محمد خان غني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد خان” غني“ 3 مارچ 1903ع بمطابق 18 ذوالحج 1320 هجري ۾  ٽنڊو محمد خان لڳ ٽکڙ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو قاضي محمد دائود ميمڻ هو . حافظ حاجي حامد سندس ڏاڏو هو .  محمد خان غني جي پيدائش کان اٺ ڏينهن پهرين محمد هاشم ”مخلص“ جو کير پياڪ پُٽ وفات ڪري ويو هو جنهن مخلص جو جيءُ جهوري وڌو، سندس اها حالت ڏسي قاضي محمد دائود پنهنجو اڪيلو پُٽ محمد هاشم ”مخلص“ جي حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ محمد خان غني ، ” مخلص“ جي گهر ۾ نپنو ۽ اها ئي ٿڃ پيتائين جيڪا اٺ ڏينهن اڳ ” مخلص“ جو پُٽ پيئندو هو . اهو ئي سبب هو جو گهڻا ماڻهو محمد خان غني کي ” مخلص“ جو پُٽ سمجهندا هئا. هن شروعاتي تعليم ٽکڙ جي لوڪلبورڊ اسڪول مان حاصل ڪئي. قرآن شريف ۽ پارسي جي ڪجهه تعليم حافط بسمل کان ورتائين . سنڌي فائنل پاس ڪري 1916ع ۾ ماستر مقرر ٿيو ، 1923ع ۾ ماستري جي نوڪري ڇڏي تپيداري پڙهڻ ويٺو ، 1924ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪيائين. 1924ع ۾ محمد هاشم مخلص ميرپورخاص مان ”مسلمان“ اخبار جاري ڪئي ته محمد خان غني تپيداري ملڻ جي آسري تائين ان اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پر پوءِ مسقل طور اخبار جي ڪم سان ئي جنبي ويو ۽ پوءِ ان جو ايڊيٽر پڻ ٿيو . 1931ع ۾ مخلص ،  مسلمان اخبار ۽ هاشمي پرنٽنگ پريس مڪمل طور سندس حوالي ڪري ڇڏي. مسلمان اخبار ۾ ” علامه کڙپي“ جي نالي سان مزاحيه مضمون محمد خان غني جا ئي لکيل هئا، هن 1964ع تائين پريس جي ڪم کي جاري رکيو . سندس نثر بهترين ۽ سادي ٻولي ۾ لکيل هوندو هو. فن ظرافت جو وڏو  ماهر هو . محمد خان غني جو شمار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي باني ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو.1957ع کان 1979ع تائين مسلسل 22 سال هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ هڪ مڃيل شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هن 13 سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي ، شاعري ۾ سندس استاد حافظ بسمل هو. محمد خان غني بهترين شاعر هو ، صاف سنڌي ٻولي ۾ سندس ڪلام ۾ رواني ، سادگي ۽ تجنيس حرفي جو وڏو ذخيرو سمايل آهي. استعارا ۽ تشبيهون سندس ڪلام جي خوبصورتي جو اهم سبب آهن. حافظ حامد جيان ، سنڌ جي نيم تاريخي ۽ رومانوي داستانن ۽ قومي پهلوئن تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي اٿس . خيالن جي اڏام ۽ منظر نگاري  غني جي خصوصيت ۾ شامل آهي . بهترين شاعري تي ڪيترن ئي ادارن ۽ نامور شخصيتن کان لاتعداد ڀيرا انعام پڻ ماڻيائين .  سندس تخليقن ۾ ” مسدس حالي“ جو ترجمو ، ” مثنوي محمد بن قاسم“ ،” گلزار غني“ ، ” مثنوي زهر عشق“ ،  ”بادل ۽ بوندون “ نالي سندس شاعري جو مجموعو شامل آهن . سندس اڻڇپيل شاعري ۽ زندگي جي استعمال واريون شيون سنڌيالاجي حوالي ڪيون ويون جتي سندس نالي سان ڪارنر قائم ٿيل آهي. سنڌي ٻولي جي هن ڀلوڙ شاعر ،اديب ، نامور صحافي ، اسڪرپٽ رائيٽر 1 مارچ 1979ع تي لاڏاڻو ڪيو ، کيس حيدرآباد ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙو جي مزار جي احاطي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.