي جين ڌرم وارا پاريهلن کي داڻو ڏيندا آهن.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ ننگر پارڪر جا آثار قديم؛ مير محمد بخش ٽالپر ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو