لوڪ ادب

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

ڪنهن به قوم جي روين کي سمجهڻ لاءِ ان قوم جي ويساهن، عقيدن ۽ طرز زندگي کي سمجهڻ ضروري آهي. ڪلچر جو بنياد به انهن عنصرن تي ٻڌل آهي. ميل جول، لوڪ ڪهاڻيون، راڳ روپ، شعر و شاعري، رسمون رواج ۽ قدر سڀ گڏجي رويا ٺاهن ٿا. ان سان گڏ سماج ۾ ڪي اهڙا ڪردار ۽ شخصيتون به ٿين ٿيون جيڪي پڻ روين تي اثرانداز ٿين ٿيون. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي روين تي به هتان جي لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن جي ڪردارن شاعري ، راڳ ۽ رواج جو اثر نظر اچي ٿو جنهن هيٺ سنڌين جي نفسيات ٺهي آهي. پر اهو به خيال آهي ته لوڪ ادب جي تخليق سماجي روين جي اثر هيٺ ٿي هوندي. ڪنهن ڪنهن تي اثر ڪيو ان بابت مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. ان حوالي سان اچو ته پهريان سنڌ جي لوڪ ادب، ان جي ڪردارن جو سنڌي ماڻهن جي روايت ۽ نفسيات تي اثر جو جائزو وٺون.


لوڪ ادب جاداستان[سنواريو]

1 عمر مارئي جو داستان


هاڻي اچو ته انهن لوڪ داستانن وارن روين ۽ سنڌي ماڻهن جي نفسيات جي ڀيٽ ڪريون. عمر مارئي جي داستادن ۾ وطن سان محبت ۽ بيوسي آهي، جيڪا اڄ پڻ اسان جي روين ۾ واضح نظر اچي ٿي. نفسياتي اثر هيٺ اسين به سنڌ سان وڏي واڪي محبت جا دعويدار آهيون. عام ماڻهو کان ويندي سنڌ جا اهي ڀوتار جيڪي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندا رهن ٿا سي پڻ هوشو وارو نعرو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هڻندي نظر اچن ٿا. پوءِ اهو سندن اندر جو آواز هوندو آهي يا ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اهو نعرو هڻندا آهن. پر ساڳئي ديس جي وجود ۽ وحدت کي بچائڻ لاءِ قومي سطح تي ڪو مزاحمتي ڪردار ادا ڪو نه ٿا ڪن. محبت ڪرڻ وارو ته هر شي قربان ڪندو آهي، هيءَ ڪهڙي محبت آهي جو ديس جي نالي تي ماڻهو ووٽ به ڪو نه ٿا ڏين، ويڙهه ته پري جي ڳالهه آهي. ان عمل مان ته اهو نظر اچي ٿو ته اسان جي نفسيات لوڪ داستان وارن ڪردارن وانگر دانهون ڪرڻ آهي. دانهون ڪوڪون ڪري اسين سمجهون ٿا ته اسان پنهنجو فرض نڀائي ڇڏيو. عمر مارئي جي داستان وانگر محبت جو اظهار مجبوري واريون دانهون ۽ بيوسي جو اظهار پڻ اسان جي روين ۾ آهي. ائين ديس سان محبت جي حوالي سان اسين هن جديد دور جو اهڙو ئي داستان آهيون، جنهن ۾ اسان اڄ جي عمر آڏو بيوس بڻجي مجبوري وارين دانهن ڪرڻ تائين محدود آهيون.


