مومل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مومل
معلومات شخصيت

مومل، ”مومل راڻي“ جي قصي جو مرڪزي عورت ڪردار. هي قصو سومرن جي دَور سان تعلق رکي ٿو. 15 صديءَ جي شروعات ۾ گجر ذات جو راجا نند، ميرپور ماٿيلي تي راڄ ڪندو هو. کيس 9 نياڻيون هيون، انهن ۾ مومل سڀني کان وڌيڪ خوبصورت هئي. جڏهن ته سندس وڏي ڀيڻ سومل سياڻپ ۾ سرس هئي. ڪاڪ محل پڻ مومل جي داستان سان منسوب آهي. مومل جي روپ ۾ شاھ لطيف عورت جي پڇتاءَ کي چٽيو آهي[1]. مومل، سنڌ جي مشهور لوڪ داستان  مومل راڻو (Moomal Raanno) جي ٻن مک ڪردارن مان هڪ آهي.

ترنم عشق[سنواريو]

مومل ۽ مينڌري جي قصي کي ملا مقيم فارسي قالب ۾ آڻي، مٿس ”ترنم عشق“ نالو رکيو. [2]

همير سومرو، راڻو مينڌرو ۽ لڊاڻي جي شهزادي مومل[سنواريو]

اڄ کان اٽڪل پوڻا 7 سئو سال اڳ. 14 هين عيسوي صدي جي وچ ڌاري جي ڄاڻايل هن لوڪ داستان موجب عمرڪوٽ جو بادشاھ همير سومرو (Hameer Soomro) ٻين بادشاهن وانگر شڪار جو وڏو شوقين هو. هڪ ڀيرو شڪار دوران عمرڪوٽ ۽ جيسلمير جي سرحد وٽ پنهنجي هڪ وزير راڻي مهيندري سوڌو شڪار ڪري رهيو هو ته اتي جهنگ ۾ کين هڪ نوجوان تمام بري حالت ۾ مليو. هنن ان نوجوان کي جهنگ ۾ اهڙي حالت ۾ ڏسي حال احوال پڇيا ته هن ٻڌايو ته “آئون ڪشمير جي رياست جو شھزادو آھيان. مومل نالي لڊاڻي جي ڀاٽي راجپوت شھزاديء کي ماڻڻ لاءَ هتي آيو هئس پر ان شھزاديءَ کي ماڻڻ لاءَ جيڪي طلسماتي شرط رکيل هئا اهي پورا ڪري نه سگهيو آھيان ۽ ان مهم جوئي ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سڀ ڪجھ ان شهزادي جي محل ۾ لُٽائي رڳو پنهنجي جان بچائي سگهيو آھيان“ مومل جي سونهن، سندس ڀينر سومل جي ذھانت ۽ ناتر جيڪا ڪجھ روايتن موجب سندس داسي (ٻانهي) هئي. جي چالاڪين، سندس محل جي ٽڪساٽن جي ملڪان ملڪ هاڪ هئي ۽ مومل کي ماڻڻ لاءَ اهي سموريون رڪاوٽون ڪاميابي سان پار ڪرڻ لازمي هيون. ان مهم جُوئي ۾ ان ڪشميري شھزادي سميت مومل کي ماڻڻ ۾ ڪيترا ئي خواهشمند شھزادا اڳ ئي ڏاڍي ڪِني نموني ناڪام ٿي چڪا هئا. ڪشميري شهزادي کقن سندس ناڪامي جو قصو ٻڌڻ کانپوءَ عمرڪوٽ جي سوڍي راجپوت وزير راڻي مينڌري (Raannay Maindhray) پاران محل جا سمورا ٽڪساٽ. مومل جي ناتر ۽ ٻين نرتڪين جا ترڪتال پار ڪري مومل جهڙي حسين راجڪماريءَ جا سڀ ماڻا سهندي کيس ماڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن بعد سندن وچ ۾ ميل ملاقاتون جاري رهيون ان ۾ هڪ موڙ تڏھن اچي ٿو جڏھن عمرڪوٽ جي بادشاھ همير سومري جي دل ۾ پنهنجي رياست جي وزير ۽ سندس دوست راڻي مينڌري جي مومل جهڙي وقت جي حسين ترين شھزادي سان هلندڙ معاشقي بابت حسد پئدا ٿئي ٿو ۽ بادشاھ پنهنجي هڪ شاهي حڪم ذريعي کيس عمرڪوٽ کان جيسلمير ويجهو لُڊاڻو نالي ان شھر ۾ وڃي مومل سان ملڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي ٿو. جڏھن ته مومل سان ملڻ کانسواءَ رهي نه سگهندڙ راڻو مهيندرو ان شاهي حڪم کي ٿڏي ساڳئي ريت وري به مومل سان ملڻ وڃي ٿو. اتان واپسي تي حڪم عدولي جي سزا طور همير سومري پاران کيس سوگهو ڪري جيل ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن کانپوءَ کيس بنا ڪنهن شرط جي کيس آزاد ڪري ڇڏي ٿو. مهيندري جي عمرڪوٽ جي جيل ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين قيد رهڻ دوران مومل پنهنجي محل ۾ راڻي مهيندري لاءَ واجهائيندي رهي ٿي ۽ وڇوڙي جي اهڙي ڪيفيت ۾ سندس کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ حرام ٿي وڃي ٿي سندس اهڙي حالت ڏسي سندس ڀيڻ سومل. راڻي مهيندري جهڙو مرداڻو ويس پائي رات جو ساڻس گڏ سمهندي آھي ته جيئن مومل کي ننڊ اچي سگهي. ان دوران جيل مان آزاد ٿيڻ ۽ مومل سان ملڻ تي بادشاھ همير سومري پاران مڙھيل پابندي هٽائڻ بعد راڻو مهيندرو هڪ رات اوچتو مومل جي محل ۾ پهتو ته مومل سان مرداڻي ويس ۾ سندس ڀيڻ سومل کي ستل ڏسي هڪدم شڪجي پيو ۽ ستل شخص جي تسلي سان سڃاڻپ ڪرڻ بدران کيس مومل ماڻڻ جو هڪ خواهشمند سيتل راءَ نالي ڀاٽي راجپوت سمجهيائين ۽ پنهنجو لڪڻ نشاني طور اتي رکي ٻنهي کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي ڪاوڙجي واپس عمرڪوٽ ڏانهن روانو ٿي ويو. جنهن بعد مومل ڪيترين ئي ڪوششن باوجود راڻي کي ريجهائي نه سگهي.

هن لوڪ داستان تي ٻنهي ملڪن ۾ ڊاڪومينٽريز فلمون ۽ ڪيترائي ڊراما به ٺھيل آھن. ڀٽائي جي هن سر مومل راڻي کي استاد جمن محمد يوسف عابده پروين وحيد علي ۽ ٻين به ڪيترن ئي فنڪارن ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳايو آھي پر پنهنجي وقت جي مشھور لوڪ فنڪار جلال چانڊئي پاران ڳايل راڻو ٻڌندڙن پاران سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو آھي.[3]

مومل ۽ راڻي جي حوالي سان هي ڏندڪٿا پڻ موجود آهي[سنواريو]

ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾، نند نالي هڪ راجا رهندو هو. هن وٽ سوئر جو هڪ عجيب ڏند هو، جنهن ۾ اها خاصيت هوندي هئي ته جيڪڏهن ان کي پاڻيءَ جي ويجهو آڻبو هو ته پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندو هو. راجا نند ان ڏند کي پنهنجي خزاني جي بچاءَ لاءِ ڪم آڻيندو هو. هو اهو ڏند سنڌونديءَ تي کڻي ويندو هو ۽ ڏند سميت جڏهن پاڻيءَ ۾ گهڙندو هو ته نديءَ جو پاڻي خشڪ ٿي ويندو هو. اهڙيءَ ريت جڏهن به راجا نند کي پئسي جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن ڏند کڻي، سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ويندو هو ۽ انهيءَ کي پنهنجي طلسمي ڏند سان سُڪائي، پوءِ جيڪي به خزانا هن کي درڪار هوندا هئا، سي کڻي گهر موٽندو هو. وري جڏهن ڏند سميت درياءَ مان نڪري ڪناري تي ايندو هو ته ساڳي ندي اڳئين وانگر وهڻ لڳندي هئي.

هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو هڪ نجوميءَ کي رمل ۽ نجوم جي علم وسيلي انهيءَ سوئر جي ڏند جي خبر پئجي ويئي. هو انهيءَ لالچ ۾ اچي ويو ته ڪهڙيءَ طرح سان به اهو جادوءَ وارو ڏند ضرور هٿ ڪجي. انهيءَ نيت سان هو هڪ ڏينهن راجا نند جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي محلات ۾ ويو. راجا نند کي 9 (نَوَ) ڌيون هيون، جن مان مومل بيحد سهڻي هئي ۽ سومل سڀني ۾ سياڻي، محلات جي ويجهو پهچي، نجومي مڪر ڪري، زور سان وٺي دانهون ڪوڪون شروع ڪيون، جو هن جي شور تي راجڪماريون محلات مان نڪري آيون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه وري اهڙي جو سومل، جا هوند انهيءَ نجومي جو مکر سمجهي وڃي ها، سا راجا نند سان ٻاهر ويل هئي. سو مومل نجوميءَ کي گهرائي هن جي تڪليف جو سبب دريافت ڪيو. نجومي چيو ته ”آءُ هڪ نهايت خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان، جيڪڏهن مون کي سوئر جو ڏند ملي وڃي ته هوند هن آزار مان ڇٽي پوان.“ مومل کي ياد گيري پئي ته بابا وٽ هڪ سوئر جو ڏند رکيل آهي، پر ان ڏند جي ڪرامت جي خبر ڪانه هيس، سو پيءُ جي ڪمري مان اهو ڏند کڻي انهيءَ اجنبيءَ کي ڏنائين. نجومي ڏند وٺڻ سان هڪدم پاڻ کي انهيءَ مکريلي بيماريءَ مان ڪيقدر چاڪ ظاهر ڪرڻ لڳو، ۽ پوءِ سنڌونديءَ جي ڪناري تي، جتي راجا نند پنهنجو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ رکايو هو، اتي پهچي، خزانو ڪڍي، ڪنهن دور دراز شهر ۾ وڃي آرام ۽ مزي سان زندگي بسر ڪرڻ لڳو.

جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ سومل سان گڏ موٽي آيو ۽ خبر پيس ته مومل سوئر جو ڏند ڪنهن بيمار فقير کي ڏئي ڇڏيو آهي، تڏهن اهڙي ته ڪاوڙ آيس جو جيڪر مومل کي هڪ ئي ڌڪ سان ماري پورو ڪري ڇڏي ها، مگر مومل سياڻيءَ هن جي دل کي ٺاريو ۽ چيائين ته مون وٽ هڪ طريقو آهي، جنهن سان مومل ايڏو وڏو خزانو حاصل ڪري سگهي ٿي، جهڙو هن فقير دولاب ڪري چورايو آهي. پوءِ ٻئي ڏينهن مومل کي ساڻ وٺي پري ڪنهن هنڌ، سنڌ کان ٻاهر، ”پاٽ“ يا بيابان ڏانهن وئي ۽ اُتي پنهنجي جادوءَ جي زور تي هڪ سهڻو محلات اڏايائين، جنهن جي چوڌاري ميوي ۽ خوشبوءِ وارن گلن سان هڪ باغيچو کڙو ڪيائين. باغ جي ساموهن هڪ آل بازار ٺهرايائين ، جنهن جي چوڌاري ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڪو وڏو ڳاڙهو درياءَ ٿو وهي، جنهن کي ” ڪاڪ“ جو نالو ڏنائين. آل بازار جي منهن وٽ هڪ سرنگهه رکيائين، جنهن جي اندر مومل پنهنجي جادوءَ جي زور تي خوفناڪ جانور کڙا ڪرايائين، جن مان گجگوڙون ۽ خوفناڪ آواز پنهنجو پاڻ پئي نڪتا، طلسمي محلات جي هر هڪ ڪنڊ تي زنجيرن سان ٻڌل شينهن بيهاريا هئائين ته جيڪڏهن ڪو به محلات اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري، ته ان کي ڊيڄاري واپس موٽائي ڇڏين. جڏهن مومل اهو سارو مانڊاڻ تيار ڪرايو، تڏهن مومل ۽ سندس ٻانهين کي گهرايائين ته اچي انهيءَ محلات ۾ رهن ۽ اعلان ڪن ته مومل انهيءَ سان شادي ڪندي، جيڪو پهرين سرنگهه مان خطرناڪ رستو پار ڪري، سندس ڪمري ۾ پهچندو.

مومل جي حسن جي هاڪ سببان ڪيترا شهزادا ۽ امير ديسان ديس ڪهي، خزانا ۽ نوڪر ساڻ ڪري، وڏي آس ۽ اُميد سان اُسهيا ته وڃي ٿا انهيءَ سهڻي راجڪماريءَ کي هٿ ڪريون. پر جيئن ئي اُهي عاشق ٻاهرئين دروازي تي آيا ٿي ته مومل پنهنجيون ٻانهيون کين آدر ڀاءُ ڪرڻ ۽ دعوت ڏيڻ لاءِ ٿي موڪليون. اُهي عاشق، انهن ٻانهين جي پٺيان اُنهيءَ سرنگهه ۾ گهڙي اچي آل بازار ۾ پهتا ٿي، جتي ڪاڪ ندي کين گهلي وڃي اوجهڙ ۾ ٿي رسايو ۽ پوءِ اُتان نڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿيو ٿي ويا. آخر اهي عاشق اتي ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويندا هئا ۽ مومل جون ٻانهيون سندن مال خزانا ۽ جسم جا ڪپڙا به کانئن ڦري وٺنديون هيون.

تن ڏينهن عمرڪوٽ ۾ همير بادشاهه راڄ ڪندو هو، جو سومري خاندان جو راجپوت هو. هن کي ٽي وزير هئا، جيڪي هڪٻئي سان ڏاڍا قرب ۾ ٻڌل هئا ۽ بادشاهه سان تمام گهڻو پيار هوندو هون. بادشاهه جو به ساڻن ايترو قرب هوندو هو، جو شڪار تي يا جنگ تي هنن کان سواءِ نه ويندو هو. گهڻو ڪري دنار، شينرو ۽ راڻو، ٽنهي مان ڪونه ڪو ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. چارئي همراهه جهڙاشڪل شبيهه ۾ سهڻا هئا، تهڙا وري سورهيه هئا، پر راڻو سڀني کان وڌيڪ ٺاهوڪو جوڌو جوان هو.هڪ ڏينهن بادشاهه ۽ سندس وزير شڪار تي نڪتا. جيئن هو هڪڙي ڳوٺ جي ويجهو پهتا، تيئن هنن هڪ فقير کي رستي جي ڀرسان بيٺل ڏٺو. هن جي شڪل ۽ صورت مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته هو ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ ڄاول ۽ نپنل هو، مگر انهيءَ وقت ڦاٽل اڳڙيون پيل هيس. غربت ۽ مسڪينيءَ کان ڏاڍو مايوس ۽ منجهيل پئي لڳو. پهريائين ته چارئي جوان فقير جي حالت تي کلڻ لڳا، پر پوءِ اڳتي وڌي هن کان پڇيائون ته” تون ڪير آهين ۽ ڪٿان کان آيو آهين؟ تون ته ڪنهن وڏي خاندان جو اولاد ٿو ڏسڻ ۾ اچين. اسان هن کان اڳ تو جهڙو ڏکي حال ۾ ڪو به ڪونه ڏٺو آهي.“ فقير نِوڙت سان وراڻي ڏني ”بادشاهه سلامت! آءُ به ڪنهن وقت توهان جي انهن ٽنهي اميرن وانگر شاهوڪار ۽ سکيو ستابو هوس. مون وٽ به گهوڙا، زمينون ۽ گهڻي ئي خدمتگار هئا، پر هڪ ڏينهن مون مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ۽ وڏا انبار سون جا ساڻ ڪري، ساٿي وٺي هن جي ٻانهن هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتس، مگر مومل ۽ سندس ٻانهين منهنجا ماڻهو ماري ۽ مون کي ڦري، هن حال ۾ فقير ڪري ڇڏيائون ته هينئر آءُ پيرين پيادو ، دربدر ۽ خاڪ بسر رلندو ٿو وتان ته جيئن ڪنهن طرح موٽي پنهنجي وطن پهچان.“

بادشاهه پڇيس ته ”مومل ڪير آهي؟“ سيلاني فقير سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايس. حقيقت ٻُڌڻ کان پوءِ بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن پڪو پهه ڪيو ته هو به مومل کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پوءِ توڙي اُن جي محلات جو ڏس پڇيائون ۽ ڳچ ڏينهن جي سفر کان پوءِ هن جي باغ جي ٻاهرئين دروازي تي اچي پهتا. ان وقت اونده، ٿي ويئي هئي، تنهنڪري اتي ئي ديرو دمائي رات جا چار پهر گذاريائون. ٻئي ڏينهن صبح جو مومل جي هڪ ٻانهي دستور موجب کين کيڪارڻ لاءِ آئي. هن جو نالو ناتر هو ۽ هوءَ اهڙي ته سهڻي هئي جو هنن چئني ائين سمجهيو ته شايد اهائي مومل آهي. پر ناتر کلي چين ته” مان مومل نه آهيان، هن کي ڏسڻ لاءِ توهان کي هن باغ مان لنگهي محلات ۾ پهچڻو پوندو. ڪنهن به غير مرد نه ڏٺي آهي. مومل مون کي موڪليو آهي ته مان توهان جي آڌرڀاءَ ڪريان ۽ هي خونچو کاڌي جو اوهان لاءِ موڪليو اٿس.“ پوءِ هن خونچو لاهي هيٺ پٽ تي رکيو ۽ جيئن هنن جوانن اهو مزيدار کاڌو پئي کاڌو، تيئن مومل جي سونهن جي وڌيڪ ساراهه پئي ڪيائون، ايتري قدر جو هو سڀيئي هن جي عشق ۾ ايترو ته ديوانا بنجي ويا جو خود ٻانهي مٿن چٿرون ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: ”توهان ڪير آهيو جو مومل سان پنهنجي محبت جي هام هڻي سگهو؟ جيڪو سورهيه مومل کي هٿ ڪندو، انهيءَ جو منهن مهانڊوئي نرالي قسم جو هوندو. توهان لاءِ بهتر آهي ته موٽي پنهنجي ڳوٺ وڃو، جي نه ته توهان هن سرنگهه ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ويندا، يا بک ۽ اُڃ وگهي هن جي وروڪڙ واريءَ واٽ ۾ منهنجي ختم ٿي ويندا.“ اهڙيءَ طرح، ناتر هنن جي همت ۽ شوق کي ايترو ته ڀڙڪايو جو هنن سڀني هڪل ڪري چيو ته ”اسين نڪي سرنگهه کان ٿا ڊڄو، نڪي اوجهڙ کان، اسين تيستائين مومل جو درنه ڇڏينداسين، جيستائين مومل کي هٿ نه ڪنداسين.“ انهيءَ تي ٻانهيءَ جواب ۾ کين منجهيل پَٽَ جو هڪ منجهيل ڍيرو اُڇلائي ڏنو ۽ چيو ته هن کي ويهي کوليو ۽ پنهنجي ڪاريگريءَ کي آزمايو ۽ ان کان پوءِ سامهون آلَ بازار مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪريو.“ همير هڪدم اهو پَٽَ جو ڦورو کنيو، پر هو سلجهائي نه سگهيو، ان کان پوءِ دنار ۽ پوءِ شينري پَٽ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سندن سموري ڪوشش اجائي ويئي، آخر ۾ڪڪ ٿي اهو ڦورو هنن ”راڻي“ کي ڏنو، جنهن جي چالاڪ آڱرين جلد ڳنڍين کي سلجهائي، پٽ جي ڍيري مان مڻکيارو ٺاهي ، پنهنجي گهوڙي جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو.

ٻانهيءَ راڻي جي حرفت کي ڏسي ڏانهس وڏي عجب مان نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي سانئڻ ڏانهن ويئي ۽ وڃي چيائينس ته ”چار سهڻا جوان توکي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن، پر هڪڙو راڻي نالي سان، سڀني کان سونهن ۽ عقل ۾ سرس آهي، بلڪ ائين چئجي ته جيڪي به عاشق هيل تائين تنهنجي محلات جي در تي آيا آهن، انهن سڀني کان مٿانهون آهي. سانئن! منهنجي صلاح آهي ته تون انهيءَ سان هڪدم شادي ڪر ۽ هن جوڌي جوان کي ٻين وانگر نه مارائجانءِ.“ اها ڳالهه ٻڌي مومل کي في الحال ته راڻي ته رحم آيو، پر پوءِ وري به پنهنجي دستوري فريب تي ڪاربند رهندي جواب ڏنائين ته: ”جيڪڏهن سچ پچ، جيئن تون چوين ٿي، هو اهڙو ئي عقلمند آهي ته ڀل مون کي پنهنجي همٿ سان هٿ ڪري. جيڪڏهن ان ۾ ناڪامياب ويو ته عقلمند نه آهي، پر بيوقوف آهي ۽ پوءِ مان هن جي ڌن دولت کي پنهنجي پيءُ جي خزاني ۾ ملائي ڇڏيندس.“

انهيءَ کان پوءِ مومل وڌيڪ لذيذ طعام تيار ڪرايا (سٿ رڇيون ٺهرايون) ۽ انهيءَ ۾ قاتل زهر وجهائي ڇڏيائين. اهو کاڌو ٻانهيءَ کي ڏنائين ته وڃي بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن کي ڏي. ٻانهيءَ حڪم جي تعميل ڪئي. پوءِ ٻانهي کاڌي جا ٿانو هنن جي اڳيان رکي، پنهنجي هٿن سان هنن کي وڌيندي ڏيندي وئي ۽ چوندي پئي وئي ته اهي طعام سانئڻ پنهنجي هٿن سان توهان لاءِ تيار ڪيا آهن، انهيءَ خيال کان ته اوهان پَٽ سُلجهائڻ ۾ ٿڪجي چُور ٿي پيا هوندا.“بادشاهه، شينرو ۽ دُنار وزير جيڪر اهو کاڌو کائي بي موت مري وڃن ها، مگر راڻي کاڌي مان هڪ گرنهه ڪتي کي اُڇلائي ڏنو. ڪتو گرنهه کائڻ سان، زمين تي ڦٿڪي ڪري پيو ۽ ايذاءَ کان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو. همير سخت ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو ۽ وزيرن کي چيائين ته ”هلو ته موٽي پنهنجي گهر هلون ۽ هن خونڻ کي اتي ئي ڇڏي ڏيو.“ راڻي وراڻي ڏني ته ”موٽي وڃڻ گيدين جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي همت ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي مدد سان اسين هن فريبڻ کي هٿ ڪنداسون.“

انهيءَ وچ ۾ ناتر محلات ڏانهن موٽي وئي ۽ مومل کي وڃي ٻڌايائين ته راڻي ڪيئن پنهنجي ساٿي کي زهر کان بچائي ورتو. ناتر وري به پنهنجي سانئڻ کي ليلايو ته راڻي کي جيئدان ڏي. مگر مومل هن کي ڇنڀيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مان هن کي ڇڏي ڏيندس ته سڀيئي مون تي کلندا. هاڻي وڃ ۽ هنن جوانن کي هڪ هڪ ڪري سڏي اچ ته منهنجي محلات ۾ پهچڻ جي سوڀ کٽن ۽ جڏهن آل بزار ۾ گهڙندا، تڏهن کين ساري سڌ پئجي ويندي. ناتر کي جيئن ئي سندس سانئڻ چيو، هن ائين ڪيو. پوءِ همير بادشاهه وٽ وڃي عرض ڪيائين ته توهان مون سان گڏ هلو. مومل توهان جي طلب ٿي ڪري ته توهان کيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان هن جي ڪمري تائين پهچي ويا ته پوءِ هوءَ ساري ڄمار توهان جي آهي.

همير اها ڳالهه ٻڌي ٽپ ڏيئي ناتر جي پويان سرنگهه ۾ هليو، جتي اونده ۾ هوءَ کانئس کسڪي وئي ۽ بادشاهه اڪيلو رهجي ويو. سومل جي جادوءَ جي رٿيل رمزن اهڙيون ته گجگوڙون ۽ رانڀاٽ لائي ڏنا، ڄڻ ته وحشي جانورن سڄيءَ فضا تي حملو ڪرائي ڏنو هجي. بادشاهه ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو، پر پوءِ هن جلد هوش سنڀالي ورتو ۽ سرت ۾ آيو. آخر ڪڪ ٿي اڳتي وڌڻ جي پچر ڇڏي پٺتي موٽڻ جي ڪيائين، جتي سندس ساٿي انتظار ۾ ويٺا هئا. اتي پهچي دوستن کي غار جي هيبتناڪ منظر ۽ خوفناڪ آوازن جو سربستو احوال ڏنائين ۽ چيائين ته هاڻي اسان کي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. هلو ته موٽي عمر ڪوٽ هلون“. انهيءَ تي راڻي ورندي ڏني ته” بادشاهه سلامت! توهان ڪوشش ڪئي، پر توهان ڪامياب ڪونه ٿيا، انهيءَ ڪري توهان کي ڪير به مهڻو نه ڏيندو. پر جيڪڏهن اسين بنا آزمائش جي موٽي عمر ڪوٽ هلنداسون ته اسان تي چٿرون ۽ کلون ٿينديون. ڇڏيو ته اسين به ڪوشش ڪري ڏسون، پوءِ جي هارايوسين ته گڏجي موٽي هلنداسون.“

اوڏيءَ مهل ناتر خيمي ۾ گهڙي آئي ۽ ٺٺولي واري مُرڪ سان چوڻ لڳي ته” بادشاهه سلامت! توهان ته مومل جي باغيچي ۾ ترسيا ڪين، اهي حال اٿو ته ڪيئن مومل ماڻي سگهندا؟ هاڻي اوهان جي وزيرن مان ڪهڙو ٿو مومل کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلي؟“

اها ٽوڪ ٻڌي، دنار ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ گهڙيو. اڃا ٻه چار قدم اڳتي مس هليو ته هوءَ کسڪي وئي ۽ دنار جي چوطرف سومل جي رٿيل ٽڪساٽ جي ڌمچر کيس لرزائي وڌو. هو دل جهلي ڪين سگهيو ۽ گهوڙي جي واڳ ڦيرائيندي ڌوڪيندو اچي دوستن جي ديري تي پهتو ۽ ساٿين کي ساري ماجرا اچي ٻڌايائين.

ڪجھ منٽن کان پوءِ ناتر وري باغ مان نڪري آئي ۽ گهنڊ پائي چوڻ لڳي ته” بادشاهه سلامت! تنهنجي وزير ته تو جيتري به سٽ ڪانه جهلي! اهڙيءَ ڪمزور دل وارا مومل جي ماڻڻ جي ڇالاءِ ٿا سڌون ڪن؟“

اهو ٻڌي، شينرو اُٿيو ۽ زره پائي پنهنجي ڀلي گهوڙي تي سوار ٿي، ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ هليو. مگر هن پڻ دل ڪانه جهلي ۽ گهوڙي کي پٺتي ورائي اوجهڙ ۾ گهڙڻ کان اڳ ئي موٽي اچي ماڳ پهتو. آخر ۾ راڻو پنهنجي قسمت آزمائيءَ لاءِ اُٿيو ۽ ٻين سڀني هن کي روڪيو، مگر هن ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي. ايتري ۾ ناتر به خيمي ۾ موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي ته” اوهان کي مومل جي باغيچي ۾ وٺي هلڻ وقت جو زيان آهي. توهان سڀ بزدل آهيو! ٿوري ئي آواز تي ڊڄي سهي وانگر وٺي ٿا ڀڄو. اهڙا ڪانئر ڪڏهن به مومل جو منهن پسي نه سگهندا“.

راڻو پنهنجي زرهه پائي، صمند گهوڙي تي سوار ٿي، ڌڻيءَ کان دعا گهرندو، ناتر جي پويان سرنگهه ۾ گهڙيو. ٻه- چار قدم هلي راڻي هن کي چوٽيءَ کان جهلي ورتو ته جيئن هوءَ ڇڏائي نه وڃي. نهايت قابو ڪري جهليائينس. انهيءَ مهل چوڌاري مومل جي جادوءَ جي مانڊاڻ خوفناڪ آواز ۽ گجگوڙون شروع ڪيون. انهيءَ سببان راڻي جي ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداهه ٿي ويو. چالاڪ ۽ دغاباز ٻانهي جڏهن ڏٺو ته هاڻي راڻي کان پاڻ نه ٿي ڇڏائي سگهان، تڏهن ڇا ڪيائين جو راڻي کي هڪ تلاءَ جي ڪپ تي گهلي وئي، جتي راڻي کي وٺي ڌڪو ڏنائين. راڻو گهوڙي سوڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو ۽ ڪرڻ سان چئوطرف اوندهه ٿي وئي. انهيءَ اوندهه ۾ راڻي کي ٻانهيءَ جي حقارت ڀري کل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

قسمت جي ڪايا وري هئي جو راڻو گهوڙي هيٺان اچڻ ۽ ضرب رسڻ کان بچي ويو. وڏيءَ تڪليف سان رڙهندو ٻاهر نڪتو ۽ سرنگهه مان لنگهي اچي اوجهڙ ۾ پهتو. راڻواڃان ور وڪڙن ۾ ئي ڦاٿل هو ته ڪاڪ نديءَ جي پاڻيءَ وٺي اُٿل ڪيس . پاڻيءَ جي وهڪري کي آزمائڻ لاءِ راڻي هڪ سوپاري اُڇلائي، جا ترڻ بدران نديءَ جي سطح تي بيهيرهي. راڻي انهيءَ مان سمجهيو ته اها ندي هڪ طلسم آهي ۽ سامهون جيڪا زمين پئي ڏسجي، سا انهيءَ ويران بيبان جو ئي ٽڪر آهي. سو انهيءَ تان هلي وڃي نديءَ جي ڪناري تي پهتو ۽ جرئت سان انهيءَ ۾ قدم رکيائين. ندي هڪدم غائب ٿي وئي ۽ راڻو پنڌ ڪندو وڃي مومل جي محلات کي ويجهو ٿيو. محلات جي اڱڻ ۾ شينهن ڇُ ماري پيو هو، ڄڻ ته هن جوان تي حملو ڪرڻ وارو هو، پر مومل مٿان دريءَ مان رڙيون ڪري هن کي ڇنڀيو. ان هوندي به راڻو تلوار ڪڍي ڌوڪيندو، شينهن کي لتاڙيندو، محلات جي در مان نڪري ويو، جتان ماڙيءَ تي چڙهي، انهيءَ ڪمري ۾ ويو، جتي مومل ويٺي هئي. راڻو ڌوڪيندو سڌوهن جي ڪمري ۾ وڃي گهڙيو. مومل ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس ۽ چيائينس ته ”اي بهادر راڻا، تو مون کي وڏيءَ بهادريءَ سان جيتيو آهي. آءُ اڄ کان تنهنجي آهيان ۽ مون کي قبول ڪر.“

پرھ ڦُٽيءَ ويل راڻي مومل کان موڪلايو. پهريائين ته مومل هن جي وٽانئس وڃڻ جي ڳالهه ئي ٻڌڻ ڪانه ٿي گهري، پر پوءِ راڻي وڃڻ ڏنس ته هڪ رات موٽي وٽس ايندو، تڏهن گهڻي روڄ راڙي کان پوءِ پنهنجي عاشق کي موڪل ڏنائين. راڻو زرهه پائي، صمند گهوڙي تي چڙهي، اوجهڙ مان لنگهي، سرنگهه پار ڪري، ٻن وزيرن وڏي خوشيءَ مان هن جي کيڪار ڪئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي پڪ ٿي وئي هئي ته راڻو ضرور انهيءَ سرنگهه ۾ ختم ٿي ويو هوندو ۽ هو راڻي کي مئو سهائي ويٺا هئا. سڀئي هن کان پڇڻ لڳا ته ”تون ڪٿي هئين؟ تون ايترو وقت ڇو ترسي پئين؟ توکي انهيءَ طلسمي محلات جي واٽ هٿ آئي ڇا؟“

راڻي کي بادشاھ جي حسد جو ڊپ ٿيو، انهيءَ ڪري مايوسيءَ واري انداز ۾ جواب ڏنائين ته مون به هارايو ساري رات انهيءَ نڀاڳي سرنگهه ۾ رلندو رهيس ۽ اجهو هينئر جان بچائي اوهان سان اچي مليو آهيان. شينرو ۽ دُنار هن تي ويساهجي ويا، مگر بادشاهه هن جي ڳالهه تي شڪيو ۽ سمجهائين ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ ته هن جي حالت اهڙي ڪانه هئي، جهڙي شڪست کاڌل ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. آخر بادشاهه پنهنجي ٽنهي وزيرن کي چيو ته ”اسان سڀني بي همت ٿي هاريوآهي ۽ هاڻي اسان کي عمر ڪوٽ هلڻ گهرجي، پر انهيءَ ماجرا جي ڪنهن سان به ٻڙڪ ڪڍڻ نه گهرجي، ورنه اسان جي خواريءَ جو ڍنڍورو ساري ديس ۾ شروع ٿي ويندو.“

بادشاھ ۽ سندس ٽئي ساٿي وزير گهوڙن تي سوار ٿي عمر ڪوٽ روانا ٿيا. همير جي دل ۾ راڻي لاءِ بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي. شينرو ۽ دنار پنهنجيءَ هار تي تمام گهڻو پريشان هئا ۽ راڻو بادشاهه جي غصي جي غضب کان ڪافي ڊنو ٿي.

عمر ڪوٽ ۾ پهچڻ تي راڻي کي پنهنجي وچن جي يادگيري پئي، جيڪو هو مومل سان ڪري آيو هو. پوءِ ته روزانو رات جو راڻو پنهنجي هڪ تيزرفتار ڏاچيءَ تي سوار ٿيندو هو، جا کيس ڪلاڪ ٻن ۾ عمر ڪوٽ کان مومل جي محلات ۾ آڻي پهچائيندي هئي، ۽ پرهه ڦٽڻ کان اڳ مومل کان موڪلائي، سج نڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر پهچي ويندو هو. اهڙيءَ طرح راڻو مومل وٽ ايندو ويندو هو. ٻئي طرف بادشاهه جو ڏمر ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. نيٺ هن راڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽سوچڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت راڻي کي تباهه ۽ برباد ڪجي.

نيٺ هڪ ڏينهن راڻي، بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪئي ۽ اهو قبول ڪيائين ته مون اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ پوءِ بادشاهه کي رحم جي درخواست ڪيائين. همير پڇيس ته جيڪي توسان ٿي گذريو، اهو سڀ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي معاف ڪري ڇڏيندس. راڻي بادشاهه کي اها ساري حقيقت ٻڌائي ته ڪيئن هو سرنگهه ۽ آل بازار مان لنگهي طلسمي نديءَ مان پار اُڪري، تلوار هٿ ۾ کڻي، مومل جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، ۽ پوءِ مومل جي حسن جي ساراهه اهڙن زوردار لفظن ۾ ڪيائين جو همير کي مومل جي ديدار جو شوق اڳي کان به وڌي ويو ۽ راڻي کي سختيءَ سان چيائين ته ” مان رڳو هڪ واريءَ مومل کي ڏسان، پوءِ آءُ توتي اڳئين وانگر مهربان رهندس.“راڻي ٿوري دير ويچار ڪري، ورندي ڏني ته ” جيڪڏهن توهان بادشاهه جي حيثيت ۾ هلندا ته هوءَ توهان سان شايد ڪانه ملڻ چاهيندي، پر جيڪڏهن توهان ڌنار جي ويس ۾ هلندا ته هن کي شڪ ڪونه پوندو ۽ اهڙيءَ طرح مومل کي چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندو.“

آخر همير راڻي جي صلاح سان ڌنار جو ويس پائي، بوڇڻ مٿي تي ويڙهي، لٺ هٿ ۾ کڻي، تيزرفتار اٺ تي راڻي سان سوار ٿي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ مومل جي باغيچي جي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي پهتا. راڻو اٺ جي واڳ وٺي سرنگهه ۽ آل بازار سان لنگهي، ندي پار ڪري اچي مومل جي اڱڻ تي پهتو. همير به ساڻ هوس، هن اٺ کي اڱڻ تي جهڪايو ۽ اٺ جي مهار همير کي ڏيئي پاڻ محلات ۾ گهڙي، مٿينءَ ماڙي تي مومل جي ڪمري ۾ لنگهي ويو. مومل پڇيس ته” اهو نئون ماڻهو توسان ڪير آهي؟“ جواب ڏنائيس ته ”اسان جو ڌنار آهي.“ تنهن تي مومل وراڻي ڏنس ته ” ڌنار جو ٻار ۽ رنگ جو اهڙو ڀورو؟“ راڻي وراڻي ڏني ته ”ٻانهيءَ جو پٽ آهي ۽ اسان جي گهر ۾ نپنو آهي.“ انهيءَ تي مومل کي شڪ پيو ته هي ماڻهو ڌنار ناهي، سو انهيءَ آزمائش لاءِ پنهنجي هڪ مينهن گهرائي، راڻي کي چيائين ته ”ڌنار کي چئو ته هيءَ مينهن ڏُهي وٺي.“ ائين چئي راڻو ۽ پاڻ گڏجي محلات ۾ وڃي آرامي ٿيا.

هوڏانهن همير مينهن کي ته جيئن تيئن ڪري ڏُهي ورتو، مگر هن جي جسم ۾ اچي خارش ٿي ۽ زور سان کير ڏُهڻ سبب سندس هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هو مومل جي حسن ۽ راڻي جي خوشنصيبيءَ تي سوچيندي پنهنجي اندر ۾ کامڻ لڳو ۽ راڻي کي نقصان رسائڻ جا پهه پچائڻ لڳو. هينئر هن کي مومل جي محلات ۾ هڪ منٽ به وڌيڪ ترسڻ نٿي وڻيو. راڻي هن جي حسد ۽ بيقراريءَ کي تاڙي ورتو ۽ مومل کان موڪلائي اڱڻ ۾ وڃي بادشاهه کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مگر بادشاهه جي ڪروڌ جي باهه تنهان ئي تيز ٿيندي ويئي. آخر راڻو بيوس بنجي همير سان گڏ موٽي عمر ڪوٽ آيو.

عمر ڪوٽ پهچڻ شرط همير، راڻي کي کڻي قيد ۾ وجهايو، جتي ست راتيون ۽ ست ڏينهن هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند رهيو. اٺين ڏينهن راڻي جي ڀيڻ، جا همير جي سڀني راڻين ۾ حسين هئي، مڙس کي ڀاءُ جي رهائيءَ لاءِ ليلايو. پهريائين ته همير نهڪار ڪئي، پر پوءِ چيائين ته ”سڀاڻي مان راڻي کي هڪ پرولي ڏيندس، جيڪڏهن اها ڀڳائين ته” آءُ کيس آزاد ڪندس، پر جيڪڏهن ٻڌائي نه سگهيو ته ڦاسيءَ تي لٽڪائيندو سانڌ راڻي جي ڀيٽ پنهنجي مڙس کي انهيءَ خيال تان لاهڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر همير پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ٻئي ڏينهن راڻو، صبح جو، زنجيرن ۾ جڪڙيل شاهي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاهه هن ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ نفرت سان نهاريندي چيو ته ”مون کي توکان هڪ پرولي پڇشي آهي جيڪڏهن تو سلي ته پوءِ تون آزاد آهين، پر جيڪڏهن تو نه ڀڳي ته توکي اڄ جو اڄ موت جي سزا ڏبي.“ راڻي هٿ ٻڌي، وراڻيو ته” جيڪا بادشاهه سلامت جي مرضي.“ ان کان پوءِ همير وراڻيو ته” اجها هيءَ پرولي آهي:“

”ريشمي ساڙهيءَ ۾ ايڏو انگ ڪيئن آيو؟“

راڻي جي ڏاهپ کي مومل جي معاملي ۾ اڳي ئي آزمايو ويو هو، سو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ جواب ڏنائين: ”همير پنهنجي راڻيءَ سان، جنهن کي تازو ننڍڙو ٻار ڄاول هو، ناز نخرا پئي ڪيا ته ايتري ۾ سندس ٻار کير لاءِ رُنو، جنهن تي راڻي ٽپ ڏئي اُٿي ته ساڙهي ڦاٽي پيس.“

همير کي پنهنجي وزير جي حاضر جوابيءَ تي حيراني ٿي ۽ هڪدم هن جي آزاديءَ جو حڪم ڏنائين. ايتري قدر جو سڀڪجهه موٽائي ڏنائينس ۽ سندس پراڻا القاب به عطا ڪيائينس. ان کان پوءِ راڻو هر رات، اڳي وانگر، پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي، مومل جي ملاقات لاءِ ويندو هو.

آخرڪار راڻي جي زال ۽ سندس پيءُ ڪبير کي راڻي جي روزانو گم ٿيڻ تي شڪ جاڳيو. راڻي جي گهر واريءَ کي پنهنجي مڙس جي ڪپڙن تي ڳاڙهي دَزَ ۽ عمر ڪوٽ جي اڇي مٽي نظر آئي، ۽ ساڳئي وقت مومل ۽ راڻي جي عشق جا قصا ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙبا ڪبير جي ڪَنَ تي اچي پيا. هن کي عجب لڳو ته ڪيئن راڻو راتورات مومل وٽ وڃي ۽ موٽي سگهي ٿو، ڇو ته فاصلو تمام گهڻو هو. گهڻيءَ جاچ کان پوءِ کيس هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ جي خبر پيئي، جنهن کي هن هٿ ڪري، ڪُهرائي ڦٽو ڪيو، ۽ هاڻ پڪ ٿيس ته راڻو، مومل وٽ پهچي ڪونه سگهندو. انهيءَ رات راڻي پنهنجي ڏاچيءَ جي ڳولا ڪئي، پر هن کي هٿ نه آئي ۽ نڪي هن کي جت مليا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪبير ڏاچيءَ کي ڪُهرائڻ لاءِ آتاولو هو، تڏهن هو خوف سببان ڀڄي نڪتا هئا. آخرڪار هن کي ٻوڙو جَت مليو، جو پٺتي رهجي ويو هو. راڻي هن کان نهايت ئي رازدارانه نموني پڇا ڪئي ته” منهنجي ڏاچي ڪٿي آهي؟“ ٻوڙي جت جواب ڏنو ”تنهنجي پيءُ ڪهرائي ڇڏي، پر انهيءَ جو هڪ توڏو آهي، جو توکي اهڙيءَ ئي تيزيءَ سان پهچائيندو.“ ائين چوندي هن کي اُٺن جي جهوڪ تي وٺي آيو، ۽ اهو توڏو، واڻي جي حوالي ڪيائين، ۽ پوءِ راڻي جي لانگ ورائڻ جي دير هئي. ان پنهنجي ماءُ کان به تيز رفتاريءَ سان راڻي کي مومل جي محلات ۾ آڻي رسايو.

ان رات راڻو پنهنجي دستور خلاف مومل وٽ ساري رات ڪين ترسيو، پر صبح کان اڳ گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا صاف ڪري اچي زال وٽ حاضر ٿيو ته جيئن هن کي شڪ نه پوي. راڻي کي صبح جو گهر ۾ ڏسي جوڻس ۽ سندس پيءُ سمجهيو ته راڻو هاڻي مومل وٽ ڪونه ٿو وڃي.

بدقسمتيءَ سان مومل ۽ راڻي جي محبت جو قصو مومل جي ماءُ جي ڪَنن تائين پهتو ۽ مومل جي ڀيڻ سومل کي به اها خبر پئجي ويئي. ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي بدناموسيءَ جو گهڻو ارمان ٿيو، مگر سومل کي پنهنجيءَ ڀيڻ مومل جو راڻي سان عشق ۾ آڙجڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار (شهزادن کي ڦاسائڻ ۽ دولت حاصل ڪرڻ) کي ترڪ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيو . هن سوچيو ته هاڻي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائو نه ڪري سگهبو. آخر مومل جي محلات ۾ ويئي ۽ هن کي مڪريلي نموني جو پيار ڏيکاري ساڻس گڏ سمهي پئي، رات جو جڏهن مومل کي ننڊ کڻي ويئي، تڏهن سومل پلنگ تان اُٿي، مرداڻه ڪپڙا پهري وري اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي.

هوڏانهن راڻو پنهنجي تيز اُٺ تي اونداهي رات ۾ پنهنجي محبوب ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هن کان رستو وڃائجي ويو. اوچتو هڪ اوٺيءَ تي نظر پوندي کانئس مومل جي محلات جو ڏس پڇيائين. حقيقت هيءَ هئي ته اُهو اوٺي خود سومل جو موڪليل هو ۽ راڻي جو انتظار ڪري رهيو هو. هو چوڻ لڳو ”اُها مومل، جا راجا نند جي ڌيءَ آهي ۽ سيتل جي ساهيڙي آهي؟“ ائين چوندي، راڻي کي رستو ڏيکاريائين. راڻي اِهي لفظ هڪ ڪَن کان ٻُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته کيس مومل جي محبت ۽ وفاداريءَ تي يقين هو. راڻو محلات ۾ پهچي ويو ۽ ماڙيءَ تي چڙهي، مومل جي ڪمري جي در کوليائين. ڇا ڏسي ته هن جي ڀر ۾ هڪ مرد سُتو پيو آهي. اوڏيءَ مهل واٽ تي گڏجندڙ اوٺيءَ واري ڳالهه ذهن تي تري آيس.

