مواد ڏانھن هلو

لاھور

بيھڪ: 31°32′59″N 74°20′37″E / 31.54972°N 74.34361°E / 31.54972; 74.34361
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لاہور کان چوريل)

لاھور
لہور
لاہور
ميٽروپولس
مٿان ساڄي پاسي کان: لاھور جو قلعو، شاليمار باغ، لاھور جو عجائب گھر، بادشاھي مسجد، قائد اعظم لائبريري، مينار پاڪستان .
لاھور is located in Punjab, Pakistan
لاھور
لاھور
لاھور is located in Pakistan
لاھور
لاھور
لاھور is located in Asia
لاھور
لاھور
پاڪستان جي پنجاب ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°32′59″N 74°20′37″E / 31.54972°N 74.34361°E / 31.54972; 74.34361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان پنجاب
ضلعو لاھور
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 2013
نالو پيو Lava[1]
شھري ڪائونسل پاڪستان
شھر 10
حڪومت
 • ميئر مبشر جاويد
 • ڊپٽي ميئر لاھور جا 9 زونل ميئر
پکيڙ[2]
 • ڪل 550 ڪ.م2 (210 ميل2)
بلندي 217 ميل (712 ft)
آبادي (2017ع)[3]
 • ڪل 11,126,285


لاھور (انگريزي: Lahore ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۽ پکيڙ ۾ ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو شهر آهي. آبادي م دنيا جو 26ھون وڏو شھر آھي[7]. پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو مالدار شھر آھي. ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي جو تخمينو 2019 ۾ 84 ارب ڊالر ھيو[8][9] ھي شھر پنجاب جو تاريخي ثقافتي مرڪز آهي[10][11][12][13] ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ معاشرتي اعتدال پسندي[14] ترقي پسند خيالن وارو[15] ڪاسموپوليٽن شھر آھي[16] ھي شھر پاڪستان جي دل سڏبو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشھور چوڻي ھئي تہ: جنھن لاھور نہ ڏٺو آھي اھو پيدا ئي نه ٿيو آھي. ون يونٽ واري دؤر (1956ع کان 1970ع تائين) ۾ ھي شھر مغربي پاڪستان جو گادي جو ھنڌ رھيو.

لاهور جي شاهي قلعي جو عالمگيري دروازو

لاھور جو پاڪستاني ثقافتي تي ڳوڙهو اثر رھيو آھي[10]. اھو پاڪستان جي اشاعتي صنعت ۽ ادب ۽ تعليم جو مرڪز رھيو آھي[17] ھتي پاڪستان جون ھراول درسگاهون واقع آهن[18] ھي شھر پاڪستان جي فلمي صنعت جو پڻ مرڪز آھي جنھن کي لاليووڊ پڻ لاھور جي نسبت سان سڏيو ويندو آهي. شھر پاڪستان ۾ قوالي جو پڻ مرڪز آھي[19] شھر پاڪستان م سياحت جي صنعت جو پڻ اھم مرڪز آھي[19][20] اتي لاھور جو ڪوٽ وارو حصو، مشھور بادشاھي مسجد، وزير خان مسجد، سکن جون مختلف زيارتن واريون جڳھون، صوفي اوليائن جون درگاهون، شاھي قلعو، شاليمار باغ نہ رڳو سياحن جي توجھ وٽان آھن پر انھن مان اڪثر يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن.[20]

نالو

[سنواريو]

لاھور جي نالي جي ابتدا ڪيئن ٿي اھو اڃان تائين واضع ٿي نہ سگھيو آهي. مسلمانن اتي آمد بعد ان شھر کي لھوار، لھار ۽ رھوار سڏيو[21] البيروني پنھنجي يارھين صدي واري ھڪ لکڻي ۾ ھن شھر لاء لھاوار نالو استعمال ڪيو[21]. امير خسرو ان شھر لاءِ لھانور لفظ استعمال ڪيو[22] ياقوت الھماوي پنھنجي لکڻي ۾ ھن شھر جو نالو لَوھُور ۽ لھاور لکيو[23] راجپوتن جي ذريعن ھن شھر جو نالو لاوڪوٽ استعمال ڪيو.[22] ھڪ خيال مطابق لاھور لفظ رواور لفظ جي ھڪ بگڙيل صورت آهي ڇوته سنسڪرت جي نالن مان اکر ر جي ل ۾ بگاڙ عام ھئي[24] ويدن ۾ راوي ندي لاءِ اراوتي ندي جو لفظ ڪتب آيل آھي جيڪو لڳي ٿوته اڳتي ھلي ارياتياور طور اچارجڻ لڳو[24][25] ھڪ ٻئي خيال مطابق اھو لفظ لوھار مان نڪتل آهي[26]. ھندن جي رامائڻ جي داستاني روايت ۾ لاوا واري شھر جو ذڪر ٿيل آهي ۽ خيال آهي ته لاھور اصل ۾ لاوپور يا لاواپوري لفظ مان نڪتل آهي[27][28][29] رامائڻ مطابق لاوا شھر جو بنياد شھزادَي لاوا رکيو ھو[30] جيڪو سيتا مان رام جو پٽ ھيو. قصور شھر لاء پڻ ساڳي روايت بيان ڪئي وڃي ٿي (جيڪو دراصل مغلن جي دور ۾ افغانين اڏايو ھيو)[31] ته ان لاوا جي جاڙي ڀاء ڪشا جو نالو قصور شھر تي پيو جيڪو بگڙي قصور ٿيو[32]

تاريخ

[سنواريو]
لاھور واري قلعي لڳ لاوا مندر جيڪو سکن جي دور سان تعلق رکندڙ آهي[33] ۽ ھندو ديوتا لاوا لاء ارپيل آھي

ھندو روايتن مطابق سورياونسي گھراڻي جو باني ڪينيڪسين ھن شھر مان لڏي آيل ھيو[34] لاھور جو آڳاٽي دور وارو رڪارڊ ڪانہ ٿو ملي سڪندراعظم جي مؤرخن سندس 326ق م ۾ ھتي حملي ڪرڻ واري دور ۾ ھن شھر جي ھجڻ جو ڪوبه ذڪر نہ ڪيو آهي جنھن مان لڳي ٿو ته اھو يا تہ اڃان قائم نہ ٿيو ھو يا وري غيرمعروف ھيو.[35] ٽالمي پنھنجي نقشن واري گزيٽيئر جاگرافيا ۾ چناب ۽ راوي لڳ لابوڪلا شھر ھجڻ جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو شايد قديم لاھور يا موجوده لاھور واري جاء تي اڳوڻو شھر ھجي[36] چيني سياح ژوئانژينگ 630ع ۾ ھن علائقي جي سفر دوران ھڪ شاداب شھر جو نالي کان سواءِ ذڪر ڪيو آهي جيڪو شايد لاھور ھجي[37] لاھور جي نالي جي ذڪر وارو سڀ کان پھريون مسودو حدود العالم آھي جيڪو 982ع جو لکيل آهي[38] جنھن ۾ لاھور جو متاثر ڪندڙ مندرن، وڏين بازارن ۽ وڏن باغن واري شھر طور تذڪرو ٿيل آھي[39][40] آنندپال واري ھندو شاھي (ڪابل شاھي) ايمپائر واري دور م لاھور پنجاب جي گادي ھيو. آنندپال گادي کي وائھند مان اتي منتقل ڪيو ھو[41] ان کان بعد محمود غزنوي جي ڪاھن جي ڪري گادي لاھور مان سيالڪوٽ منتقل ڪئي وئي[37].

غزنوي دور

[سنواريو]
يارھين صدي عيسويءَ واري غزنوي دور ۾ لاھور ۾ رھندڙ بزرگ علي ھجويري المعروف داتا گنج بخش جي مزار

افغاني سلطان محمود غزنوي حملو ڪري ھن شھر واري علائقي تي قبضو ڪري غزنوين جي راڄ جي شروعات ڪئي ۽ شھر انھن جي ايمپائر جي ٻيون نمبر گادي بڻجي ويو[37] 1021ع ۾ سلطان محمود غزنوي پنھجي مشھور غلام ملڪ اياز کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو. 1034ع ۾ ملتان جي باغي گورنر نيئالتگين لاھور تي قبضو ڪيو. 1036 ۾ ملڪ اياز سندس فوج کي شھر مان تڙي ڪڍيو[42] پر شھر تباھ ٿي چڪو ھو ۽ ان جو حفاظتي ڪوٽ حملي ۾ ڊھي چڪو ھو. سلطان ابراهيم غزنوي جي مدد سان اياز شھر جي نئين سر تعمير ڪئي ۽ کيس ٻيھر آباد ڪيو. 1037 کان 1040ع تائين ملڪ اياز شھر کي ڪوٽ ڏياري وري قلعي ۾ تبديل ڪيو[43]. اياز جي گورنري دوران 1043 کان 1044ع تائين وري ھي شھر ھندو شھزادن جي ڪنفيڊريشن طرفان محاصري ھيٺ رھيو[37] ملڪ اياز جي دؤر ۾ شھر ثقافتي ۽ تعليمي مرڪز بڻجي ويو ۽ شاعري جي ڪري شھر جو چرچو رھيو[44][45]. 1152ع ۾ خسرو شاھ جي دؤر ۾ لاھور کي باقاعده اوڀر واري غزنوي ايمپائر جو گادي وارو شھر بڻايو ويو[46][47]. 1163ع ۾ غزني شھر کسجي وڃڻ بعد ھي شھر پوري غزنوي ايمپائر جو اڪيلو گادي وارو شهر بڻجي ويو[48] غزنوي دور وارو سڄو شھر موجوده لاھور جي شاھ عالمي بازار جي اولھ واري ۽ ڀٽي گيٽ جي اتر واري علائقن تي مشتمل ھيو[46].

مملوڪن وارو دؤر

[سنواريو]

1187ع ۾ غورين لاھور تي قبضو ڪيو[37] جنھن سان غزنوين جي ھن شھر تان حڪومت ختم ٿي. 1206ع ۾ سلطان معزالدين محمد غوري جي قتل بعد لاھور ھندوستان واري مملوڪ گھراڻي جي سلطنت جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو. مملوڪ يا غلام گھراڻي جي سلطان قطب الدين ايبڪ لاھور شھر ۾ ترڪستان، عظيم خراسان، فارس ۽ دجلا۽ فرات واري وادين جي شاعرن ۽ عالمن ھن شھر جو رخ ڪيو. ان دور ۾ فارسي ٻولي وارا شاعر فارس ۽ خراسان جي شھرن کان بہ وڌيڪ تعداد ۾ لاھور شھر ۾ ھيا[49][50]. قطب الدين ايبڪ جي وفات بعد غوري ڪارندن جي پاڻ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد 1217ع ۾ مختصر وقت ملتان جي گورنر ناصر الدين قباچه اتي قبضو ڪيو پر پوء دھلي جي مملوڪ سلطان التمش قبضو واپس ورتو [37] چنگيز خان جڏھن موجوده ازبڪستان ۾ خوارزم تي چڙھائي ڪئي تي اتان جو حاڪم جلال الدين منڪبرني اتان ڀڄي پنجاب آيو ۽ 1223ع ۾ مقامي کوکرن جي مدد سان لاھور تي قبضو ڪيو[37]. 1228ع م التمش جي فوج کانئس قبضو واپس کسيو تہ جلال الدين اتان نڪري اچ تي قبضو ڪيو[37]. منگولن جي حملن جي خدشن سبب گادي کي مملوڪ سلطانن دھلي منتقل ڪيو جيڪا انھن حملن کان محفوظ جاء ھئي.[51]. باوجود ان جي لاھور ننڍي کنڊ ۾ اسلامي ثقافت جو وڏو مرڪز رھيو[51]. دھلي ۾ التمش جي وارثن جي حڪومت دوران لاھور واري گورنري دھلي جي اثر م گھٽ رھي[37] ڪبير خان اياز جي دؤر ۾ لاھور لڳ ڀڳ خودمختيار علائقو ھيو[37] 1241ع ۾ منگولن ھن شھر تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي ۽ شھر کي تباھ ڪري ڇڏيو[52] منگولن پنھنجي ھڪ سردار تغرل جي حاڪميت ۾ شھر تي ڪجهه سال قبضو برقرار رکيو[53] [51]. 1266ع ۾ غياث الدين بلبن شھر کي ٻيھر فتح ڪيو. 1287 م منگولن وري تيمور خان جي حاڪميت ۾ اتر پنجاب تي قبضو ڪيو اھڙي طرح لاھور ھڪ سرحدي علائقو بڻجي ويو[51] ۽ منگولن جي حملن ڪري لاھور جي علائقي جو انتظامي مرڪز ديپالپور کي بڻايو ويو[37] 1305ع م منگولن وري لاھور تي حملو ڪيو[54]