2 سسئي پنهون جو داستان


سسئي پنهون جي قصي وانگر اسين پڻ محرومين جو شڪار ٿي هر ڪنهن کي دشمن سمجهي سڀني کان پري رهڻ واري نفسيات رکون ٿا. پنهنجي محرومين جو سبب ڌارين کي سمجهون ٿا، ان ڪري انهن جي ويجهو وڃڻ نه ٿا چاهيون. سمجهون ٿا سڀ طاقتون ۽ ڪردار اسان جا سڄڻ ڪونهن. اهڙي اثر هيٺ پوءِ اسين ملڻ جلڻ به نالي ماتر رکون ٿا. پاڻ ۾ ملڻ، پنهنجا سور پاڻ ۾ سلڻ جو رواج ۽ رجحان عام آهي. وس ڪئي ٻين سان ميل جول نه رکنداسين. ضروري هوندو ته هڪ حد تائين واسطو رکنداسين. اهڙو رويو ڪٿي واضح طور تي محسوس ٿئي ٿو، ان حوالي سان هڪ سنڌي ڊاڪٽر جو ٻڌايل قصو پڙهندڙن سان ونڊجي ٿو. ان ڊاڪٽر صاحب موجب اسان هڪ ڀيرو هڪ هفتي جي ڪورس لاءِ اسلام آباد ويا هئاسين، چئني صوبن مان ست ست ڊاڪٽر آيا هئا، اسين به سنڌ مان اوتري تعداد ۾ شريڪ ٿياسين. ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ لاهور سان تعلق رکندڙ هڪ ڊاڪٽرياڻي اسان طرف آئي ۽ مخاطب ٿي چوڻ لڳي ته ڊاڪٽر صاحب مون پورو هفتو پئي ڏٺو آهي ته توهان سنڌي ڊاڪٽر پورو وقت پاڻ ۾ ئي ملندا ۽ گفتگو ڪندا رهيا آهيو. انهيءَ دوران ڪنهن ٻئي سان نه تعارف ۾ دلچسپي ورتي اٿو ۽ نه وري ڪنهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿو. آخر ڇو، اسان کيس گول مول جواب ڏئي ٽاري ڇڏيو پر اهو محسوس ضرور ڪيوسين ته واقعي اسان پاڻ تائين محدود رهيا آهيون. اهڙي محدود رهڻ واري معمول سبب اسان نيون ڳالهيون ۽ نوان رجحان دير سان سکون ٿا، جنهن ڪري اسان سماجي ترقي لاءِ تبديلين جي حوالي سان پوئتي آهيون.

سسئي پنهون جي قصي جو ٻيو پهلو سفر آهي جيڪو هو جذبات ۾ اچي ڪري ٿي. ان جذبات ۾ پوءِ هوءَ نه ٿي ڏسي سفر جي ڏکيائي، رستي جو ثمر، نه منزل جي ڄاڻ، عشق ۾ ديوانو ٿي نتيجي تي غور ڪرڻ بنا پيار حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري پوڻ عشق ۾ عجيب ڳالهه ڪونهي پر اهڙن قصن جي نفسياتي اثر هيٺ ڪن وڏن مسئلن تي اسان جا فيصلا اهڙا ئي رهيا آهن. اسان جي وڏن قومي مقصدن لاءِ جدوجهد مان به اهڙي رويي جي جهلڪ ملي ٿي. اهڙن مقصدن ۾ پنهنجي حيثيت، جدوجهد لاءِ گهربل عوامي حمايت، ويڙهه جي قوت ۽ مقصد ماڻڻ يا ناڪامي جي صورت ۾ حالتن تي غور ڪرڻ بدران بنا سوچ جي وڏا نعرا هڻڻ لڳون ٿا، جنهن سان فائدي بدران اڇا وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي. پر ڇا ڪجي اها شايد اسان جي نفسيات بڻجي چڪي آهي. ليلا چنيسر ۾ ليلا واري فيصلي وانگر اسان پڻ عارضي فائدن لاءِ سطح فيصلا ڪندا رهون ٿا. مثال طور ورهاڱي وقت سنڌين جا ڪيل فيصلا ڪنهن به حوالي سان دور انديش ڪو نه هئا. ورهاڱي کان پوءِ وري ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ڀليڪار چئي کين آباد ٿيڻ ۾ پوري مدد ڪئي وئي. نه فقط اهو دور پر اڄ جي دور ۾ اختيار ڪيل پاليسي ڏهاڪن کان پوءِ غلط ثابت ٿئي ٿي. ائين اڪثر فيصلا دور انديشي بنا سطحي ڪندا رهون ٿا.


3 نوري ڄام تماچي جي داستان


نوري ڄام تماچي واري داستان واري نياز نوڙت اڄ به اسان جي سماجي روين ۽ نفسيات جو حصو آهي. نياز نوڙت ۽ هيٺاهين به ايتري جو ڪڏهن ته عجيب پئي لڳندي آهي. مثال طور هڪ ڏوهيڙي جا ٻول آهن ته:

دلبر جي در تي تون ڪتو ٿي ته گذار،

ڪن وڍني پڇ وڍني ته به ڪر ڪتاڻي ڪار،

من چڙهن شڪار، جو ورتيون وڃني پاڻ سان.