راڻي کي اول ته اهڙو جوش آيو، جو چاهيائين ته تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ٻنهي کي اُتي جو اتي چورو ڪري ڇڏي، پر پوءِ جڏهن مومل جي من موهيندڙ پيشانيءَ تي نظر پيس، تڏهن ٿڌو ٿي ويو. هن پنهنجي اُٺ کي هڪلڻ وارو لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکيو ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي، اُٺ تي سوار ٿي عمر ڪوٽ واپس پهتو. صبح جو مومل جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجي پاسي ۾ راڻي جو لڪڻ پيل ڏٺائين. ٻاهر نڪري ڏٺائين ته اُٺ جي اچڻ ۽ وڃڻ جا پيرا به موجود هئا. سمجهي وئي ته راڻو رات آيو هو ۽ مومل کي منهنجي پاسي ۾ ستل ڏسي، بيوفا سمجهي موٽي هليو ويو. سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مومل هن ڏانهن ليلائي نياپو ڏياري موڪليو ته ”ڀلائي ڪري موٽي مون وٽ آءُ. تو جنهن ماڻهوءَ کي مون سان گڏ ستل ڏٺو هو، اُهو ڪو مرد ڪونه هو، پر منهنجي ڀيڻ سومل هئي،“ راڻي انهيءَ قاصد هٿان جواب موڪليو ته : ”مون جيڪي اکين سان ڏٺو، تنهن تي ڪيئن نه ويساهه ڪريان؟ ڪا به عورت مرد جا ڪپڙا پائي ڪانه سمهندي آهي.“ انهيءَ جواب کان پوءِ مومل هڪٻئي پٺيان ڪيئي قاصد موڪليا ته راڻي سان ملي کيس اصلي حقيقت کان آگاهه ڪريان، مگر راڻي کي ويساهه نه آيو، سو نه آيو. آخر راڻي قاصد هٿان اهو جواب ڏياري موڪليو ته ” مومل کي وڃي چئو ته مان توکي هرگز معاف نه ڪندس، توڙي کڻي تون منهنجي در تي ڪيترو به ليلائي اچي معافي گهرين.“جڏهن قاصد اهو نياپو مومل کي اچي ڏنو، تڏهن ٻڌڻ شرط مومل جي دل کي سخت صدمو رسيو، پر پوءِ همت ڪري، مرداڻا گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در سئن هڻندي اچي عمر ڪوٽ پهتي. انهيءَ ئي ڏينهن پتا پار پڇي اچي راڻي جي دروازي تي سئن هنيائين. هڪ درد يلي آواز واري سئن ٻڌي، راڻو ٻاهر نڪتو. فقير کي مرداڻا ڪپڙا ڏسي سڃاڻي ڪونه سگهيو، پر هن جي موهيندڙ مهانڊي تي موهت ٿي پڇيائين ته” فقير! توهان ڪٿان آيا آهيو؟ ڪڏهن کان سنياسيءَ ٿيا آهيو؟ اصل کان انهيءَ حالت ۾ هئا يا دنيا کان بيزار ٿي ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءَ روپ ورتو اٿو؟“ سنياسيءَ جواب ڏنو ته” ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءَ روپ ڪين ورتو اٿم، پر دُکي سنسار جا ئي ڪرشما آهن، جنهن هيءَ ماڳ ڏيکاريو آهي.“ راڻو هن جي جواب کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ نهايت دل جي محبت سان چيائين ته ”سيلاني، ٻه چار ڏينهن اسان کي پنهنجيءَ خدمت جو جيڪر موقعو ڏين ته تنهنجا وڏا لائق ٿيندا.“ مومل ته پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ کان اهوئي سوال ٿي گهريو، سو سواءِ ڪنهن رد ڪد جي هڪدم ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين.

ٻن چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن راڻي سنياسيءَ کي ڍاري راند جي آڇ ڪئي ۽ کانئس راند جي هارجيت جا شرط پڇيائينس . سنياسيءَ وراڻي ڏني ته: ” جيڪڏهن مون کٽيو ته مان توهان وٽ هميشه لاءِ ترسي پوندس، پر جي هاريم ته سڀاڻي هتان هليو ويندس.“ راڻي کلندي جواب ڏنو ته: ”جيئن توهان جي مرضي.“ ائين چئي ٻئي ڄڻا راند تي ويهي رهيا. راڻو پنهنجو وارو هليو ۽ جيئن ئي مومل جو وارو آيو ۽ ڍاري کڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تيئن هن جي ٻانهن اگهاڙي ٿي پيئي ۽ بدقسمتيءَ سان ٻانهن وارو تر، جو راڻي جو ڏٺو هو، ظاهر ٿي پيو. اتي کڙو ٿيو. مومل ڄاڻي ويئي ته راز ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته مومل راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ آزين ۽ نيزارين ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر راڻي جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

مومل دل لاهي شهر کان ٻاهر نڪتي، هن سوچيو ته هاڻ هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. اهو فيصلو ڪري هڪ چکيا تيار ڪرايائين. اها خبر راڻي جي ڪنن تائين وڃي پهتي ته هڪ سَتي پاڻ کي شهر کان ٻاهر چکيا تي چاڙهي رهي آهي. هن کي يقين ٿيو ته شايد اها مومل هجي، جنهن نااميد ٿي، اهو قدم محبت جي ناڪاميءَ سببان کنيو آهي. اهو سوچي هن کي سخت ارمان ٿيو ۽ بي اختيار ٿي دانهن ڪري چيائين ته: ”او مومل! مون توکي معاف ڪيو، آءُ غلطيءَ تي هوس. مان تنهنجي محبت کي سچو سمجهان ٿو.“ پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. محبت پنهنجي آخري انجام جو فيصلو ڪري چڪي هئي. مومل وراڻيو: ”تنهنجي انهيءَ اقرار کان پوءِ مون لاءِ هاڻي وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي، هن هڪدم پنهنجو پاڻ مچ ۾ اڇلي وڌو. باهه جو وڏو ڀنڀٽ آسمان کي ڇهي رهيو هو. مومل جو هيءُ انجام ڏسندي، راڻي جو هوش حواس گم ٿي ويو. هن بي اختيار بنجي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپ ڏنو. اهڙيءَ ريت هي ٻيئي عاشق ۽ معشوق، محبت جي آخري امتحان ۾ پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، سدائين لاءِ اَمر ٿي ويا.[حوالو گھربل]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. مومل ۽ مينڌرو | Indus Asia Online Blog
  3. هاڪڙي جي ڪنڌي، همير سومرو، راڻو مينڌرو ۽ لڊاڻيءَ جي شهزادي، ليکڪ؛ نور محمد سمون، روزآني ڪاوش، دنيا ميگزين، 24 سيپٽمبر، 2017