مواد ڏانھن هلو

باب:درياهه ۽ نديون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پورٽل جي سار سنڀال جي حالت: (ڊسمبر، 2024)

  • هن پورٽل جا ذيلي صفحا هڪ ايڊيٽر طرفان چيڪ ڪيا ويا آهن ۽ ڏٺا ويا آهن ته ضرورت کان وڌيڪ نه آهن.
  • مھرباني ڪري تدوين ڪرڻ وقت احتياط ڪريو، خاص ڪري جيڪڏھن خودڪار ايڊيٽنگ سافٽ ويئر استعمال ڪريو.
ڪورونا وائرس مرض 2019 اسلام قرآن جاگرافي تاريخ رياضيات سائنس معاشرو طرزيات فلسفو مذهب بابن جي فهرست
PortalWikiProject RiversTalk page
باب:درياهه۽ نديون

تعارف

هڪ ٻيڙي ميڪونگ ندي تي ترندي

درياهه يا ندي هڪ قدرتي تازي پاڻيءَ جو وهڪرو آهي جيڪو پاڻيءَ جي ڪنهن ٻئي جسم ڏانهن گهٽ بلندي تي، جهڙوڪ سمنڊ يا ڍنڍ، زمين تي يا زمين جي هيٺان وهندو آهي. درياهه پنهنجي وهڪري جي پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان اڳ خشڪ ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ان ۾ پاڻي ختم ٿي وڃي يا صرف ڪجهه خاص موسمن ۾ وهندو هجي. درياهن کي پاڻي جي چڪر ذريعي منظم ڪيو ويندو آهي، اهو عمل جنهن جي ذريعي پاڻي ڌرتيء جي چوڌاري هلندو آهي. پاڻي پھريائين درياھن ۾ داخل ٿئي ٿو، چاھي برسات جي ذريعي، پاڻيءَ جو چشمو ڦاٽڻ سان، گليشيئرن يا برف جي پگھلڻ سان، يا ڌرتيءَ جي مٿاڇري ھيٺان آبي ذخيرن مان نڪرڻ سان. نديون وهندڙ واٽر ڪورسن ۾ وهن ٿيون ۽ سنگم ۾ ملن ٿيون ته جيئن نيڪال جو حوض ٺهي، اهي علائقا جتي مٿاڇري جو پاڻي آخرڪار هڪ عام رستا ڏانهن وهي ٿو. دريائن جو انهن جي آس پاس جي منظرنامي تي وڏو اثر آهي. اهي باقاعدگي سان انهن جي ڪنارن کي اوور فلو ڪري سگھن ٿا ۽ ڀرپاسي واري علائقي کي ٻوڏائي، ڀرپاسي واري علائقي ۾ غذائي مواد پکيڙي سگهن ٿا. درياهن مان وهندڙ تلاءُ يا آليويم ان جي آس پاس جي منظرنامي کي شڪل ڏئي ٿو، ڊيلٽا ۽ ٻيٽ ٺاهي ٿو جتي وهڪري سست ٿئي ٿو. درياءَ گهٽ ۾ گهٽ سڌي لڪير ۾ هلن ٿا، بجاءِ، اُهي موڙيندڙ يا اُڪريل آهن. درياهه جي ڪنارن جا هنڌ بار بار تبديل ٿي سگهن ٿا. درياءَ پنهنجو ٻوٽو ڦاٽڻ کان حاصل ڪندا آهن، جيڪي پٿر کي وادين ۾ آڻيندا آهن. دريائن انساني ۽ جانورن جي زندگي کي هزارين سالن تائين برقرار رکيو آهي، جن ۾ پهريان انساني تمدن شامل آهن. اهي جاندار جيڪي درياهه جي چوڌاري يا درياهه ۾ رهن ٿا جهڙوڪ مڇي، آبي ٻوٽا ۽ حشرات جا مختلف ڪردار آهن، جن ۾ نامياتي مادو ۽ اڳڪٿي کي پروسيس ڪرڻ شامل آهن. دريائن انسانن لاءِ ڪافي وسيلا پيدا ڪيا آهن، جن ۾ کاڌو، آمد و رفت، پيئڻ جو پاڻي ۽ تفريح شامل آهن. (مڪمل مضمون...)