حوالا

[سنواريو]
  1. Masudul Hasan (1978). Guide to Lahore. Ferozsons. 
  2. "Punjab Portal". Government of Punjab. وقت 25 June 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 July 2014. 
  3. "POPULATION OF MAJOR CITIES CENSUS – 2017 [PDF]" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل August 30, 2017. 
  4. "Lahore Fact Sheet". Lloyd's. حاصل ڪيل 19 August 2016. 
  5. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  6. "National Dialing Codes". Pakistan Telecommunication Company Limited. حاصل ڪيل 28 August 2014. 
  7. "Pakistan: Provinces and Major Cities - Population Statistics, Maps, Charts, Weather and Web Information". citypopulation.de. 
  8. https://www.thebusinessyear.com/pakistan-top-4-four-economic-centers-cities-in-2020/focus
  9. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2022-01-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-07-26 
  10. 10.0 10.1 Lahore Cantonment, globalsecurity.org
  11. "Internet Archive Wayback Machine". وقت 29 December 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 September 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  12. Shelley, Fred (16 December 2014). The World's Population: An Encyclopedia of Critical Issues, Crises, and Ever-Growing Countries. ABC-CLIO. p. 356. ISBN 978-1-61069-506-0. "Lahore is the historic center of the Punjab region of the northwestern portion of the Indian subcontinent" 
  13. Usha Masson Luther (1990). Historical Routes of North West Indian Subcontinent, Lahore to Delhi, 1550s–1850s A.D.: Network Analysis Through DCNC-micro Methodology. Sagar Publications. https://books.google.com/books?id=pQAsAAAAIAAJ. 
  14. Diminishing Conflicts in Asia and the Pacific: Why Some Subside and Others Don't. Routledge. 2013. ISBN 978-0-415-67031-9. https://books.google.com/books?id=aKb9cFFu1xAC&pg=PA209. Retrieved 8 April 2017. ""Lahore, perhaps Pakistan's most liberal city..."" 
  15. Craig, Tim (9 May 2015). "The Taliban once ruled Pakistan's Swat Valley. Now peace has returned.". The Washington Post. ISSN 0190-8286. https://www.washingtonpost.com/world/the-taliban-once-ruled-pakistans-swat-valley-now-peace-has-returned/2015/05/08/6bb8ac96-eeaa-11e4-8050-839e9234b303_story.html. ""We now want to dress like the people of Punjab," said Abid Ibrahim, 19, referring to the eastern province that includes Lahore, often referred to as Pakistan's most progressive city." 
  16. "Lahore attack: Pakistan PM Sharif demands swift action on terror". BBC. 28 March 2016. https://www.bbc.com/news/world-asia-35910124. "Lahore is one of Pakistan's most liberal and wealthy cities. It is Mr Sharif's political powerbase and has seen relatively few terror attacks in recent years." 
  17. "Leading News Resource of Pakistan". Daily Times. وقت 12 February 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 September 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. Zaidi, S. Akbar. "Lahore's domination". Dawn. Pakistan. حاصل ڪيل 16 June 2016. 
  19. 19.0 19.1 Windsor, Antonia (22 November 2006). "Out of the rubble". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/travel/2006/oct/17/pakistan?page=all. 
  20. 20.0 20.1 Planet, Lonely. "Lahore, Pakistan – Lonely Planet". Lonely Planet. حاصل ڪيل 16 June 2016. 
  21. 21.0 21.1 Latif, Syad Muhammad (1892). Lahore: Its History, Architectural Remains and Antiquities: With an Account of Its Modern Institutions, Inhabitants, Their Trade, Customs, &c. Printed at the New Imperial Press. https://books.google.com/books?id=RWsTAAAAQAAJ&pg=PA5. 
  22. 22.0 22.1 Suvorova, Anna (22 July 2004). Muslim Saints of South Asia: The Eleventh to Fifteenth Centuries. Routledge. ISBN 1134370059. https://books.google.com/books?id=cI1_AgAAQBAJ&pg=PT241. 
  23. al-Hamawi, Yaqut. "Mu'jam al-Buldan". arabiclexicon.hawramani.com/. حاصل ڪيل 14 March 2020. لَوْهُور: بفتح أوله، وسكون ثانيه، والهاء، وآخره راء، والمشهور من اسم هذا البلد لهاور: وهي مدينة عظيمة مشهورة في بلاد الهند. 
  24. 24.0 24.1 Journal of Central Asia. Centre for the Study of the Civilizations of Central Asia, Quaid-i-Azam University. 1978. https://books.google.com/books?id=8sdgrE8pn-cC&q=iravatyawar. 
  25. Boltz, William G.; Shapiro, Michael C. (1 January 1991). Studies in the Historical Phonology of Asian Languages. John Benjamins Publishing. ISBN 9027235740. https://books.google.com/books?id=j-hJB2279EAC&pg=PA136. 
  26. Journal of Asian Civilisations. Taxila Institute of Asian Civilisations. 2001. https://books.google.com/books?id=JfhwAAAAMAAJ&q=Lahore+blacksmith+etymology. 
  27. Gazetteer of the Ferozpur District: 1883. 1883. https://books.google.com/books?id=VJwIAAAAQAAJ&pg=RA2-PA131. 
  28. Haroon Khalid. "How old is Lahore? The clues lie in a blend of historical fact and expedient legend". Dawn. https://www.dawn.com/news/1454665/. "A legend subsequently grew that connected the history of the city with Valmiki's Ramayana. According to this narrative, Valmiki lived on a mound on the banks of the Ravi when he hosted Ram's consort Sita after she was banished from Ayodhya. It is here that she gave birth Lav and Kush, the princes of Ayodhya, who later founded the twin cities of Lahore and Kasur." 
  29. Bombay Historical Society (1946). Annual bibliography of Indian history and Indology, Volume 4. p. 257. https://books.google.com/books?id=FAS2AAAAIAAJ&q=Lahore+Lavapuri. Retrieved 29 May 2009. 
  30. Baqir, Muhammad (1985). Lahore, past and present. B.R. Pub. Corp. pp. 19–20. https://books.google.com/books?id=-pAcAAAAMAAJ&q=Lahore+Lava. Retrieved 29 May 2009. 
  31. Nadiem, Ihsan H. (2005) (en ۾). Punjab: Land, History, People. Al-Faisal Nashran. ISBN 978-969-503-434-7. https://books.google.com/books?id=pyFuAAAAMAAJ&q=kasur.founded.mughal. 
  32. Nadiem, Ihsan N (2005). Punjab: land, history, people. Al-Faisal Nashran. p. 111. ISBN 9789695032831. https://books.google.com/books?id=pyFuAAAAMAAJ&q=Kasur+Kusha. Retrieved 29 May 2009. 
  33. Zamir, Sufia. "HERITAGE: THE LONELY LITTLE TEMPLE". DAWN.COM. حاصل ڪيل 27 April 2020. 
  34. Neville, p.xii
  35. Latif, Syad Muhammad (1892). Lahore: Its History, Architectural Remains and Antiquities: With an Account of Its Modern Institutions, Inhabitants, Their Trade, Customs, &c. Printed at the New Imperial Press. https://books.google.com/books?id=RWsTAAAAQAAJ&pg=PA352. 
  36. Charles Umpherston Aitchison (2002). Lord Lawrence and the Reconstruction of India Under the British Rule. Genesis Publishing Pvt Ltd. p. 54. ISBN 9788177551730. 
  37. 37.00 37.01 37.02 37.03 37.04 37.05 37.06 37.07 37.08 37.09 37.10 Bosworth, C. Edmund (2007). Historic Cities of the Islamic World. Brill. ISBN 978-9047423836. https://books.google.com/books?id=CgawCQAAQBAJ&pg=PA305. Retrieved 26 December 2017. 
  38. unknown author from Jōzjān (1937). Hudud al-'Alam, The Regions of the World: A Persian Geography, 372 A.H. – 982 A.D.. London: Oxford University Press. http://www.kroraina.com/hudud/. 
  39. Al-Hind, the Slave Kings and the Islamic Conquest, 11th–13th Centuries By André Wink
  40. "Dawn Pakistan – The 'shroud' over Lahore's antiquity". Dawn. Pakistan. حاصل ڪيل 15 March 2011. 
  41. Al-Hind, the Slave Kings and the Islamic Conquest, 11th–13th Centuries By André Wink PAGE 235
  42. Imperial Gazetteer of India, v. 16, p. 106.. https://dsal.uchicago.edu/reference/gazetteer/text.html?objectid=DS405.1.I34_V16_112.gif. Retrieved 27 December 2017. 
  43. Andrew Petersen (1996). Dictionary of Islamic Architecture. Routledge. p. 159. ISBN 978-0-415-06084-4. https://archive.org/details/dictionaryofisla00andr. 
  44. ".GC University Lahore". Gcu.edu.pk. وقت 8 September 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 March 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  45. James L. Wescoat; Joachim Wolschke-Bulmahn (1 January 1996). Mughal Gardens: Sources, Places, Representations, and Prospects. Dumbarton Oaks. p. 149. ISBN 978-0-88402-235-0. https://books.google.com/books?id=96ec98LieGsC&pg=PA149. 
  46. 46.0 46.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named modern
  47. Encyclopedia of Chronology: Historical and Biographical. Longmans, Green and Company. 1872. p. 590. https://archive.org/details/encyclopediaofch00wood. Retrieved 26 December 2017. "lahore 1152." 
  48. "Lahore" Encyclopædia Britannica
  49. "Once upon a time". Apnaorg.com. حاصل ڪيل 15 March 2011. 
  50. Mikaberidze, Alexander. "Conflict and Conquest in the Islamic World: A Historical Encyclopedia (2 volumes): A Historical Encyclopedia" ABC-CLIO, 22 July 2011 ISBN 978-1-59884-337-8 pp 269–270
  51. 51.0 51.1 51.2 51.3 Jackson, Peter (16 October 2003). The Delhi Sultanate: A Political and Military History. Cambridge University Press. ISBN 0521543290. https://books.google.com/books?id=lt2tqOpVRKgC&pg=PA309. Retrieved 27 December 2017. 
  52. Sadasivan, Balaji (14 August 2018). The Dancing Girl: A History of Early India. Institute of Southeast Asian Studies. ISBN 9789814311670. https://books.google.com/books?id=980SAvbmpUkC. 
  53. "isbn:8190891804 – Google Search". books.google.com. 
  54. Neville, p.xiii