اپڀرنش
اپڀرنش لفظ جي معنيٰ ڪيترن سالن کان ”بگڙيل زبان“ ڪئي ويندي هئي ۽ خيال هو تہ سنسڪرت ٻوليءَ مان پراڪرت ٻوليون ٺھيون ۽ اهي جڏهن وڌيڪ بگڙيون تہ اپڀرنش سڏيون ويون، جن مان سڀ کان بگڙيل وراچڊ اپڀرنش مان سنڌي ٻولي ۽ ٻيون ڪجهہ ٻوليون اسريون. لسانيات جا ماهر هاڻي اهو نظريو رد ڪري چڪا آهن ۽ سندن خيال آهي تہ ”اپڀرنش“ جو مطلب ”بگڙيل ٻولي“ نہ، پر ”ننڍي ٻولي“ يا لھجو وٺجي. ڊاڪٽر سنيت ڪمار چئٽرجيءَ جو خيال آهي تہ مغربي اپڀرنش برج ڀاشا (هندستانيءَ) کان آڳاٽي زبان آهي، پر ان سان خانداني نسبت رکي ٿي. هن ٻوليءَ جي ڪوتا جا ڪي مثال هيمچندر (10881172ع) جي ڪتاب ”سڌ هيمچندر“ ۾ موجود آهن، جيڪو هن ٻوليءَ کي هڪ مستقل ڀاشا سمجهي ٿو،
- مثال:
- ڀلا هئا جو مارئا، ڀيڻ مھارو ڪنت
- لجينج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر انت.
موجوده دور جا محقق ان خيال جا آهن تہ اپڀرنش انهن علائقائي زبانن جي هڪ ارتقائي منزل جو نالو آهي، جيڪي سنسڪرت نہ، پر آڳاٽين عوامي پراڪرتن يا پروٽو پراڪرتن سان تعلق رکندڙ هيون. انهن مان جيڪا آڳاٽي پروٽو پراڪرت سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ هئي، اها سنسڪرت کان ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻي مختلف هئڻ ڪري، انهن عالمن هر دور ۾ بگڙيل محسوس ٿي ڪئي. جڏهن تہ اها وقت گذرڻ سان تبديل ٿيندي، پنھنجي علائقي جي ٻوليءَ طور اسري، ان کي ”اپڀرنش“ جو نالو ڏنو ويو ٿو ڏسجي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ان کي ناگر يا شورسيني اپڀرنش ٿو سڏي ۽ ائين سنڌيءَ کي هند آريائي ٻولي ٿو ثابت ڪري، جڏهن تہ ڊاڪٽر الانا ۽ سراج سنڌيءَ جي آريائي نسل واري مفروضي کي نه ٿا مڃين ۽ ان کي سنڌ جي ڪنھن آڳاٽيءَ اصلوڪي ٻوليءَ مان نڪتل ٿا ڄاڻائين. ان صورت ۾ جيڪڏهن اپڀرنش ۽ سنڌيءَ ۾ ڪا هڪجھڙائي آهي بہ تہ، ائين چوڻ درست ٿيندو تہ اپڀرنش بہ ان اصلوڪي ٻوليءَ جو ئي ڪو ارتقائي مرحلو (ننڍي ٻولي) آهي، يا لھجو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اپڀرنش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.