لوڪ داستانن ۾ نياز نوڙت سان گڏ سنڌ ۾ رائج مذهبن پڻ سنڌي ماڻهو جي مزاج کي نرم ڪري هيٺاهين پسند ڪري ڇڏيو آهي. هتي ڊگهو عرصو ٻڌ مذهب رائج رهيو آهي، جنهن ۾ نرمي جو درس آهي. اسلام جي اچڻ ۽ ان کان پوءِ به هتان جي مسلمانن جي مزاج تي نرم مزاجي جو اثر رهيو، ان ڪري اسلام رائج ٿيڻ کان پوءِ به هتان جي عوام ۾ روايتي رواجن ۽ روين جو اثر غالب رهيو، ان ڪري مسلمانن ۾ پڻ مذهبي حوالي سان برداشت رهي. صوفي ازم جو به ماڻهن جي مزاج تي گهرو اثر رهيو. هي نظريو هر مذهب ۽ فرقي جي ماڻهن ۾ رابطي جو ذريعو رهيو، جنهن ڪري سڀني ۾ مقبول ٿيو. ايتري مقوليت جو هر سنڌي پنهنجو پاڻ کي صوفي چورائڻ تي فخر ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري سنڌ صوفين جي سر زمين چورائڻ لڳي. هن نظريي ۾ عاجزي ۽ نفس مارڻ جو درس آهي. مثال طور:

هو چوني تون ۾ چئو، واتان ورائي،

اڳ اڳرائي ڪري، خطا سو کائي،

پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينيڪي.

هن نظريي ۾ مغفرت حاصل ڪرڻ لا به عملي جدوجهد ڪرڻ بدران تصور تائين محدود رهڻو آهي. محبوب جڏهن من ۾ موجود آهي ته پوءِ ڪيڏانهن پري وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت ۽ جيڪي صوفي ڪن آستانن ڏانهن ويندا هئا ته به اتي گڏجي ويهڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ لاءِ. نفس کي مارڻ لاءِ نفسياتي خواهشن جي ابتڙ سوچڻ جي ضرورت هئي. ان ڪري نفس جي طلب طعام، ڪپڙي لٽي ۽ مالي ترقي جي صوفي کي ضرورت ئي ڪونهي. خواهش تي ڪنٽرول سبب انهن جي پورائي لاءِ عملي جدوجهد جي اهميت به وٽن نه رهي. سنڌو ماٿري ۾ پيدا ٿيندڙ خوراڪ بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. معاشري ۾ هڪ ٻئي جي مدد جي رواج سبب خوراڪ جي ضرورت لاءِ مٽن مائٽن کان مدد به ملي ويندي هئي. صوفي جنهن جو محنت طرف لاڙو ڪونهي تنهن تان الزام لاهڻ لاءِ شاهه عنايت صوفي جي جدوجهد جو مثال ڏنو وڃي ٿو، پر ڪنهن نظريي بابت راءِ هڪ مثال بدران اڪثريتي رويي جي بنياد تي قائم ٿيندي آهي.


4 ليلا چنيسر واري داستان

ترقي[سنواريو]

هڪ طرف انفرادي معاشي ترقي تي ڌيان گهٽ ته ٻئي طرف نالي ناموس تي پئسي لٽائڻ جو رجحان، ان ڪري سنڌي قوم معاشي طور تي ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي ٿي وڃي، معاشي ترقي جي حوالي سان جديد اقتصاديات جو باني مڃيو ويندڙ آدم سمٿ جو چوڻ آهي ته ” معاشي ترقي جو بنياد انسان جي ذاتي ترقي لاءِ جستجو تي مدار رکي ٿو، جنهن جو نتيجو پوءِ گڏيل قومي معاشي ترقي جي صورت ۾ نڪري ٿو.“

سنڌي معاشري جي ترقي جي سست رفتاري جو وڏو سبب ماڻهن جا رويا آهن، انهن ۾ تبديلي آڻي ترقي جي رفتار تيز ڪري سگهجي ٿي، پر اسان جو پڙهيل ماڻهو ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران انهن کي زندهه رکڻ لاءِ وڪالت ڪندو رهي ٿو. موجوده دور ۾ جڏهن دنيا جارحاڻي انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ته اتي حد کان وڌيڪ مهمان نوازي، صاف دلي ۽ صوفي صفت بڻجي رهڻ سان دنيا کي ڪيئن منهن ڏئي سگهنداسين. اسان صوفي رهندي چي گويرا وارو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، سو ڪيئن ممڪن ٿيندو. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اسان دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ پنهنجي روين تي نظرثاني ڪريون. روين مان اهي سوچون ۽ رواج ۽ روايتون ڪڍي ڇڏيون جيڪي ماضي ۾ کڻي ٺيڪ هيون پر موجوده دور ۾ موزون ڪونهن. پنهنجي ڪلچر جي نالي ۾ غير ضروري سوچن ۽ روايتن کي اڳتي کڻي هلڻ ڪا عقلمندي ڪونهي. ڊارون جي ارتقا جي ٿيوري موجب فقط اهو جاندار ئي زندهه رهي سگهندو جيڪو حالتن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪندو رهندو.