مارئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مارئي (Marui) عمر-مارئي جي مرڪزي عورت ڪردار. شاھ جي سورمي، جنهن کي شاھ عورت جي عظمت، وطن جي حب ۽ قومپرستيءَ جي لاءِ تمثيلي طور بيان ڪيو آهي. مارئي ٿر جي غريب نينگري هئي، جنهن کي عمر (حڪمران) زوريءَ کڻي ويو ۽ لالچون ڏئي شادي ڪرڻ پئي چاهي. پر هن جي انڪار کيس امر ڪري ڇڏيو. شاھ لطيف ڪلاسيڪي شاعرن مارئيءَ جي حب الوطنيءَ واري داستان کي ڳائي کيس حب الوطنيءَ جي علامت بنائي ڇڏيو آهي. هي قصو سومرن جي دور سان منسوب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.