چونڊيل مضمون

اڇڙي ۽ ناري جي ميداني پَٽ جي ڳنڍ تي، نارا ڪئنال جي آخري ريگيوليٽر فرش موري کان رڳو ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي شھر ڍوري ناري کان اڍائي ڪلوميٽر اُتر ۾ ان هاڪڙو ويلي جي هڪ قديم شھر کُڻهار جو ڀِڙو صدين کان موجود آھي، ساڳئي تاريخي وهڪري تي ٻين شھرن رتي ڪوٽ کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر هيٺ ۽ ڏکڻ، همير جي ڀڙي کان 10 ڪلوميٽر ۽ نهٽي کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر مٿي ۽ اتر ۾، اڇڙين ڀِٽن ۽ ساون فصلن ۽ انبن ۽ چڪوءَ جي باغن جي وچ ۾ موجود هن قديم شھر بابت هن کان اڳ ناليواري تاريخدان معمور يوسفاڻي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ مختصر ذڪر ڪيو آھي، رتي ڪوٽ ۽ نُھٽي جي آثارن جي زمين تي ايراضي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل هن شھر بابت سمجهيو وڃي ٿو ته هي ان هاڪڙو تهذيب جي قديم شھرن مان هڪ آھي، جيڪا هاڻوڪي اوڀر پنجاب، هريانا، اولھ پنجاب جي ڪجهه حصن ۽ سنڌ جي اوڀر واري ڀاڱي تي ٻڌل رهي آھي، جتان اهو درياءُ وهندو اچي ڪڇ جي رڻ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جيتوڻيڪ اهو درياءُ ته هاڻ زمين تي ناهي رهيو پر هاڪڙي جي ڄاڻايل ڊگهي دريائي وهڪري ۽ ان جي اوڀر ۾ هندستان جي ڇمبل ندي جي اولھ واري سموري خطي کي گڏي ڏسبو ته انهن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ راجستان جي تهذيبن جو هڪ گڏيل انڊلٺي رنگ نظر ايندو، هن خطي ۾ مسلمان، هندو، سک ۽ ڪجهه عيسائي مذهب کي مڃڻ وارا به رهن ٿا پر 4 مختلف مذهب هوندي به ضروري مذھبي رسمن ۽ روايتن کي ڇڏي باقي ٻيون ڪيتريون ئي ريتون رسمون حيرت انگيز حد تائين ساڳيون آھن. ماين جي پوشاڪ ۾ بدن تي ڀرت ڀريل گج ۽ هيٺ پَڙو، سون ۽ چاندي جا زيور ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون، چوڙين پائڻ سان مائي جي ازدواجي حيثيت جي سڃاڻپ به ساڳئي نموني ڪري سگهبي آھي. جڏھن ته هاڪڙي ۽ ڇمبل ندي جي ان وچ واري ڄاڻايل خطي ۾ پنجابي، سرائيڪي، بيڪانيري، جيسلميري، مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ ڪڇي سميت ٻولين جا ٻيا به ڪيترائي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، انهن تي غور ڪرڻ سان حيرت ٿئي ٿي جو انهن ۾ اڌو اڌ (اٽڪل 50 سيڪڙو) لفظ، لوڪ قصا، گيت، آکاڻيون ۽ چوڻيون به ساڳيون آھن ٻئي طرف شاديءَ جون رسمون، سوڻ ساٺ ۽ ٻيون ڪيتريون، هڪجڙايون ملن ٿيون.

سال 1941ع ۾ قديم آثارن جي ماهرن سر اورل اسٽين ۽ هينري فيلڊ جي اڳواڻي ۾ هاڪڙي جي تهذيب تي پهرين تحقيقي رٿا شروع ڪئي وئي هئي. هاڪڙي جي وهڪري جي ٻنهي پاسن تي 32 کان 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي اندر ان شاهوڪار هاڪڙا تهذيب جا اٽڪل 2400 اهڙا قديم آثار لڌا ويا آھن جن ۾ قلعا، ڪوٽ، شھر ۽ ٻيون آباديون شامل آھن، انهن ۾ ڪيترائي 2000 کان 2500 قبل مسيح واري دور جا به شامل آھن“

هندن جي ڌرمي ڪتاب رگ ويد ۾ جنهن سرسوتي ندي جو ذڪر ملي ٿو، ان کان سواءِ تاريخ ۾ گهگهر نالي هڪ ندي جو ذڪر ملي ٿو، روايتن موجب ھاڪڙي سميت اهي 3 مختلف نالن وارا درياءُ يا نديون مختلف دورن ۾ هن ئي خطي مان وهنديون رهيون آھن، جيڪي چولستان، اڇڙي ٿر ۽ انهن جي آس پاس وارن علائقن کي آباد رکنديون رهيون آھن پوءِ جڏھن اهي نديون سڪي ويون ته ان جي ڪنارن وارا علائقا چولستان ۽ ٿرن ۾ بدلجي ويا. هاڻوڪي دور ۾ نارا ڪئنال جي وهڪري کي انهن ندين جي ڦِٽل شڪل سمجهيو وڃي ٿو جيڪو سکر کان وهندو عمر ڪوٽ ضلعي جي ڍورو نارو شھر وٽ پنهنجي آخري ريگيوليٽر وٽ ختم ٿيڻ باوجود اتان هيٺ همير جي ڀڙي، نبي سر، نهٽي، ونگي پتڻ ۽ علي بندر وٽان اوڀر سنڌ جو دريائي ۽ برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڇڪيندو ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ٻيو ڏيکاريو

  1. آرنلڊ ندي
  2. ايمازون درياھہ
  3. ڊينيوب ندي
  4. رائن ندي
  5. زاب الڪبير
  6. زيمبيزي ندي
  7. ساڊو ندي
  8. سنڌو درياھ
  9. سنڌو ٽِڪور
  10. ڪابل ندي
  11. ڪنھار ندي
  12. گنگا ندي
  13. مسيسپي ندي
  14. نيل درياھہ
  15. يانگزي ندي
  16. ينيسي دریاھہ

چونڊيل اقتباس

چونڊيل تصوير

This stream operating together with its environment can be thought of as forming a river ecosystem.

عام تصويرون

ڊينيوب بوڊاپيسٽ، ھنگري ۾
ڪنڙ وادي، افغانستان م ڪنڙ ندي

نئين بيچ ڏيکاريو

هيٺيون تصويرون وڪيپيڊيا تي درياهه سان لاڳاپيل مختلف مضمونن مان آهن.
  • درياهه جو ماحولياتي نظام
  • مٿاهين ۽ هيٺاهين زمين
  • اڇو پاڻي
  • زير زمين درياهه

ڇا توهان کي خبر آهي...؟

لاڳاپيل پورٽل

چونڊيل پينوراما

موضوع

ذيلي زمرا

  1. ندين جي فهرست
  2. ڊگھائي جي لحاظ کان دريائن جي نظامن جي فهرست
  3. آرنلڊ ندي
  4. ايمازون درياھہ
  5. جھلم ندي
  6. چناب ندي
  7. ڊينيوب ندي
  8. رائن ندي
  9. راوي ندي
  10. زاب الڪبير
  11. زوب ندي
  12. زيمبيزي ندي
  13. ساڊو ندي
  14. ستلج ندي
  15. سنڌو درياھ
  16. سوات ندي
  17. ڪابل ندي
  18. ڪنھار ندي
  19. ڪولوراڊو ندي
  20. گنگا ندي
  21. مسوري ندي
  22. مسيسپي ندي
  23. نيل درياھہ
  24. نيلم ندي
  25. هڊسن ندي
  26. ھنزا ندي
  27. يانگزي ندي
  28. ينيسي دریاھہ

معياري مواد

ڪرڻ جون شيون

لاڳاپيل وڪيميڊيا

وڌيڪ پورٽل