عشق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روميو جوليٽ جو پورٽريٽ

عشق عربي ٻولي ۾ گھري چاهه کي چيو ويندو آهي. اھو محبت جي شدت وارو مقام آهي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ :بيشڪ ته مرد عورت کي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. محبت جيڪا سج ۽ ٻين سيارن جي گردش جو سبب آهي روح کي مرڻ کان اڳ هڪ وقتي اعليٰ سرور سان روشناس ڪرائي ٿي، پرائين ڇو آهي. جيتوڻيڪ شاعري ثابت ڪيو آهي ته محبت هر سيني ۾ سدائين جنم وٺي ٿي پر شاعري اهو ٻڌائي نه سگهي آهي ته محبت جي جواني جو لڪل سرچشمو ڪٿي آهي. آخر نوجوان چيروين اکين تي لهرائيندڙ زلفن کان ڇو ٿو متاثر ٿئي ۽ سندس ٻانهن تي آڱرين جي ڇهاءَ سان ڇرڪي ڇو ٿو پئي. ڇا ان ڪري ته عورت حسين آهي، پر ڇا اهو صحيح نه آهي ته سونهن کي محبت جنم ٿي ڏي، جيئن سونهن محبت کي جنم ٿي ڏي. [1]اوائلي دور جي ماڻهن کي محبت جي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ هنن وٽ محبت لاءِ ڪو لفظ ڪونه هو. هنن جي شادي ٿيندي هئي ته زال سان مڙس جي تعلق جو بنياد رومانس نه پر ٻار پيدا ڪرڻ ۽ وقت تي ماني ملڻ هوندو هو. علم بشر جو عالم لوباڪ ٿو چئي ته (علم بشر جا عالم ڏورانهن هنڌن کان ڏاڍا متاثر ٿيندا آهن) يوروبا ۾ مقامي ماڻهو شاديءَ ۾ لاتعلق رهندا آهن. مرد ائين زال حاصل ڪندو آهي ڄڻ مڪئيءَ جو سنگ پيو لڻي، محبت جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، نٽشي جو خيال هو ته رومانوي محبت ٻهراڙيءَ جي شاعرن جي ايجاد هئي، پر جتي تهذيب وڌي اُتي نسل جي پيدائش روحاني رنگ اختيار ڪيو. يوناني، رومانس مان واقف هئا پر هنن ۾ رومانس هم جنس پرستي وارو هو. الف ليليٰ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته محبت وچين دور جي نغمن کان اڳ وجود ۾ اچي چڪي هئي. پر گرجا، جنسي پاڪيزگيءَ جو احترام سيکاريو ۽ عورت کي سولائيءَ سان هٿ نه اچڻ واري هستي بڻائي هن جي ڪشش کي وڌايو، جنهن محبت جي شاعريءَ کي قوت بخشي. روشفو ٿو چئي ته ”اهڙي محبت جو عاشق سان اهڙو ئي تعلق آهي جهڙو روح جو جسم سان جنهن ۾ هو زندگي پيدا ڪندو آهي“. ڊي فوسي جو چوڻ آهي ته ”سڀ مرد ڪوڙا، غدار، اجايون ڳالهيون ڪرڻ وارا، منافق ۽ تڪبر ڪرڻ وارا هوندا آهن ۽ سڀ عورتون خود پسند، ڏيکاءُ واريون ۽ بي وفا هونديون آهن. پر دنيا ۾ رڳو هڪ شيءِ مقدس آهي ۽ اها آهي انهن اڻ پورين هستين جو ميلاپ“ ۽ نٽشي بُتَ ڀڃڻ کانپوءِ محبت جو هيئن احترام ٿو ڪري: ”مون ان کان وڌيڪ مقدس ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي آهي ته سچي محبت ۾ روح جسم کي ڀاڪر ۾ وٺندو آهي.“[1]ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:ان باغي ڇوڪريءَ کي ياد ڪيو جنهن جو عاشق ڊسمبر 1917ع جي ماسڪو واري بغاوت ۾ مارجي ويو هو، ماڻهو هن جي لاش کي دفن ڪرڻ لڳا ته هوءَ پنهنجي عاشق جي ڪفن کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي ته مون کي به دفن ڪيو، منهنجو جڏهن محبوب مري ويو آهي ته مون کي انقلاب جي ڪا پرواه ڪانهي.“

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو